Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

ايوب 4 - Sindhi Bible

1 تڏهن اليفز تيمانيءَ، ورندي ڏيئي چيو تہ،

2 جيڪڏهن ڪو تو سان ڪوشش ڪري گفتگو ڪري، تہ تون رنج ٿيندين ڪيئن؟ پر ڪير پاڻ کي ڳالهائڻ کان روڪي سگهندو؟

3 ڏس تو گهڻن کي تعليم ڏني آهي ۽ ضعيف هٿن کي مضبوط ڪيو اٿيئي.

4 تنهنجي ڪلام انهي کي جهلي ورتو آهي جو ڪرڻ تي هو، ۽ تو ضعيف گوڏن کي مضبوط ڪيو آهي.

5 پر هاڻي اهو حال توتي آيو آهي، ۽ تون ماندو ٿو ٿين؛ اهو توکي ڇهي ٿو، ۽ توکي تڪليف ٿي رسي.

6 توکي جيڪو خدا جو ڊپ آهي سو تنهنجو ڀروسو ناهي ڇا، ۽ تنهنجن رستن جي سچائي تنهنجي اُميد ناهي ڇا؟

7 آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان، تہ ياد رک، تہ بي گناهہ بہ ڪڏهن ڪو ناس ٿيو آهي؟ يا سچار بہ ڪٿي وڍجي ويا آهن ڇا؟

8 جيئن مون ڏٺو آهي، تيئن جيڪي ظلم ٿا کيڙين، ۽ فساد ٿا پوکين، سي لڻن بہ اهو ئي ٿا.

9 خدا جي دم سان هو چٽ ٿي وڃن ٿا، ۽ انجي ڪاوڙ جي جهوٽي سان هو مري کپي وڃن ٿا.

10 شينهن جي گجگوڙ، ۽ خوفناڪ شينهن جو آواز، ۽ ننڍن شينهن جا ڏند ڀڄي پيا آهن.

11 ٻڍو شينهن شڪار نہ ملڻ ڪري مري ٿو، ۽ شينهڻ جا ٻچا پري پکڙي ويا آهن.

12 هاڻي هڪڙي ڳالهہ ڳجهيءَ طرح مون وٽ آندي ويئي، ۽ منهنجي ڪن انهيءَ جو ڀڻڪو ٻڌو.

13 رات جي رويائن جي خيالن جي وچ ۾، جڏهن ماڻهن تي گهاٽي ننڊ غالب ٿئي ٿي،

14 تڏهن مونکي ڊپ ۽ ڏڪڻيءَ اچي ورتو، جنهنڪري منهنجا سڀ هڏا ڏڪڻ لڳا.

15 تڏهن هڪڙو روح منهنجي منهن جي اڳيان اچي لنگهيو؛ منهنجي بت جا وار کڙا ٿي بيٺا.

16 اهو ماٺ ڪري بيٺو، پر انهيءَ کي آءٌ چٽيءَ طرح ڏسي نہ سگهيس؛ فقط هڪڙي شڪل منهنجن اکين اڳيان هئي، ماٺ لڳي پيئي هئي، ۽ مون هڪڙو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ،

17 فاني انسان بہ ڪو خدا کان وڌيڪ انصاف وارو ٿيندو ڇا؟ ماڻهو پنهنجي خالق کان ڪو وڌيڪ پاڪ ٿيندو ڇا؟

18 ڏس، هو پنهنجن ٻانهن ۾ ڪو بہ ويساهہ نٿو رکي؛ ۽ پنهنجن فرشتن کي هو بي عقليءَ جي تهمت ٿو ڏئي:

19 تنهنجو انهيءَ کان وڌيڪ ڪهڙو حال هوندو، جيڪي مٽيءَ جي گهرن ۾ رهن ٿا، جن جو بنياد خاڪ آهي، جي پتنگ وانگر چپجي ٿا پون!

20 صبح ۽ شام جي وچ ۾ هو ناس ٿي وڃن ٿا: هو هميشہ لاءِ چٽ ٿي وڃن ٿا، ۽ ڪو بہ انهن ڏانهن ڌيان ڪونہ ٿو ڏئي.

21 هنن جي تنبوءَ جو رسو سندن اندر ۾ پٽجي نہ پيو آهي ڇا؟ هو ڏاهپ کان سواءِ مري وڃن ٿا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ