متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 20 - Sindhi Bible1 ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت ڪنهن گهر جي مالڪ مثل آهي، جو صبح جو سوير اُنهي لاءِ ٻاهر نڪتو تہ پنهنجي ڊاک جي باغ ۾ ڪمين کي بيهاري. 2 ۽ جڏهن هنن سان اها ٻول ڪري چڪو تہ هڪ دينار روز ڏيندوسانوَ، تڏهن کين پنهنجي ڊاک جي باغ ۾ موڪليائين. 3 ۽ پهر کن کانپوءِ، هو ٻاهر نڪتو ۽ ٻين کي بازار ۾ نڪمو بيٺل ڏٺائين: 4 ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين بہ ڊاک جي باغ ۾ وڃو، ۽ جيڪي حق هوندو سو آئون اوهان کي ڏيندس، ۽ اُهي ويا. 5 ۽ وري ٻئي ۽ ٽئين پهر ٻاهر ويو، ۽ اڳي وانگر ڪيائين. 6 پوءِ جڏهن سج لهڻ ۾ ڪلاڪ کن باقي هو، تڏهن ٻاهر ويو، ۽ ڏٺائين تہ ٻيا بہ بيٺا آهن، ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين هتي سڄو ڏينهن ڇو نڪما ٿيا بيٺا آهيو؟ 7 هنن چيس تہ ڇالاءِ جو اسان کي پورهئي تي ڪنهن ڪين بيهاريو آهي. هن چين تہ اوهين بہ ڊاک جي باغ ۾ وڃو. 8 ۽ جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن ڊاک جي باغ جي مالڪ پنهنجي ڪمدار کي چيو تہ ڪمين کي سڏي پوئين کان وٺي پهرئين تائين کين مزوري ڏي. 9 جڏهن اُهي آيا جن ڪلاڪ کن ڪم ڪيو هو، تڏهن انهن مان هڪڙي هڪڙي کي دينار مليو. 10 ۽ جيڪي پهريان آيا هئا، تن ڀانئيو تہ اسان کي زيادہ ملندو، پر انهن مان هرهڪ کي هڪڙو هڪڙو دينار مليو. 11 ۽ جڏهن انهن کي بہ اوترو ئي مليو، تڏهن ڪُرڪي گهر جي مالڪ کي چوڻ لڳا تہ 12 اسان جن سڄو ڏينهن پورهيو ڪيو ۽ اُس سَٺي، تن کي تو هنن پوئين جي برابر ڪيو آهي، جن فقط هڪڙو ڪلاڪ ڪم ڪيو. 13 پر هن انهن مان هڪڙي کي ورندي ڏيئي چيو، تہ ميان، آئون توسان ظلم ڪونہ ٿو ڪريان: تو مون سان هڪ دينار جي ٻول ڪين ڪئي هئي ڇا؟ 14 جيڪي تنهنجو حق آهي، سو وٺي روانو ٿيءُ؛ منهنجي مرضي آهي تہ هن پوئين کي بہ تو جيترو ڏيان. 15 مون کي اهو حق ڪونهي ڇا تہ پنهنجي پئسي سان جيئن وڻيم تيئن ڪريان؟ ڇالاءِ جو آئون ڀلو آهيان، تنهنڪري تون برو ٿو سمجهين ڇا؟ 16 انهي طرح پويان پهريان ٿيندا، ۽ پهريان پويان. 17 ۽ يسوع يروشلم ڏانهن ويندي رستي ۾ انهن ٻارهن شاگردن کي خلاصو وٺي ويو ۽ چيائين، 18 تہ ڏسو، اسين يروشلم ڏانهن ٿا هلون؛ ۽ ابن آدم سردار ڪاهنن ۽ فقيهن جي حوالي ڪيو ويندو، ۽ اُهي مٿس موت جي فتويٰ جاري ڪندا، 19 ۽ هو غير قومن جي حوالي ڪيو ويندو، جي ساڻس ٺٺوليون ڪندا، ۽ کيس چهبڪ هڻندا، ۽ صليب تي چاڙهيندا، ۽ ٽئين ڏينهن هو جيئرو ٿي اُٿندو. 20 تنهن کانپوءِ زبديءَ جي پٽن جي ماءُ پنهنجن پٽن سميت وٽس آئي ۽ پيرين پئي هن کي عرض ڪرڻ لڳي. 21 ۽ هن چيس تہ توکي ڇا گهرجي؟ هن عرض ڪيس، تہ حڪم ڪر تہ تنهنجي بادشاهت ۾ هنن منهنجن ٻن پٽن مان هڪڙو تنهنجي سڄي پاسي ويهي، ۽ ٻيو تنهنجي کٻي پاسي. 22 پر يسوع ورندي ڏيئي چيو، تہ اوهان کي خبر ڪانہ ٿي پوي تہ ڇا ٿا گهرو؛ جيڪو پيالو آئون پيئڻ وارو آهيان، تنهن جي پيئڻ جي اوهان کي طاقت آهي؟ هنن چيس تہ هائو، اسان کي طاقت آهي. 23 هن چين تہ مون وارو پيالو بيشڪ اوهين پيئندا، پر منهنجي ساڄي پاسي يا کاٻي پاسي ويهارڻ، سو منهنجي اختيار ۾ نہ آهي، پر اُهو انهن ئي جي لاءِ آهي جن لاءِ منهنجي پيءُ اُهو تيار ڪيو آهي. 24 ۽ جڏهن انهن ڏهن ڄڻن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو هنن ٻنهي ڀائرن تي اچي ڪاوڙيا. 25 پر يسوع پاڻ وٽ سڏي چين تہ اوهان کي خبر آهي تہ جيڪي غير قومن جا سردار آهن، سي اُنهن تي حڪم ٿا هلائين، ۽ سندن امير مٿن اختياري ٿا هلائين. 26 پر اوهان ۾ ائين نہ ٿيندو: بلڪ جيڪو اوهان ۾ وڏو ٿيڻ گهري، سو اوهان جو خادم ٿيندو؛ 27 پر جيڪو اوهان مان پهريون ٿيڻ چاهي سو اوهان جو غلام ٿيندو؛ 28 جهڙيءَ طرح ڪ ابن آدم انهي لاءِ ڪونہ آيو تہ سندس خدمت ٿئي، پر انهي لاءِ تہ پاڻ خدمت ڪري، ۽ گهڻن جي بدران پنهنجي جان قربان ڪري. 29 ۽ جڏهن هو يريحو مان ٻاهر نڪتا، تڏهن وڏو ميڙاڪو پٺيانئس اچڻ لڳو. 30 ۽ ڏسو، ٻہ انڌا جي رستي جي ڀر ۾ ويٺا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ يسوع ٿو لنگهي، تڏهن رڙ ڪري چوڻ لڳا تہ اي خداوند، ابن دائود، اسان تي رحم ڪر. 31 تنهن تي ماڻهن ڇڙٻ ڏيئي چين، تہ ماٺ ڪريو: پر هو پاڻ وڏو واڪو ڪري چوڻ لڳا تہ اي خداوند، ابن دائود، اسان تي رحم ڪر. 32 ۽ يسوع بيهي رهيو ۽ کين سڏي چيائين تہ آئون اوهان جي لاءِ ڇا ڪريان؟ 33 هنن چيس تہ اي خداوند، اسان جون اکيون کُلي پون. 34 ۽ يسوع کي رحم آيو ۽ هنن جي اکين کي هٿ لاتائين: تہ يڪدم هو ڏسڻ وائسڻ لڳا، ۽ اُٿي سندس پٺيان هليا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society