ايوب 30 - Sindhi Bible1 پر هاڻي جيڪي مون کان ننڍا آهن سي مون تي ٺٺوليون ٿا ڪن، جن جي ابن ڏاڏن کي نفرت کان آءٌ پنهنجي ڌڻ جي ڪتن سان گڏ ويهاريندو هوس. 2 هائو، هنن جي هٿن جي زور مان مون کي ڪهڙو فائدو پهچندو؟ اهڙا ماڻهو، جن ۾ عمر جو زور ضايع ٿي ويو آهي. 3 هو گهرج ۽ ڏڪر جي ڪري ڏٻرا ٿي ويا آهن؛ هو سڃ ۽ ويرانيءَ جي اُداسيءَ ۾ بک جا چڪ ٿا هڻن. 4 هو ٻوڙن جي پاسن مان لوڻڪ ٿا پٽين؛ ۽ ٻوٽن جون پاڙون هنن جو قوت آهن. 5 هو ماڻهن جي وچ مان هڪليا ويا آهن؛ اُهي هنن جي پٺيان ائين رڙيون ٿا ڪن جيئن ڪنهن چور جي پٺيان. 6 تمام اونداهين وادين ۾، ۽ ٽڪرن ۽ زمين جي چرن ۾ هنن جو رهڻ ضرور ٿو ٿئي. 7 هو جهنگ جي ٻوڙن ۾ هينگندا وتن؛ ڪنڊن هيٺان هو وڃي گڏ ٿيو ٿا ويهن. 8 هو بي عقلن جو اولاد آهن، هائو، نيچ ماڻهن جو اولاد آهن؛ هنن کي ملڪ مان چهبڪ هڻي هڪلي ڪڍيو هئائون. 9 ۽ هاڻي آءٌ انهن جو راڳ ٿي پيو آهيان، هائو، آءٌ انهن جي لاءِ هڪڙو پهاڪو ٿي پيو آهيان. 10 هو مون کان نفرت ٿا ڪن، هو مون کان پري ڀڄيو ٿا بيهن، ۽ منهنجي منهن تي ٿُڪ هڻڻ کان نٿا رهن. 11 ڇالاءِ جو هن پنهنجي واڳ ڍري ڪئي آهي ۽ مون کي ڏک ڏنو اٿس، ۽ هو منهنجي اڳيان پاڻ کي روڪين نٿا. 12 منهنجي سڄي پاسي لچا لفنگا اُٿن ٿا؛ هو منهنجو پير هٽائي پاسي ڪيو ڇڏين، ۽ پنهنجا ناس ڪرڻ جا اُپاءَ منهنجي برخلاف اُڇلائين ٿا. 13 اهڙا ماڻهو جو ڪو بہ مددگار ڪونهي، سي منهنجي واٽ بگاڙين ٿا، ۽ منهنجي مصيبت وڌائين ٿا. 14 هو ڄڻ تہ هڪڙي ڪشادي ڦاٽ مان هليا ٿا اچن: ويرانيءَ سان هو مون تي ڪاهيندا اچن. 15 خوف لڙي مون تي موٽي آيا آهن، هو منهنجي عزت جي پٺيان هوا وانگر ڪاهي پون ٿا؛ ۽ منهنجي خير سلامتي ڪڪر وانگر لنگهي وئي آهي. 16 ۽ هاڻي منهنجو ساهہ منهنجي اندر ۾ سڪي ويو آهي؛ مصيبت جي ڏينهن مون کي آڻي ورايو آهي. 17 رات جي وقت مون ۾ منهنجون هڏيون ونڌجي وڃن ٿيون، ۽ سورن ڪري مون کي آرام ڪونهي. 18 منهنجي مرض جي زور ڪري منهنجي ڪپڙن جي شڪل ئي ڦري وئي آهي: اُهو منهنجي گڊلي جي ڳچيءَ وانگر مون کي چوڌاري تنگ ڪري ٿو. 19 هن مون کي گپ ۾ اُڇلائي وڌو آهي، ۽ آءٌ مٽيءَ ۽ رک وانگر ٿي پيو آهيان. 20 آءٌ توکي رڙيون ڪري سڏيان ٿو ۽ تون مون کي جواب نٿو ڏين: آءٌ اُٿي ٿو بيهان ۽ تون مون ڏي نهارين ٿو. 21 تون ڦري مون تي ظلم ڪرڻ لڳو آهين: پنهنجي هٿ جي زور سان تون مون کي ستائين ٿو. 22 تون مون کي کڻي واءُ جي سامهون جهلين ٿو، ۽ انهيءَ تي چاڙهي سوار ڪرين ٿو؛ ۽ تون مون کي طوفان ۾ ڳاريو چٽ ڪيو ڇڏين. 23 ڇالاءِ جو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون نيٺ مون کي ماريندين، ۽ جيڪو گهر سڀني جيئرن جي لاءِ ٺهرايل آهي اتي آڻيندين. 24 تڏهن بہ تباهيءَ جي وقت ڪير پنهنجو هٿ نہ ڊگهيريندو؟ يا مصيبت جي وقت مدد لاءِ نہ پڪاريندو؟ 25 جيڪو تڪليف ۾ هو، تنهنجي لاءِ مون نہ رنو ڇا؟ محتاجن جي لاءِ منهنجي روح کي ڏک نہ ٿيو ڇا؟ 26 جڏهن مون چڱائيءَ لاءِ نهاريو تڏهن بڇڙائي آئي؛ ۽ جڏهن مون سوجهري جي لاءِ انتظار ڪيو تڏهن اونداهي آئي. 27 منهنجا آنڊا ٽهڪن ٿا ۽ انهن کي آرام ڪونهي؛ مصيبت جا ڏينهن مون تي اچي پيا آهن. 28 سج کان سواءِ آءٌ ڪارو ٿي ويو آهيان: آءٌ جماعت جي وچ ۾ بيهي مدد لاءِ دانهون ٿو ڪريان. 29 آءٌ گدڙن جو ڀاءُ آهيان، ۽ اٺ پکين جو سنگتي آهيان. 30 منهنجي کل ڪاري آهي، ۽ مون تان لهيو ٿي پوي، ۽ منهنجا هڏا گرميءَ جي ڪري سڙي ويا آهن. 31 تنهن ڪري منهنجي بربط مان ڦري غم جو آواز ٿو نڪري، ۽ منهنجي بانسريءَ مان روئڻ جو آواز ٿو نڪري. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society