ايوب 41 - Sindhi Bible1 تون مانگرمڇ کي ڪو ڪنڍي سان ڇڪي ٻاهر ڪڍي سگهندين ڇا؟ يا هن جي زبان ڏور سان هيٺ دٻائي سگهندين ڇا؟ 2 تون هن جي نڪ ۾ ڪو رسو وجهي سگهندين ڇا؟ يا هن جي ڄاڙ مان ڪنڍي لنگهائي سگهندين ڇا؟ 3 هو توکي ڪو گهڻيون منٿون ڪندو ڇا؟ يا تو سان نرم ڳالهيون ڪندو ڇا؟ 4 هو تو سان ڪو عهد اقرار ڪندو ڇا، تہ تون هن کي هميشہ لاءِ پاڻ وٽ ٻانهو ڪري رکين؟ 5 تون هن سان پکيءَ وانگر راند ڪندين ڇا؟ يا هن کي پنهنجن ٻانهين لاءِ ٻڌي ويهاريندين ڇا؟ 6 مڇي مارڻ وارن جون ٽوليون هن جو واپار هلائينديون ڇا؟ اهي هن کي سوداگرن ۾ ورهائي ڏيئي ڇڏينديون ڇا؟ 7 تون هن جي کل ڪَنڊر تار سان، يا هن جو مٿو ڇتين سان ڀري سگهندين ڇا؟ 8 پنهنجو هٿ هن تي رک؛ پوءِ لڙائي ياد رکندين ۽ وري اڳتي ائين ڪين ڪندين. 9 ڏس، هن جي بابت اُميد اجائي آهي: رڳو هن کي ڏسڻ شرط ماڻهو هيٺ ڪري ڪين پوندو ڇا؟ 10 اهڙو ڪوبہ جرئت وارو ڪونهي جو هن کي چوري سگهي: تڏهن ڪير آهي جو منهنجي اڳيان بيهي سگهندو؟ 11 ڪنهن مون کي شروع ۾ ڪجهہ ڏنو آهي جو آءٌ هن کي اُن جي عيوض موٽائي ڏيان؟ ساري آسمان هيٺان جيڪي بہ آهي سو منهنجو آهي. 12 آءٌ هن جي عضون بابت ماٺ نہ ڪندس، نہ هن جي گهڻي طاقت ۽ هن جي سهڻي ڊول بابت. 13 ڪير هن جي ٻاهرين پوشاڪ لاهي سگهندو؟ ڪير هن جو ٻٽو لغام جهلي سگهندو؟ 14 ڪير هن جي وات جون ڄاڙيون کوليندو؟ هن جي ڏندن جي چوڌاري خوف آهي. 15 هن جا مضبوط ڇلر هن جو فخر آهن، ڄڻ تہ تنگ مهر سان ڳتيل ۽ بند ڪيل آهن. 16 هڪڙو ٻئي کي اهڙو ويجهو آهي، جو انهن جي وچ مان هوا بہ نٿي لنگهي سگهي. 17 اُهي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن؛ اُهي اهڙا ڳنڍيل آهن جو ڌار ڪري ڪين سگهبا. 18 هن جي نڇن مان روشنائيءَ جي چمڪاٽ نڪري ٿي، ۽ هن جون اکيون صبح جي روشني وانگر آهن. 19 هن جي وات مان ٻرندڙ مشعل نڪرن ٿا، ۽ باهہ جون چڻنگون نڪريو ٻاهر پون. 20 هن جي ناسن مان دونهون نڪري ٿو، جيئن ڪ رجهندڙ ديڳ ۽ ٻرندڙ ڪانهن مان نڪرندو آهي. 21 هن جي دم سان آڱر ٻريو پون، ۽ هن جي وات مان شعلو نڪري ٿو. 22 هن جي ڳچيءَ ۾ زور ٿو رهي، ۽ هن جي اڳيان هيبت نچي ٿي. 23 هن جي ماس جا پردا پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن، اهي هن تي مضبوط ڄميل آهن؛ اهي چُرڻ جا نہ آهن. 24 هن جي دل اهڙي مضبوط آهي جهڙو پٿر: هائو، اهڙي مضبوط آهي جهڙو جنڊ جو هيٺيون پڙ. 25 جڏهن هو اُٿي کڙو ٿو ٿئي تڏهن زور وارا ڊڄيو وڃن: خوف جي ڪري هو بي هوش ٿيو وڃن. 26 جي ڪو هن کي ترار هڻي ٿو تہ انهيءَ جو هن تي ڪو بہ اثر نٿو اچي؛ نڪي نيزي يا تير يا چهنبياري بڻڇي جو. 27 هو لوهہ کي ڪک وانگر ٿو ڄاڻي، ۽ پتل کي ڳريل ڪاٺيءَ وانگر. 28 تير هن کي ڀڄائي نٿو سگهي: کانڀاڻيءَ جا پٿر هن وٽ ڦري ٻٿ ٿين ٿا. 29 لٺيون ٻٿن وانگر ليکجن ٿيون: بڻڇيءَ جي اُڇلائڻ تي هو کلي ٿو. 30 هن جا هيٺيان عضوا تکن ٺڪرن جهڙا آهن: هو پاڻ ائين پکيڙي ٿو جيئن اَن ڳاهڻ جو گاڏو. 31 هو وڏي سمنڊ کي ديڳڙي وانگر ٽهڪائي ٿو: ننڍي سمنڊ کي هو مرهم جهڙو ٿو ڪري. 32 هو پنهنجي پٺيان هڪڙو پيچرو چمڪائي ٿو؛ ڪو ڀائيندو تہ سمنڊ اڇو ٿي پيو آهي. 33 زمين تي انهيءَ جهڙو ٻيو مثال ڪونهي جو ڊپ کان سواءِ جوڙيل آهي. 34 جيڪا شيءِ مٿانهين آهي تنهن کي هو ڏسي ٿو: هو سڀني مغرورن جو بادشاهہ آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society