Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

لاوي سرشتو 6 - Sindhi Bible

1 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ

2 جيڪڏهن ڪو ماڻهو گناهہ ڪري، ۽ خداوند جي برخلاف هي قصور ڪري، يعني ڪنهن امانت ۾، يا سودي ۾ پنهنجي پاڙيسري سان ڪپت ڪري، يا انهي جي ڪا شيءِ ڦري وٺي، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ سان ڪو ظلم ڪري؛

3 يا ڪا گم ٿيل شيءِ لڀي ۽ انهيءَ ۾ ڪپت ڪري، يا ڪوڙو قسم کڻي؛ يعني انهن سڀني مان ڪنهن هڪڙي جي ڪرڻ ڪري گنهگار ٿئي:

4 تہ پوءِ هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن هن گناهہ ڪيو هجي، ۽ ڏوهاري ٿيو هجي، تہ جيڪي ڦريو هجيس، يا جيڪي ظلم سان ورتو هجيس، يا جيڪا امانت وٽس رکيل هجي، يا جيڪا گم ٿيل شيءِ لڌي هجيس، سا موٽائي ڏئي، ۽ انهي جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي:

5 يا جنهن شيءِ بابت ڪوڙو قسم کنيو هجيس؛ سا ذري پرزي موٽائي ڏئي، ۽ انهيءَ جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي: جنهن ڏينهن هو ڏوهاري ٺهرايو وڃي، انهي ڏينهن، جنهن ماڻهوءَ جي اها شيءِ هجي، تنهن کي موٽائي ڏئي.

6 ۽ هو پنهنجي خطا جي قربانيءَ لاءِ، ڌڻ مان هڪڙو بي عيب گهٽو خداوند جي حضور ۾ آڻي، جنهن جي قيمت تنهنجي انداز موجب هجي، ۽ اهو خطا جي قرباني طور ڪاهن وٽ وٺي اچي:

7 ۽ ڪاهن هن جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ جنهن ڪم جي ڪرڻ ڪري، هو ڏوهاري ٿيو هوندو تنهن جي نسبت ۾ هن کي معافي ملندي.

8 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ

9 هارون ۽ سندس پٽن کي حڪم ڪري چئُہ تہ سوختني قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي: يعني تہ سوختني قرباني، ساري رات ويندي صبح تائين قربانگاهہ تي آتشدان جي مٿان رکي رهي؛ ۽ قربانگاهہ جي باهہ ان ۾ ٻرندي رهي.

10 ۽ ڪاهن پنهنجي سڻيءَ جي پوشاڪ پائي، ۽ سڻيءَ جي سٿڻ بت تي ڍڪي؛ ۽ سوختني قرباني جا قربانگاهہ جي باهہ ۾ سڙي رک ٿي ويئي هجي، اها رک هو کڻي قربانگاهہ جي پاسي تي وجهي.

11 پوءِ هو پنهنجا اهي ڪپڙا لاهي ٻيا پائي، ۽ قربانگاهہ وٽان اها رک ڪنهن صاف جاءِ تي کڻي وڃي.

12 قربانگاهہ تي باهہ ٻرندي رهي، ۽ اها ڪڏهن بہ وسائي نہ وڃي؛ ۽ ڪاهن هر روز صبح جو انهيءَ تي ڪاٺيون ٻاري: ۽ انهن تي سوختني قرباني ٺاهي رکي، ۽ انهيءَ جي مٿان سلامتيءَ جي قرباني جي چرٻي ساڙي.

13 قربانگاهہ تي باهہ هميشہ ٻرندي رهي، ۽ اها ڪڏهن بہ وسائي نہ وڃي.

14 ۽ کاڌي جي قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي: هارون جا پٽ اها قربانگاهہ جي سامهون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن.

15 ۽ هو انهي مان، يعني کاڌي جي قربانيءَ واري ميدي مان، ٿورو تيل سميت مٺ ڀري ڪڍن، ۽ کاڌي جي قربانيءَ تي جيڪو لوبان هجي، سو سڀ کڻي، ۽ يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي، خداوند جي حضور ۾ چڱي خوشبوءِ جي لاءِ ساڙين.

16 ۽ جيڪي انهي مان باقي بچي، سو هارون ۽ سندس پٽ کائين: اهو ڪنهن پاڪ جاءِ تي خمير کان سواءِ کائڻ ۾ اچي؛ هو اهو جماعت واري تنبوءَ جي اڱڻ ۾ ويهي کائين.

17 انهي ۾ خمير گڏي نہ پچائين. مون اهو هنن کي پنهنجين باهہ سان ساڙيل قربانين مان سندن حصو ڏنو آهي؛ اهو گناهہ جي قربانيءَ، ۽ خطا جي قربانيءَ وانگر تمام پاڪ آهي.

18 هارون جي اولاد مان سڀ ڪو مرد ماڻهو اهو کائي، ڇالاءِ جو اوهانجن سڀني پيڙهين ۾، خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانين ۾ اهو هنن جو هميشہ جي لاءِ حق آهي: جيڪو انهن کي ڇهندو سو پاڪ ٿيندو.

19 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ

20 جنهن ڏينهن هارون ۽ سندس پٽن کي مسح ڪيو وڃي، تنهن ڏينهن اهي جيڪا قرباني خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن سا هيءَ آهي: يعني ايفہ جي ڏهين حصي جيترو ميدو، هميشہ کاڌي جي قربانيءَ طور آڻين، انهي جو اڌ صبح جي وقت، ۽ اڌ شام جي وقت آڻين.

21 اهو تئي تي تيل سان پچائجي؛ جڏهن اهو پچي، تڏهن تون اهو اندر کڻي اچج، ۽ تون انهي پڪل ميدي جا ٽڪر ٽڪر ڪري، خداوند جي حضور ۾ کاڌي جي قربانيءَ طور پيش ڪج.

22 ۽ هن جي پٽن مان جيڪو سندس جاءِ تي مسح ڪيل ڪاهن هجي سو انهيءَ کي پيش ڪري: اهو هميشہ جي لاءِ قانون آهي، تہ اها قرباني خداوند جي لاءِ سموري ساڙي ڇڏجي.

23 ۽ ڪاهن جيڪا بہ کاڌي جي قرباني پيش ڪري، سا سموري ساڙي وڃي: اها کائڻ ۾ بلڪل نہ اچي.

24 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ

25 هارون ۽ سندس پٽن سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ گناهہ جي قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي: تہ جنهن هنڌ سوختني قرباني ذبح ڪبي آهي، انهيءَ هنڌ گناهہ جي قرباني بہ، خداوند جي حضور ۾، ذبح ڪئي وڃي: اها تمام پاڪ آهي.

26 جيڪو ڪاهن انهيءَ کي گناهہ جي لاءِ پيش ڪري، سو اها کائي: هو اها ڪنهن پاڪ هنڌ، جماعت واري تنبوءَ جي اڱڻ ۾ ويهي کائي.

27 جيڪو انهي جي گوشت کي ڇهندو سو پاڪ ٿيندو: ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڪپڙي تي انهي جي رت جا ڇنڊا پئجي وڃن تہ، جنهن تي اهي پيا هجن، سو تون ڪنهن پاڪ هنڌ تي ويهي ڌوئج،

28 پر جنهن ٺڪر جي ٿانو ۾ اهو رڌجي، سو ٿانو ڀڃي ڇڏجي: پر جيڪڏهن ڪنهن پتل جي ٿانو ۾ اهو رڌجي، تہ انهي ٿانو کي ملي ۽ پاڻيءَ سان ڌوئي صفا ڪجي.

29 ڪاهنن مان سڀ ڪو ماڻهو ڀلي انهيءَ مان کائي: اهو تمام پاڪ آهي.

30 پر جنهن گناهہ جي قربانيءَ جي رت مان ڪجهہ پاڪ مڪان ۾ ڪفاري ڪرڻ لاءِ جماعت واري تنبوءَ ۾ آندو وڃي، تنهن جو گوشت کائڻ ۾ نہ اچي؛ اهو باهہ سان ساڙيو ويندو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ