متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 16 - Sindhi Bible1 ۽ فريسي ۽ صدوقي آيا، ۽ آزمودي وٺڻ لاءِ چيائونس تہ اسان کي ڪا آسمان مان نشاني ڏيکار. 2 پر هن ورندي ڏيئي چين، تہ جڏهن سانجهيءَ جو آسمان ڳاڙهو ٿو ٿئي، تڏهن اوهين چئو ٿا تہ ڏينهن صاف ٿيندو: 3 ۽ جڏهن صبح جو ٿو ٿئي تہ چئو ٿا تہ اڄ مينهن پوندو: اوهان کي خبر پوي ٿي تہ آسمان جون نشانيون ڪيئن سهي ڪجن؛ پر زماني جون نشانيون سهي ڪري نٿا سگهو. 4 هن زماني جا خراب ۽ زناڪار ماڻهو نشاني ٿا گهرن، پر اُنهن کي يوناہ واري نشانيءَ کانسواءِ ٻي ڪابہ نشاني ڏيڻ ۾ نہ ايندي. ائين چئي هو کين ڇڏي هليو ويو. 5 ۽ شاگرد هن پار ويا، پر ماني کڻڻ وسري وين. 6 پوءِ يسوع چين تہ خبردار ٿجو، فريسين ۽ صدوقين جي خمير کان پاڻ سنڀالجو. 7 ۽ هو پاڻ ۾ بحث ڪري چوڻ لڳا تہ اسان ماني ڪانہ آندي آهي، تنهنڪري ائين ٿو چوي. 8 يسوع اها ڳالهہ سهي ڪري چيو، تہ اي ڪم اعتقادو، اوهين پاڻ ۾ ڇو ٿا تڪرار ڪريو، تہ اسان وٽ ماني ڪانهي؟ 9 اڃا سمجهہ نٿي پئيوَ، ۽ اُهي پنجن هزارن ماڻهن واريون پنج مانيون اوهان کي ياد ڪينهن؟ ۽ اوهان ڪيتريون کاريون ڀري کنيون؟ 10 نڪي چئن هزار ماڻهن واريون ست مانيون ياد اٿوَ تہ ڪيترا کارا کنيوَ؟ 11 ڪهڙو سبب آهي جو اوهين نٿا سمجهو تہ مون اوهان کي مانيءَ بابت ڪين چيو؟ پر هيئن چيم تہ فريسين ۽ صدوقين جي خمير کان سنڀالجو؟ 12 تڏهن هنن کي سمجهہ ۾ آيو تہ هن کين مانيءَ جي خمير کان نہ، پر فريسين ۽ صدوقين جي تعليم کان خبردار رهڻ لاءِ ٿي چيو. 13 هاڻي جڏهن يسوع قيصريہ فلپي جي علائقي ۾ آيو، تڏهن پنهنجن شاگردن کان پڇيائين، تہ ماڻهو ڇا ٿا چون تہ ابن آدم ڪير آهي؟ 14 هنن چيو تہ ڪي چون ٿا تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو آهي، ڪي ايلياهہ، ۽ ٻيا ٿا چون تہ يرمياهہ، يا نبين مان ڪو هڪڙو. 15 هن کين چيو، پر اوهين ڇا ٿا چئو تہ آئون ڪير آهيان؟ 16 ۽ شمعون پطرس ورندي ڏيئي چيو تہ تون مسيح، زندہ خدا جو فرزند آهين. 17 ۽ يسوع وراڻي ڏيئي چيس، تہ اي شمعون بار يوناهہ، تون مبارڪ آهين: ڇالاءِ جو گوشت ۽ رت نہ، پر منهنجو پيءُ جو آسمان ۾ آهي، تنهن توکي ظاهر ڪري ڄاڻايو آهي. 18 ۽ آئون بہ توکي ٿو چوان تہ تون پطرس آهين، ۽ هن ٽڪر تي آئون پنهنجي ڪليسيا اڏيندس؛ ۽ اُها دوزخ جي دروازن تي غالب پوندي. 19 آئون توکي آسمان جي بادشاهت جون ڪنجيون ڏيندس، ۽ جيڪي تون زمين تي ٻڌندين سو آسمان ۾ ٻڌبو، ۽ جيڪي تون زمين تي ڇوڙيندين سو آسمان ۾ ڇوڙيو ويندو. 20 تڏهن هن شاگردن کي تاڪيد ڪري چيو تہ اوهين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي متان چئو تہ هي مسيح آهي. 21 انهي وقت کان وٺي يسوع پنهنجي شاگردن کي ٻڌائڻ لڳو تہ ضرور آهي تہ آئون يروشلم ۾ وڃان، ۽ بزرگن ۽ سردار ڪاهنن ۽ فقيهن جي هٿان گهڻيون سختيون سهان، ۽ ماريو وڃان، ۽ ٽئين ڏينهن جي اُٿان. 22 ۽ پطرس هن کي پاسي تي وٺي ڇينڀي چوڻ لڳو تہ اي خداوند، خدا خير ڪري، تو سان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو. 23 پر هن ڦري پطرس کي چيو تہ اي شيطان، منهنجي اڳيان ٽر: تون مون کي گمراهہ ٿو ڪرين: ڇالاءِ جو توکي خدا جي ڳالهين جو فڪر ڪونهي، پر فقط ماڻهن جو فڪر اٿيئي. 24 تڏهن يسوع پنهنجن شاگردن کي چيو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجي پٺيان اچڻ گهري، تہ پنهنجي خوديءَ کي ماري، ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان اچي. 25 ڇالاءِ جو جيڪو ڀانئين تہ پنهنجي جان بچايان، سو اُها وڃائيندو: ۽ جيڪو منهنجي واسطي پنهنجي جان وڃائيندو، تنهن کي اُها ملندي. 26 ڇو تہ ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڇا حاصل ٿيندو جو هو سڄي دنيا هٿ ڪري ۽ پنهنجي جان وڃائي؟ يا ماڻهو پنهنجي جان جي عيوض ڇا ڏيندو؟ 27 ڇالاءِ جو جڏهن ابن آدم پنهنجي پيءُ جي جلال ۾ پنهنجن ملائڪن سان گڏ ايندو، تڏهن هو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس ڪمن موجب اجر ڏيندو. 28 ۽ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هتي جيڪي بيٺا آهن، تن مان ڪي اهڙا آهن جي جيسين ابن آدم کي سندس بادشاهت ۾ ايندو نہ ڏسندا، تيسين موت جو مزو نہ چکندا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society