ملاڪيءَ 1 - Sindhi Bible1 خداوند وٽان ملاڪيءَ جي معرفت اسرائيل جي لاءِ نبوت جو بار. 2 خداوند ٿو فرمائي، تہ مون اوهان سان محبت رکي، پر تڏهن بہ اوهين ٿا چئو تہ تو ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ اسان سان محبت رکي آهي؟ خداوند ٿو فرمائي، تہ عيسو يعقوب جو ڀاءُ نہ هو ڇا؟ تہ بہ مون يعقوب سان محبت رکي؛ 3 ۽ عيسوءَ سان نفرت ڪئي، ۽ سندس جبلن کي ويران ڪري ڇڏيم، ۽ سندس ميراث جهنگ جي گدڙن کي ڏيئي ڇڏيم. 4 هاڻي جيڪڏهن ادوم چوي تہ اسين سُڃا ٿي ويا آهيون، پر وري موٽي اچي ويران جڳهن کي اڏينداسين؛ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن هو اڏيندا تہ بہ آءٌ ڊاهي ڇڏيندس: ۽ ماڻهو انهن کي شرارت جي حد سڏيندا، يعني اُها قوم جنهن تي خداوند هميشہ غضبناڪ آهي. 5 ۽ اوهان جون اکيون ڏسنديون، ۽ اوهين چوندا تہ خداوند جي وڏائي اسرائيل جي حد کان ٻاهر تائين ظاهر ٿي آهي. 6 لشڪرن جو خداوند اوهان کي ٿو فرمائي، تہ اي منهنجي بي ادبي ڪندڙ ڪاهن! پٽ پنهنجي پيءُ جي، ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ جي عزت ٿو ڪري، پوءِ جي آءٌ ابو آهيان تہ منهنجي عزت ڪٿي آهي؟ ۽ جي آءٌ مالڪ آهيان تہ منهنجي تعظيم ڪٿي آهي؟ پوءِ بہ اوهين چئو ٿا تہ اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ تنهنجي نالي جي بي ادبي ڪئي آهي؟ 7 اوهين منهنجي قربانگاهہ تي ناپاڪ ماني ٿا چاڙهيو، ۽ چئو ٿا تہ اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ توکي ناپاڪ ڪيو آهي؟ انهيءَ ڳالهہ ۾ جو چئو ٿا تہ خداوند جي ميز نفرتي آهي. 8 لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جڏهن اوهين انڌن جي قرباني ٿا چاڙهيو، تہ اُها ڪا بڇڙائي ناهي! يا جڏهن منڊي يا بيمار جي قرباني ٿا چاڙهيو، تہ انهي ۾ ڪا برائي ڪانهي! هاڻي اهي قربانيون کڻي پنهنجي حاڪم کي ڏي، تہ هو تو مان راضي ٿيندو ڇا؟ يا توکي قبول ڪندو ڇا؟ 9 ۽ هاڻي اچو تہ خداوند کي مڃايون، تہ هو اسان تي مهربان ٿئي: اهو ئي اوهان جو ڊول ٿي رهيو آهي، ۽ هو اوهان کي قبول ڪندو ڇا؟ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي. 10 شل اوهان منجهہ ڪو اهڙو هجي، جو دروازا بند ڪري ڇڏي، تہ اوهين منهنجي قربانگاهہ تي اجائي باهہ نہ ٻاريو! لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان تي راضي نہ آهيان، ۽ نڪي آءٌ اوهان جي هٿان نذرانو قبول ڪندس. 11 ڇالاءِ جو صبح کان وٺي شام تائين قومن ۾ منهنجي نالي جي وڏائي ٿي ٿئي؛ ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ سڀ ڪنهن جاءِ تي منهنجي لاءِ خوشبوءِ ٿا چاڙهين ۽ پاڪ نذرانا ٿا آڻين، ڇالاءِ جو قومن ۾ منهنجو نالو عظيم آهي. 12 پر اوهين اُنهيءَ جي بي ادبي ٿا ڪريو، جو چئو ٿا تہ خداوند جي ميز ناپاڪ آهي، ۽ انهي جو ڦل يعني انهي جو گوشت نفرتي آهي. 13 ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين ائين بہ ٿا چئو تہ ڏس هيءَ ڪهڙي بيزار ڪندڙ شيءِ آهي! ۽ اوهان اُنهيءَ تي نڪ موڙيو آهي؛ اوهان لُٽ جو مال، منڊو ۽ بيمار نذرانو ڪري آندو آهي: ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ اهو آءٌ اوهان جي هٿان وٺندس ڇا؟ 14 پر لعنت آهي اُنهيءَ دغاباز تي، جنهن جي گلي ۾ نر هوندي بہ هو خداوند جي لاءِ عيب واري جانور جي مڃت مڃي اُها قربان ٿو ڪري: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ وڏو بادشاهہ آهيان، ۽ منهنجو نالو قومن ۾ مهيب آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society