ايوب 34 - Sindhi Bible1 هيترو وڌيڪ بہ اليهو ورندي ڏئي چيو تہ: 2 اي عقلمند مردو، منهنجون ڳالهيون ٻڌو؛ اي علم وارو، مون ڏي ڪن ڏيو. 3 ڇالاءِ جو ڪن ڪلام کي پرکي ٿو، جيئن تارون طعام کي چکي ڏسندو آهي. 4 اسان کي گهرجي تہ جيڪي درست هجي سو پنهنجي لاءِ پسند ڪريون: اچو تہ جيڪي چڱو هجي سو پنهنجو پاڻ ۾ معلوم ڪريون. 5 ڇالاءِ جو ايوب چيو آهي تہ آءٌ سچو آهيان، ۽ خدا منهنجو حق کسي ورتو آهي: 6 منهنجي سچار هوندي آءٌ ڪوڙو شمار ڪيو ويو آهيان؛ منهنجو ڦٽ ڇٽڻ جو ناهي، جيتوڻيڪ آءٌ گناهہ کان آزاد آهيان. 7 ڪهڙو ماڻهو ايوب جهڙو آهي، جو ڌڪار کي پاڻيءَ وانگر پي ٿو وڃي؟ 8 جو بدڪارن جي سنگت ۾ وڃي ٿو، ۽ شرير ماڻهن سان گهمي ٿو. 9 ڇالاءِ جو هن چيو آهي تہ ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڪوبہ فائدو ڪونهي تہ خدا سان پاڻ کي خوش رکي. 10 تنهنڪري اي سمجهہ وارو، اوهين منهنجي ٻڌو: خدا کان هرگز ائين نہ ٿيندو تہ هو شرارت جهڙو ڪم ڪري؛ قادر مطلق هرگز گناهہ جهڙو ڪم نہ ڪندو. 11 ڇالاءِ جو هو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي عمل موافق بدلو ٿو ڏئي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس ڪمن جو نتيجو ٿو رسائي. 12 هائو، يقين آهي تہ خدا شرارت جهڙو ڪم نہ ڪندو، نڪي قادر مطلق انصاف کي اُبتو ٿو ڪري. 13 ڪنهن هن کي زمين تي اختيار ڏنو آهي؟ يا ڪنهن ساريءَ دنيا جو ڪارخانو هلايو آهي؟ 14 جي هو ماڻهوءَ تي پنهنجو خيال رکندو، جي هو انهيءَ جو روح ۽ انهيءَ جو ساهہ پاڻ وٽ آڻي گڏ ڪندو. 15 تہ سڀ جسم وارا گڏ فنا ٿي ويندا، ۽ ماڻهو وري بہ مٽيءَ ڏي موٽندو. 16 هاڻي جيڪڏهن توکي ڪا سمجهہ آهي تہ هي ٻڌ: منهنجي ڪلام جي آواز ڏي ڪن ڏي. 17 جيڪو شخص حق کي ڌڪاري ٿو سو ڪو حڪمراني ڪندو ڇا؟ ۽ جيڪو انصاف وارو ۽ طاقتمند آهي تنهن کي تون الزام ڏيندين ڇا؟ 18 اهو ڪو مناسب آهي ڇا تہ بادشاهہ کي چئجي تہ تون ڪميڻو آهين؟ يا اميرن کي چئجي تہ اوهين شرير آهيو؟ 19 تڏهن ڪيترو نہ گهٽ انهيءَ کي ائين چوڻ مناسب آهي، جو نہ شهزادن جي پاسداري ٿو ڪري، ۽ نہ دنيادارن کي غريبن کان زيادہ مان ٿو ڏئي؟ ڇالاءِ جو اُهي سڀ سندس هٿن جا جڙيل آهن. 20 هڪڙي لحظي ۾، اڌ رات جو بہ هو مري پون ٿا؛ ماڻهو ڏڪي گذاري وڃن ٿا، ۽ زور وارا بنا هٿ لڳائڻ جي کڄيو ٿا وڃن. 21 ڇالاءِ جو هن جون اکيون ماڻهوءَ جي واٽن تي آهن، ۽ هو انهيءَ جو اچڻ وڃڻ ڏسي ٿو. 22 اهڙي ڪابہ اونداهي يا اهڙو ڪوبہ موت جو پاڇو ڪونهي، جتي بدڪاري ڪرڻ وارا پاڻ کي لڪائي سگهن. 23 ڇالاءِ جو هن کي ڪنهن ماڻهوءَ جي نسبت ۾ انهيءَ لاءِ وڌيڪ ويچار ڪرڻ جو ضرور ئي ڪونهي. تہ هو عدالت جي لاءِ خدا جي اڳيان وڃي. 24 هو زور ڀرين ماڻهن کي اهڙن رستن سان ڀڃيو پرزا پرزا ڪريو ڇڏي، جن جي معلوم ڪرڻ جو امڪان ڪونهي، ۽ ٻين کي انهن جي جاءِ تي مقرر ڪري ٿو. 25 تنهنڪري هو انهن جي خبر وٺي ٿو؛ ۽ رات جو انهن کي اونڌو ڪيو ڇڏي، جنهن ڪري هو ناس ٿيو وڃن. 26 هو ظاهر ظهور ٻين جي ڏسندي، هنن کي شريرن وانگر ڌڪ هڻي ٿو؛ 27 ڇالاءِ جو هو سندس پٺ ڇڏي ٻئي پاسي هليا ويا، ۽ هن جي ڪنهن بہ رستي جو ڌيان نہ رکيائون. 28 جنهن ڪري هنن غريبن جي دانهن هن تائين پهچائي، ۽ هن ڏکويلن جي دانهن ٻڌي. 29 جڏهن هو آرام ڏئي ٿو تڏهن ڪير الزام آڻي ٿو سگهي؟ ۽ جڏهن هو پنهنجو منهن لڪائي ٿو تڏهن ڪير هن کي ڏسي ٿو سگهي؟ قوم سان ائين ڪرڻ ۾ اچي، يا فقط هڪڙي ماڻهو سان، ٻنهي لاءِ هڪڙي ڳالهہ آهي: 30 انهيءَ لاءِ تہ بي دين ماڻهو حڪومت نہ ڪري، ۽ ڪوبہ ماڻهو خلق کي ڦندي ۾ نہ ڦاسائي. 31 ڇالاءِ جو ڪنهن ماڻهوءَ خدا کي چيو آهي ڇا؟ تہ مون سزا سٺي آهي، اڳتي وري قصور ڪونہ ڪندس: 32 جيڪي آءٌ نہ ٿو ڏسان سو تون مون کي سيکار: جيڪڏهن مون ڪو ڏوهہ ڪيو آهي تہ آءٌ اُهو وري ڪين ڪندس. 33 انهي جو بدلو اهڙو ٿيندو ڇا جهڙي تنهنجي مرضي هوندي، تہ تون اهو نامنظور ڪرين؟ ڇالاءِ جو فيصلو توکي ڪرڻو آهي نہ مون کي: تنهنڪري ڳالهہ اُها ڪر جا تون ڄاڻين. 34 هائو سڀ ڏاها ماڻهو جي منهنجي ڳالهہ ٻڌندا؛ ۽ سمجهہ وارا ماڻهو مون کي چوندا: 35 تہ ايوب سمجهہ کانسواءِ ڳالهائي ٿو، ۽ جيڪي هو چوي ٿو تنهن ۾ ڪابہ ڏاهپ ڪانهي. 36 جي ايوب جي پڇاڙيءَ تائين آزمائش ٿئي تہ چڱو، ڇالاءِ جو هو شرير ماڻهن جهڙو جواب ڏئي ٿو. 37 ڇالاءِ جو هو پنهنجي گناهہ سان بغاوت گڏي ٿو، ۽ اسان جي وچ ۾ تاڙيون وڄائي ٿو، ۽ خدا جي برخلاف پنهنجون ڳالهيون زيادہ ڪري ٿو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society