ايوب 22 - Sindhi Bible1 پوءِ اليفز تيمانيءَ ورندي ڏيئي چيو تہ: 2 ڪو انسان خدا کي ڪمائتو ٿي سگهندو ڇا؟ يقين آهي تہ اهو جو ڏاهو آهي سو پنهنجي لاءِ ئي ڪمائتو آهي. 3 تنهنجي سچار هئڻ مان قادر مطلق کي ڪا خوشي حاصل ٿئي ٿي ڇا؟ يا جي تون پنهنجا رستا ڪامل ڪندين تہ هن کي ڪو فائدو پهچندو ڇا؟ 4 ڇالاءِ جو توکي ڊپ رهي ٿو تنهن ڪري هو توکي ڇينڀي ٿو ڇا؟ ۽ توکي عدالت ۾ آڻي ٿو ڇا؟ 5 تنهنجي شرارت وڏي نہ آهي ڇا؟ نڪا تنهنجن گناهن جي ڪا پڄاڻي آهي. 6 ڇالاءِ جو تو ناحق پنهنجي ڀاءُ کان گروي شيون ورتيون آهن، ۽ اُگهاڙن جا ڪپڙا لاهي ورتا اٿيئي. 7 تو ٿڪلن کي پيئڻ لاءِ پاڻي نہ ڏنو آهي، ۽ تو بکايلن جي ماني روڪي ڇڏي آهي. 8 پر زور واري ماڻهوءَ کي زمين ملي، ۽ آبروءَ وارو ماڻهو انهيءَ ۾ رهڻ لڳو. 9 تو بيوہ زالن کي خالي هٿين ڪڍي ڇڏيو آهي، ۽ يتيمن جون ٻانهون ڀڃي ڇڏيون اٿيئي. 10 تنهن ڪري تنهنجي چوڌاري ڦندا آهن، ۽ اوچتو ڊپ توکي هلاڪ ڪري ٿو. 11 يا اهڙي اونداهي، جا تون ڏسي نٿو سگهين، ۽ بي انداز پاڻي توکي ڍڪيو ڇڏي. 12 آسمان جي بلنديءَ تي خدا ناهي ڇا؟ ۽ تارن جي اوچائي تہ ڏس، اُهي ڪيترو نہ مٿي آهن! 13 ۽ تون چوين ٿو تہ خدا ڇا ٿو ڄاڻي؟ هو گهاٽي اونداهيءَ ۾ ڪو انصاف ڪري سگهندو ڇا؟ 14 گهاٽا ڪڪر هن جو پردو آهن، جنهن ڪري هو ڏسي نٿو سگهي؛ ۽ هو آسمان جي چوڌاري گهمي ٿو. 15 تون قديم رستي تان هلندين ڇا جنهن تان شرير ماڻهو هليا آهن؟ 16 جي پنهنجي وقت کان اڳي گهلجي نڪري ويا آهن، ۽ جن جو بنياد نديءَ وانگر وهي ويو. 17 ڪنهن خدا کي چيو تہ اسان وٽان هليو وڃ؛ ۽ قادر مطلق اسان جي لاءِ ڇا ڪري سگهندو؟ 18 تنهن هوندي بہ هن انهن جا گهر چڱين شين سان ڀري ڇڏيا: پر شريرن جي صلاح مصلحت مون کان پري آهي. 19 سچا اُنهيءَ کي ڏسن ٿا؛ ۽ بي گناهہ انهن تي ٺٺوليون ڪن ٿا: 20 ۽ چون ٿا تہ بيشڪ جيڪي اسان جي برخلاف اُٿيا سي وڍيا ويا آهن، ۽ جيڪي منجهائن باقي بچيا آهن تن کي باهہ ساڙي ڇڏيو آهي. 21 هاڻي پاڻ کي هن سان واقف ڪر ۽ سلامت رهہ، انهيءَ ڪري توکي چڱائي پهچندي. 22 آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ هن جي واتان شريعت قبول ڪر، ۽ هن جون ڳالهيون پنهنجي دل ۾ سانڍ. 23 جيڪڏهن تون بدڪاريءَ کي پنهنجن تنبن کان پري رکندين، ۽ قادر مطلق وٽ موٽندين تہ پوءِ تون اڏجي پوندين. 24 ۽ پنهنجو خزانو مٽيءَ ۾ رک، ۽ اوفير جو سون نديءَ جي پٿرن منجهہ اُڇلائي ڇڏ؛ 25 ۽ قادر مطلق تنهنجو خزانو ٿيندو، ۽ تنهنجي لاءِ قيمتي چاندي ٿيندو. 26 ڇالاءِ جو تڏهن تون قادر مطلق ۾ خوش رهندين، ۽ پنهنجو منهن خدا جي اڳيان کڻندين. 27 تون هن کان دعا گهرندين تہ هو تنهنجي ٻڌندو؛ ۽ تون پنهنجا نذرانا ادا ڪندين. 28 تون ڪنهن ڳالهہ جو ذڪر ڪندين تہ اُها تنهنجي لاءِ قائم ٿي ويندي؛ ۽ تنهنجن رستن تي روشني چمڪندي. 29 جڏهن هو توکي هيٺ اُڇلائي وجهندو تڏهن تون چوندين تہ مٿي کڻڻ اِهو آهي؛ ۽ هو نماڻي شخص کي بچائيندو. 30 هو انهيءَ کي بہ ڇڏائيندو جو بي گناهہ نہ آهي: هائو، هو تنهنجن هٿن جي پاڪيزگيءَ ڪري ڇڏايو ويندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society