متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11 - Sindhi Bible1 ۽ هيئن ٿيو جو جڏهن يسوع پنهنجن ٻارهن شاگردن کي حڪم ڏيئي چڪو، تڏهن اُتان روانو ٿيو، تہ وڃي سندن شهرن ۾ تعليم ڏيئي ۽ منادي ڪري. 2 هاڻي جڏهن يوحنا قيدخاني ۾ ٻڌو تہ مسيح ڪهڙا ڪم پيو ڪري، تڏهن پنهنجن شاگردن جي معرفت کيس چوائي موڪليائين، 3 تہ جيڪو اچڻ وارو آهي سو تون آهين يا اسين ڪنهن ٻئي جي واٽ ڏسون؟ 4 ۽ يسوع کين ورندي ڏيئي چيو، تہ جيڪي ٻُڌو ۽ ڏسو ٿا، سو وڃي يوحنا کي ٻڌايو: 5 تہ انڌا ڏسي ٿا سگهن، منڊا هلن ٿا، ڪوڙهيا ڇُٽي صاف ٿا ٿين، ٻوڙا ٻُڌن ٿا، مئل جي ٿا اُٿن، ۽ غريبن کي خوشخبري ٿي ٻڌائجي. 6 ۽ مبارڪ آهي اُهو جيڪو منهنجي ڪري گمراهہ نٿو ٿئي. 7 ۽ جڏهن اُهي هليا ويا، تڏهن يسوع خلق کي يوحنا بابت چوڻ لڳو تہ اوهين رڻ پٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا هڪڙو ڪانو جو هوا ۾ پئي لُڏيو؟ 8 پر اوهين ڇا ڏسڻ لاءِ ويا هئا؟ ڇا اُنهيءَ ماڻهوءَ کي جنهن کي اُچا ڪپڙا پيل آهن؟ ڏسو، جيڪي اُچا ڪپڙا ٿا پهرين، سي بادشاهن جي گهرن ۾ ٿا رهن. 9 پر اوهين ڇو ويا هئا؟ ڪنهن نبيءَ کي ڏسڻ لاءِ ڇا؟ هائو، آئون اوهان کي چوان ٿو تہ نبيءَ کان بہ وڏي کي. 10 هي اُهو آهي جنهن جي بابت لکيل آهي تہ ”ڏس، آئون پنهنجي پيغمبر کي توکان اڳ ۾ ٿو موڪليان، جو تنهنجو رستو تنهنجي اڳيان تيار ڪندو.“ 11 آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جيڪي زال ذات مان ڄاوا آهن، تن منجهان ڪوبہ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري کان وڏو پيدا نہ ٿيو آهي: انهي هوندي بہ آسمان جي بادشاهت ۾ جيڪو ننڍو آهي سو اُنهي کان وڏو آهي. 12 ۽ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي ڏينهن کان وٺي هن وقت تائين آسمان جي بادشاهت تي زبردستي پيئي ٿئي، ۽ زبردست ماڻهو اُنهيءَ کي زور سان ٿا وٺن. 13 ڇالاءِ جو سڀني نبين ۽ توريت يوحنا تائين نبوت ڪئي. 14 ۽ جيڪڏهن اوهين مڃيو ٿا، تہ اهو ايلياہ اٿوَ، جو اچڻ وارو هو. 15 جنهن کي ٻُڌڻ لاءِ ڪَن آهن سو ٻڌي. 16 پر هن زماني جي ماڻهن جي آئون ڪنهن سان ڀيٽ ڪريان؟ هو اُنهن ٻارن جهڙا آهن جي بازارن ۾ ويهي پنهنجن سنگتين کي سڏي ٿا چون، 17 تہ اسان اوهان لاءِ شرنائي وڄائي، پر اوهين نچيا ئي ڪين؛ اسان ماتم ڪيو پر اوهان رُنو پِٽيو ئي ڪين. 18 ڇالاءِ جو يوحنا نڪي کائيندو آيو نڪي پيئندو آيو، ۽ ماڻهو چون ٿا تہ هن ۾ ڀوت آهي. 19 ابن آدم کائيندو پيئندو آيو، ۽ ماڻهو چون ٿا تہ ڏسو پيٽير ۽ شرابي، محصولي ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن جو دوست! پر ڏاهپ پنهنجن ڪمن جي ڪري سچي ثابت ٿي ٿئي. 20 تنهن کانپوءِ جن شهرن ۾ هن گهڻا معجزا ڪيا هئا، تن کي ڏوراپو ڏيڻ لڳو، ڇالاءِ جو هنن توبهہ نہ ڪئي هئي. 21 افسوس توتي اي خورازين! افسوس توتي اي بيت صيدا! ڇالاءِ جو جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ها، تہ جيڪر هن کان گهڻو اڳي هو کٿو ڍڪي ۽ رک لائي توبهہ ڪن ها. 22 تڏهن بہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ عدالت جي ڏينهن صور ۽ صيدا لاءِ اُها گهڙي اوهان کان وڌيڪ سولي ٿيندي. 23 اي ڪفرناحوم، تون آسمان تائين چاڙهيو ويندين ڇا؟ تون هيٺ مئلن جي عالم ۾ لهي اچي پوندين، ڇالاءِ جو جيڪي معجزا تو ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن سدوم ۾ ڪيا وڃن ها تہ جيڪر اڄ تائين اُهو قائم رهي ها. 24 تڏهن بہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ عدالت جي ڏينهن سدوم جي ملڪ لاءِ اُها گهڙي توکان وڌيڪ سولي ٿيندي. 25 انهي مهل يسوع ورندي ڏيئي چوڻ لڳو، تہ اي بابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ، آئون تنهنجو شڪرگذار آهيان، جو تو هي ڳالهيون ڏاهن ۽ سمجهہ وارن کان ڳجهيون رکيون آهن، ۽ ٻارڙن کي ظاهر ڪري ڏنيون اٿيئي، 26 هائو، بابا، ڇالاءِ جو تنهنجي نظر ۾ ائين چڱو آيو. 27 منهنجي پيءُ سڀ ڪجهہ مون کي سونپي ڇڏيو آهي، ۽ پٽ کي پيءُ کانسواءِ ڪوبہ ڪونہ ٿو سڃاڻي؛ نڪي ڪو پيءُ کي پٽ کانسواءِ ٿو سڃاڻي، ۽ اُنهي کانسواءِ جنهن کي پٽ اهو ظاهر ڪرڻ گهري. 28 اوهين مڙيئي جي پورهيو ٿا ڪريو ۽ وڏي بار هيٺ دٻيا پيا آهيو، سي مون وٽ اچو، تہ آئون اوهان کي آرام ڏيندس. 29 منهنجي پاڃاري پاڻ تي کڻو، ۽ مون کان سکو؛ ڇالاءِ جو آئون دل جو حليم ۽ نماڻو آهيان، ۽ اوهان جي روح کي آرام ملندو. 30 ڇالاءِ جو منهنجي پاڃاري سولي آهي، ۽ منهنجو بار هلڪو آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society