ايوب 17 - Sindhi Bible1 منهنجو روح فنا ٿي ويو آهي، منهنجا ڏينهن پورا ٿي ويا آهن، منهنجي لاءِ قبر تيار آهي. 2 مون کي يقين آهي تہ ٺٺولي ڪندڙ مون سان آهن، ۽ منهنجي اک هنن جي چيڙائڻ ۾ رهي ٿي. 3 هاڻي ڪو پڪو انجام ڏي، منهنجي لاءِ پاڻ وٽ ضامن پؤ؛ ڪير آهي جو مون کي تاڙي ڏيندو؟ 4 ڇالاءِ جو تو هنن جي دل سمجهہ کان لڪائي آهي: تنهن ڪري تون هنن کي مٿي نہ چاڙهيندين. 5 جيڪو پنهنجي دوستن کي لٽ جي لاءِ ڇڏي ڏئي ٿو، تنهن جي اولاد جون بہ اکيون انڌيون ٿينديون. 6 هن مون کي ماڻهن جو هڪڙو پهاڪو ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ آءٌ اهڙو تہ ٿي پيو آهيان جو ماڻهو منهنجي منهن تي ٿُڪون ٿا هڻن. 7 منهنجي اک ڏک جي ڪري ڌنڌ واري ٿي پيئي آهي، ۽ منهنجا سڀ عضوا پاڇي جهڙا ٿي پيا آهن. 8 سچار ماڻهو انهيءَ ڳالهہ تي حيران ٿيندا، ۽ بي ڏوهي پنهنجو پاڻ کي بيدينن جي برخلاف کڙو ڪندا. 9 تنهن هوندي بہ سچار پنهنجي راهہ تي قائم رهندو، ۽ راستباز وڌيڪ مضبوط ٿيندو ويندو. 10 پر هاڻي اوهين سڀ موٽي اچو، ڇالاءِ جو آءٌ اوهان ۾ هڪڙو بہ ڏاهو ماڻهو نٿو ڏسان. 11 منهنجا ڏينهن گذري ويا آهن ۽ منهنجا ارادا ڀڄي پيا آهن، بلڪ منهنجي دل جا خيال بہ. 12 اهي رات کي ڦيرائي ڏينهن ڪن ٿا: چوندا آهن تہ روشني اونداهيءَ کي ويجهي آهي. 13 جيڪڏهن آءٌ قبر کي پنهنجو گهر ڄاڻي منتظر ٿو رهان؛ جي مون پنهنجو هنڌ اونداهيءَ ۾ وڇايو آهي؛ 14 جي مون موت کي چيو آهي تہ تون منهنجو پيءُ آهين، ۽ ڪينئين کي چيو اٿم تہ تون منهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ آهين؛ 15 تہ تڏهن منهنجي اُميد ڪٿي آهي؟ ۽ منهنجي اُميد کي ڪير ڏسندو؟ 16 اها قبر جي گزن تائين هيٺ لهي ويندي، ۽ پوءِ اتي آخر مٽيءَ ۾ آرام هوندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society