يشوع 22 - Sindhi Bible1 تنهن کان پوءِ يشوع روبينين، ۽ جدين، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي کي سڏايو، 2 ۽ چيائين تہ جيڪي خداوند جي ٻانهي موسيٰ اوهان کي فرمايو هو سو سڀ اوهان بجا آندو آهي؛ ۽ جيڪي مون اوهان کي چيو سو بہ سڀ اوهان ڌيان ڏيئي ٻڌو: 3 هيترا ڏينهن اوهان اڄ تائين پنهنجن ڀائرن کي ڇڏي نہ ڏنو آهي، پر خداوند پنهنجي خدا جي حڪم جي سنڀال پئي ڪئي اٿوَ. 4 هاڻي خداوند اوهان جي خدا اوهانجن ڀائرن کي آرام ڏنو آهي، جيئن هن انهن کي چيو هو: تنهنڪري هاڻي اوهين پٺتي موٽو، ۽ جيڪا اوهان جي ورثي واري زمين خداوند جي ٻانهي موسيٰ يردن جي هن ڀر اوهان کي ڏني هئي، تنهن ۾ پنهنجن تنبن ڏانهن وڃو. 5 رڳو خبرداريءَ سان ڪوشش ڪري انهيءَ حڪم ۽ انهيءَ شريعت جي تعميل ڪجو، جنهن جو خداوند جي ٻانهي موسيٰ اوهان کي حڪم ڏنو هو ۽ خداوند پنهنجي خدا سان محبت رکجو، ۽ هن جي سڀني راهن تي هلندا رهجو، ۽ سندس حڪمن تي پورا رهجو، ۽ هن سان چهٽيل رهجو، ۽ پنهنجي ساريءَ دل ۽ ساري روح سان سندس عبادت ڪجو. 6 پوءِ يشوع هنن کي برڪت ڏيئي روانو ڪيو، ۽ هو پنهنجن تنبن ڏانهن هليا ويا. 7 هاڻي منسيءَ جي هڪڙي اڌ فرقي کي موسيٰ بسن ۾ سندن موروثي حصو ڏنو هو؛ پر ٻئي اڌ فرقي کي يشوع يردن جي پار اُلهندي ڏانهن سندن ٻين ڀائرن سان گڏ حصو ڏنو، تنهن کان سواءِ جڏهن يشوع انهن کي پنهنجن تنبن ڏانهن موڪليو تڏهن انهن کي برڪت ڏنائين، 8 ۽ چيائين تہ گهڻي دولت سان، ۽ گهڻي چوپائي مال سان، ۽ روپي ۽ سون، ۽ پتل ۽ لوهہ، ۽ گهڻن ڪپڙن سان پنهنجن تنبن ڏي موٽي وڃو: پنهنجن دشمنن جي ڦرلٽ جو مال پنهنجن ڀائرن سان وڃي ورهائجو. 9 ۽ بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جو اڌ فرقو، اهي سڀ پٺتي موٽيا ۽ سيلا، جو ڪنعان جي ملڪ ۾ آهي، تنهن مان بني اسرائيل وٽان روانا ٿيا، ۽ جلعاد جي ملڪ ۾ وڃڻ جو قصد ڪيائون، يعني پنهنجي ورثي واريءَ زمين ڏانهن، جا خداوند جي حڪم موجب، جو موسيٰ جي معرفت آيو، هنن کي قبضي ۾ ملي هئي. 10 ۽ جڏهن هو يردن جي ويجهو انهيءَ جاءِ تي پهتا، جا ڪنعان جي ملڪ ۾ آهي، تڏهن بني روبن ۽ بني جد ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي، اُتي يردن جي ويجهو هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي، جا ڏسڻ ۾ هڪڙي وڏي قربانگاهہ هئي. 11 ۽ بني اسرائيل ان جي خبر ٻڌي تہ ڏسو، بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسي جي اڌ فرقي ڪنعان جي ملڪ جي اڳ واري پاسي، يردن جي ويجهو، يعني بني اسرائيل واري پاسي، هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي آهي. 12 ۽ جڏهن بني اسرائيل اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن جماعت سيلا ۾ اچي گڏ ٿي، انهيءَ لاءِ تہ هنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ مٿن چڙهي وڃن. 13 ۽ بني اسرائيل، بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسي جي اڌ فرقي ڏانهن، جلعاد جي ملڪ ۾ اليعزر ڪاهن جي پٽ فينحاس کي ڏياري موڪليو؛ 14 ۽ هن سان گڏ ڏهہ امير بہ موڪليائون، يعني اسرائيل جي هرهڪ فرقي مان هرهڪ اباڻي خاندان جو هڪ هڪ امير؛ ۽ انهن مان هرهڪ اسرائيل جي هزارن جو، پنهنجي پنهنجي اباڻي خاندان جو رئيس هو. 15 پوءِ اُهي جلعاد جي ملڪ ۾ بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي وٽ آيا، ۽ ساڻن ڳالهہ ٻولهہ ڪري چيائون، تہ 16 خداوند جي سڄي جماعت هيئن ٿي چوي، تہ هي ڪهڙو قصور آهي، جو اوهان اسرائيل جي خدا جي برخلاف ڪيو آهي، جو اڄوڪي ڏينهن اوهان خداوند جي پيروي ڪرڻ کان منهن ڦيريو آهي، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي اٿوَ، انهي لاءِ تہ اوهين اڄوڪي ڏينهن خداوند کان باغي ٿيو؟ 17 فغور جو گناهہ، جنهن کان اسين اڄ تائين پاڪ نہ ٿيا آهيون، سو اسان جي لاءِ ڪو ٿورو آهي ڇا، جنهنڪري خداوند جي جماعت تي آفت اچي ڪڙڪي، 18 جو اوهين اڄ خداوند جي پيروي ڪرڻ کان منهن ٿا موڙيو؟ ۽ هيئن ٿيندو تہ اڄ خداوند کان باغي ٿيڻ ڪري، سڀاڻي هو اسرائيل جي سڄي جماعت تي ڪاوڙبو. 19 پر جي اوهان جي موروثي زمين ناپاڪ هجي، تہ اوهين لنگهي خداوند جي ملڪيت واري زمين ۾ اچو، جنهن ۾ خداوند جي عبادتگاهہ وارو تنبو لڳل آهي، ۽ اسان سان گڏ حصو وٺو: پر خداوند کان باغي نہ ٿيو، ۽ نہ اسان جي برخلاف فساد ڪريو، جو خداوند اسان جي خدا جي قربانگاهہ کانسواءِ پنهنجي لاءِ ٻي قربانگاهہ ٿا ٺاهيو. 20 زارح جي پٽ عڪن وقف ڪيل شيءِ جي نسبت ۾ گناهہ ڪيو هو، جنهنڪري اسرائيل جي ساري جماعت تي غضب نازل نہ ٿيو ڇا؟ ۽ اُهو ماڻهو پنهنجي گناهہ جي ڪري اڪيلو ناس نہ ٿيو. 21 تڏهن بني روبن ۽ بني جد ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي، اسرائيل جي هزارن جي رئيسن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ 22 خداوند، خدائن جو خدا، خداوند، خدائن جو خدا، ڄاڻي ٿو، ۽ اسرائيل بہ ڄاڻندو، تہ جي سچ پچ اسان خداوند کان باغي ٿي، يا جي خداوند جو ڏوهہ ڪري (اڄ تون اسان کي نہ بچائج)، 23 ۽ خداوند جي پيروي کان منهن مٽڻ جي ارادي سان پنهنجي لاءِ قربانگاهہ ٺاهي آهي؛ يا جي انهيءَ لاءِ تہ انهي تي سوختني قرباني يا کاڌي جي قرباني، يا سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيون، تہ ڀلي خداوند انهي جو اسان کان حساب وٺي؛ 24 بلڪ اسان خيال ۽ ارادي سان ائين ڪيو آهي، جو چيوسين تہ متان ايندڙ وقت ۾ اوهان جو اولاد اسان جي اولاد کي چوي، تہ خداوند اسرائيل جي خدا سان اوهان جو ڪهڙو واسطو آهي؟ 25 ڇالاءِ جو اي بني روبن، ۽ بني جد، خداوند اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ يردن حد ٺهرائي آهي؛ خداوند ۾ اوهان جو ڪوبہ حصو ڪونهي: انهي طرح اوهان جو اولاد اسان جي اولاد کي خداوند جي خوف کان روڪي ڇڏي. 26 تنهنڪري اسان چيو، تہ هاڻي اچو تہ پنهنجي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيون؛ نہ سوختني قرباني لاءِ، نڪي ذبح ڪرڻ واري قرباني لاءِ: 27 پر انهي لاءِ تہ اها اسان ۽ اوهان جي وچ ۾، ۽ اسان کان پوءِ اسانجين پيڙهين جي وچ ۾ شاهد هجي؛ جنهنڪري اسين خداوند جي اڳيان پنهنجين سوختني قربانين سان، ۽ پنهنجين ذبح وارين قربانين سان، ۽ پنهنجين سلامتيءَ جي قربانين سان سندن بندگي ڪندا رهون؛ متان اوهان جو اولاد ايندڙ وقت ۾ اسان جي اولاد کي ائين چوي، تہ خداوند ۾ اوهان جو ڪوبہ حصو ڪونهي. 28 تنهنڪري اسان چيو تہ هيئن ٿيندو تہ جڏهن ايندڙ وقت ۾ هو اسان کي، يا اسانجين پوين پيڙهين کي ائين چون، تہ اسين بہ چئون تہ اِجهو خداوند جي قربانگاهہ جو نمونو ڏسو، جو اسان جي ابن ڏاڏن ٺاهيو، نہ سوختني قرباني يا ذبح واري قربانيءَ لاءِ؛ پر انهيءَ لاءِ تہ اُها اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهد رهي. 29 خدا شل ائين نہ ڪري تہ اسين خداوند کان باغي ٿيون، ۽ اڄ خداوند جي پيروي ڪرڻ کان ڦرون، ۽ خداوند اسان جي خدا جي جيڪا قربانگاهہ سندس تنبوءَ جي اڳيان آهي، تنهن کان سواءِ سوختني قربانيءَ لاءِ، يا کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، يا ذبح واري قربانيءَ لاءِ ٻي قربانگاهہ ٺاهيون. 30 ۽ جڏهن فينحاس ڪاهن ۽ ساڻس گڏ جيڪي جماعت جا سردار، يعني اسرائيل جي هزارن جا رئيس هئا، تن اُهي ڳالهيون ٻڌيون، جي بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي ڪيون، تڏهن هو خوش ٿيا. 31 ۽ فينحاس بن اليعزر ڪاهن، بني روبن، ۽ بني جد، ۽ بني منسيءَ کي چيو تہ اڄ اسين ڄاڻون ٿا تہ خداوند اسان جي وچ ۾ آهي، ڇالاءِ جو اوهان خداوند جي برخلاف اهو قصور نہ ڪيو آهي: هاڻي اوهان بني اسرائيل کي خداوند جي هٿان ڇڏايو آهي. 32 پوءِ فينحاس بن اليعزر ڪاهن ۽ اُهي سردار، بني روبن، ۽ بني جد وٽان جلعاد جي ملڪ مان موٽيا، ۽ ڪنعان جي ملڪ ۾ بني اسرائيل وٽ آيا، ۽ ورندو احوال انهن کي ڏنائون. 33 اُهو ٻڌي بني اسرائيل خوش ٿيا؛ ۽ بني اسرائيل خدا جو شڪرانو ڪيو، ۽ هنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ ڪاهي وڃڻ، ۽ جنهن ملڪ ۾ بني روبن، ۽ بني جد رهندا هئا، تنهن کي ناس ڪرڻ جو وري ذڪر ڪونہ ڪيائون. 34 ۽ بني روبن ۽ بني جد انهيءَ قربانگاهہ کي عيد جو نالو ڏنو، ڇالاءِ جو هنن چيو تہ اها انهي ڳالهہ جي اسان جي وچ ۾ شاهد آهي، تہ خداوند ئي خدا آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society