ايوب 23 - Sindhi Bible1 تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ: 2 اڄ بہ منهنجي فرياد ڏک سان ڀريل آهي: منهنجي مار منهنجي چيچلائڻ کان ڳري آهي. 3 اڙي جي مون کي خبر پوي تہ هو ڪٿي لڀندو، تہ جيڪر ان جي مسند تائين بہ وڃي نڪران! 4 ۽ آءٌ پنهنجو معاملو هن جي اڳيان ترتيب وار پيش ڪريان، ۽ پنهنجو وات حجتن ۽ دليلن سان ڀريان. 5 ۽ آءٌ جيڪر معلوم ڪريان تہ ڪهڙن لفظن ۾ هو مونکي جواب ڏيندو، ۽ جيڪي هو مونکي چوندو سو جيڪر سمجهان. 6 هو پنهنجي وڏي طاقت هوندي مون سان جهيڙو ڪندو ڇا؟ نہ، بلڪ هو مون ڏانهن ڌيان ڪندو. 7 اتي سچو انهيءَ سان بحث ڪري سگهندو؛ انهيءَ طرح آءٌ پنهنجي منصف کان هميشہ لاءِ ڇٽي ويندس. 8 ڏس، آءٌ اڳتي وڃان ٿو پر هو اتي ناهي؛ ۽ پٺتي ٿو وڃان، پر هن کي ڏسي نٿو سگهان: 9 جڏهن هو ڪم ڪري ٿو تڏهن آءٌ کٻي پاسي ٿو وڃان پر هو منهنجي نظر ۾ نٿو اچي؛ هو پاڻ کي سڄي پاسي لڪائي ٿو جنهن ڪري آءٌ هن کي ڏسي نٿو سگهان. 10 پر جيڪو رستو آءٌ وٺان ٿو سو هو ڄاڻي ٿو؛ جڏهن هو مون کي پرکيندو تڏهن آءٌ سون وانگر ظاهر ٿيندس. 11 منهنجو پير هن جي قدمن ۾ قابو رهيو آهي؛ هن جو رستو آءٌ سنڀاليو ويٺو اچان ۽ ڪنهن پاسي مڙي نہ ويو آهيان. 12 آءٌ هن جي چپن جي حڪمن کان ڦري نہ ويو آهيان: مون هن جي ڪلام کي پنهنجي ضروري کاڌي کان بہ وڌيڪ سانڍي رکيو آهي. 13 پر هو هڪڙي خيال جو آهي ۽ ڪير هن کي ڦيرائي سگهندو؟ جيڪي سندس روح ٿو چاهي اهو ئي هو ڪري ٿو. 14 ڇالاءِ جو هو اُهو ٿو ڪري جو هن منهنجي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي: ۽ اهڙيون گهڻيون شيون هن وٽ آهن. 15 تنهن ڪري آءٌ سندس حضوريءَ ۾ بي آرام ٿو ٿيان؛ جڏهن ويچار ٿو ڪريان، تڏهن هن کان ڊڄان ٿو. 16 ڇالاءِ جو خدا منهنجي دل کي سست ڪري ڇڏيو آهي، ۽ قادر مطلق مون کي بي آرام ڪيو آهي: 17 ڇالاءِ جو آءٌ اونداهيءَ سان ڍڪجي نہ ويو آهيان، ۽ هن گهاٽي اونداهي سان منهنجو منهن ڍڪي نہ ڇڏيو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society