متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 24 - Sindhi Bible1 پوءِ يسوع هيڪل مان نڪتو، ۽ پنهنجو رستو وٺيو پئي ويو، تہ سندس شاگرد کيس هيڪل جون عمارتون ڏيکارڻ لاءِ وٽس آيا. 2 پر هن ورندي ڏيئي چين تہ هي سڀ شيون اوهين ڏسو ٿا؟ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هتي پهڻ پهڻ تي نہ رهندو جو ڊاٺو نہ ويندو. 3 ۽ جڏهن هو زيتونن جي ٽڪر تي ويٺو هو، تڏهن شاگردن وٽس خلاصو اچي کيس چيو، تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون؟ ۽ تنهنجي اچڻ جي، ۽ دنيا جي پڄاڻيءَ جي ڪهڙي نشاني ٿيندي؟ 4 ۽ يسوع ورندي ڏيئي هنن کي چيو، تہ خبردار ٿجو، متان ڪو اوهان کي گمراهہ ڪري. 5 ڇالاءِ جو گهڻا ئي منهنجي نالي سان ايندا، ۽ چوندا تہ آئون مسيح آهيان، ۽ ڪيترن ئي کي گمراهہ ڪندا. 6 ۽ اوهين جنگين جون ڳالهيون، ۽ جنگين جا افواہ ٻڌندا: ڏسو، گهٻرائجي نہ وڃجو: ڇالاءِ جو اهي ڳالهيون ضرور ٿينديون؛ پر اڃا پڄاڻي نہ آئي آهي. 7 ڇوتہ قوم قوم تي، ۽ بادشاهت بادشاهت تي چڙهائي ڪندي؛ ۽ ڪيترن ئي هنڌ ڏڪار پوندا، ۽ زلزلا ٿيندا. 8 پر اهي سڀ ڳالهيون مصيبتن جي شروعات آهن. 9 انهيءَ وقت هو اوهان کي عذابن ڏيڻ لاءِ ٻين جي حوالي ڪندا، ۽ سڀ قومون منهنجي نالي ڪري اوهان سان عداوت رکنديون. 10 تڏهن گهڻا ئي گمراهہ ٿيندا، ۽ هڪ ٻئي کي جهلائيندا، ۽ هڪ ٻئي سان عداوت رکندا. 11 ۽ گهڻا ئي ڪوڙا نبي اُٿندا، ۽ ڪيترن ئي کي گمراهہ ڪندا. 12 ۽ بي ديني وڌي ويندي، تنهنڪري گهڻن جي محبت گهٽجي ويندي. 13 پر جيڪو توڙ تائين قائم رهندو سو ئي بچندو. 14 ۽ بادشاهت جي هن خوشخبريءَ جي منادي ساري دنيا ۾ ڪئي ويندي، تہ سڀني قومن جي لاءِ شاهدي ٿئي؛ تنهن کانپوءِ پڄاڻي ٿيندي. 15 تنهنڪري جڏهن اوهين ڏسو، تہ اُها ويران ڪندڙ ۽ بڇان ڏيندڙ شيءِ پاڪ جاءِ ۾ بيٺي آهي جنهن بابت داني ايل نبي چئي ويو آهي، (جيڪو پڙهي سو ڀلي سمجهي)، 16 تڏهن جيڪي يهوديہ ۾ هجن، سي جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن. 17 جيڪو کڏ تي هجي سو پنهنجي گهر مان سامان ڪڍڻ لاءِ هيٺ نہ لهي: 18 ۽ جيڪو ٻنيءَ ۾ هجي سو پنهنجو ڪپڙو کڻڻ لاءِ نہ موٽي. 19 پر افسوس آهي اُنهن لاءِ، جي پيٽ سان هونديون، ۽ اُنهن لاءِ، جن کي ٻار ٿڻن تي هوندا! 20 ۽ اوهين دعا گهرو تہ اوهان جو ڀڄڻ سياري ۾ نہ ٿئي، نڪي سبت جي ڏينهن ٿئي. 21 ڇالاءِ جو تڏهن وڏي مصيبت ايندي. اهڙي جا دنيا جي شروعات کان وٺي اڄ تائين ڪانہ آئي ۽ نہ ڪڏهن ايندي. 22 ۽ جيڪڏهن اُهي ڏينهن گهٽايا نہ وڃن ها تہ جيڪر ڪوبہ انسان نہ بچي ها، پر چونڊيلن جي خاطر اُهي ڏينهن گهٽايا ويندا. 23 سو جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان کي کڻي چوي تہ ڏسو، اِجهو مسيح هِتي آهي، يا اِجهو هُتي آهي تہ متان اعتبار ڪريو. 24 ڇالاءِ جو ڪوڙا مسيح، ۽ ڪوڙا نبي اُٿندا، ۽ وڏيون نشانيون ۽ عجب ڪم ڏيکاريندا؛ انهي لاءِ تہ جي ٿي سگهي تہ اُنهن چونڊيلن کي گمراهہ ڪن. 25 ڏسو، مون اوهان کي اڳيئي ٻُڌائي ڇڏيو آهي. 26 تنهنڪري جي هو اوهان کي چون، تہ ڏسو، هو رڻ پٽ ۾ آهي، تہ متان ٻاهر نڪتا آهيو. جي چون تہ ڏسو، هو اندرين ڪوٺين ۾ آهي، تہ متان اعتبار ڪريو. 27 ڇالاءِ تہ جيئن وڄ اُڀرندي کان کنوندي الهندي تائين چمڪاٽ ڪندي آهي، تيئن ابن آدم جو بہ اچڻ ٿيندو. 28 جتي ڍونڍ هوندو، ڳِجهون بہ اُتي ئي گڏ ٿينديون. 29 پر انهن ڏينهن جي مصيبت کانپوءِ هڪدم سج اونداهو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشني نہ ڏيندو، ۽ تارا آسمان مان ڪِري پوندا، ۽ آسمان جون طاقتون لُڏي وينديون. 30 ۽ اُنهي وقت ابن آدم جي نشاني آسمان ۾ ظاهر ٿيندي: ۽ اُنهي مهل زمين جون سڀ قومون افسوس ڪنديون، ۽ اُهي ابن آدم کي قدرت ۽ وڏي شان ۽ شوڪت سان آسمان جي ڪڪرن ۾ ايندو ڏسنديون. 31 ۽ هو تُريءَ جي وڏي آواز سان پنهنجا ملائڪ موڪليندو، ۽ اُهي آسمان جي هڪڙيءَ حد کان ٻيءَ حد تائين چئني ڪنڊن مان هن جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪندا. 32 هاڻي انجير جي وڻ مان سندس مثال سکو: جڏهن هن جي ٽاري نرم ٿي آهي ۽ پن ٿي ڪڍي، تڏهن اوهان کي خبر ٿي پوي تہ اونهارو ويجهو آهي. 33 ساڳيو انهيءَ طرح جڏهن هي سڀ ڳالهيون ڏسو، تڏهن اوهين بہ ڄاڻجو تہ هو ويجهو آهي، ڄڻ تہ در تي اچي بيٺو آهي. 34 آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جيسين هي سڀ ڳالهيون پوريون نہ ٿينديون، تيسين هيءَ پيڙهي گذري نہ ويندي. 35 آسمان ۽ زمين ٽري ويندا، پر منهنجو ڪلام ڪڏهن ڪين ٽرندو. 36 پر اُنهي ڏينهن يا گهڙيءَ جي ڪنهن کي بہ خبر ڪانهي، نڪا آسمان جي ملائڪن کي، نہ پٽ کي، پر رڳو پيءُ کي آهي. 37 ۽ جيئن نوح جي ڏينهن ۾ ٿيو، تيئن ابن آدم جو بہ اچڻ ٿيندو. 38 ڇالاءِ جو جيئن ٻوڏ کان اڳ وارن ڏينهن ۾ ماڻهو کائيندا پيئندا هئا، ۽ پرڻبا ۽ پرڻائيندا هئا، جيسين ڪ اُهو ڏينهن آيو، جڏهن نوح ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو، 39 ۽ جيسين ڪ ٻوڏ آئي ۽ انهن سڀني کي لوڙهي ويئي، تيسين انهن کي خبر ڪانہ هئي، تيئن ابن آدم جو بہ اچڻ ٿيندو. 40 اُنهي وقت ٻہ ڄڻا ٻنيءَ ۾ هوندا؛ هڪڙو کڄي ويندو ۽ ٻيو رهجي ويندو. 41 ٻہ زالون ويٺيون جنڊ پيهنديون؛ هڪڙي کڄي ويندي، ۽ ٻي رهجي ويندي. 42 تنهنڪري سجاڳ رهجو؛ ڇالاءِ جو اوهان کي خبر ڪانهي تہ ڪهڙي ڏينهن اوهان جو خداوند ايندو. 43 پر هيترو ڄاڻجو تہ جيڪڏهن گهر جي مالڪ کي خبر هجي ها تہ ڪهڙي پهر ۾ چور ايندو تہ جيڪر هو سجاڳ رهي ها، ۽ پنهنجي گهر کي کاٽ لڳڻ نہ ڏئي ها. 44 تنهنڪري اوهين بہ تيار رهو، ڇالاءِ جو جنهن گهڙيءَ جو اوهان کي خيال ئي ڪونہ هوندو، اُنهيءَ ۾ ابن آدم ايندو. 45 تڏهن اُهو ايماندار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس ڌڻي پنهنجن نوڪرن چاڪرن جي مٿان رکي وڃي، تہ انهن کي مهل سر کاڌو پيتو رسائي؟ 46 مبارڪ آهي اُهو نوڪر، جنهن کي سندس ڌڻي جڏهن اچي، تڏهن ائين ڪندو ڏسي. 47 آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هو هن کي پنهنجي ساريءَ ملڪيت جو مختيار ڪندو. 48 پر جيڪڏهن اُهو خراب نوڪر پنهنجي دل ۾ چوندو، تہ منهنجي ڌڻيءَ اچڻ ۾ دير ڪئي آهي؛ 49 ۽ پنهنجن هم شريڪ نوڪرن کي مارڻ ڪُٽڻ لڳندو، ۽ شرابين سان گڏ کائيندو پيئندو؛ 50 تہ انهي نوڪر جو ڌڻي اهڙي ڏينهن اچي سهڙندو، جنهن جو هن کي خيال بہ ڪونہ هوندو، ۽ هو اهڙيءَ گهڙيءَ ۾ ايندو، جنهن جي هن کي خبر ئي ڪانہ هوندي. 51 ۽ انهي کي سخت عذاب ڏيئي، کيس رياڪارن سان شامل ڪندو: ۽ اتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society