ايوب 14 - Sindhi Bible1 انسان جو زال جي پيٽ مان ڄمي ٿو ٿورن ڏينهن لاءِ آهي ۽ تڪليف سان ڀريو پيو آهي. 2 هو گل وانگر پيدا ٿئي ٿو ۽ وڍيو وڃي ٿو، ۽ پاڇي وانگر لنگهي وڃي ٿو ۽ بيهي نٿو. 3 اهڙي شخص تي تون پنهنجون اکيون پٽين ٿو، ۽ مون کي پاڻ سان گڏ عدالت ۾ وٺي اچين ٿو ڇا؟ 4 ناپاڪ شيءِ مان ڪير پاڪ شيءِ ڪڍي سگهندو؟ ڪوبہ نہ. 5 جڏهن هن جا ڏينهن ٿورا آهن، تڏهن بہ هن جي مهينن جو شمار تو وٽ آهي، ۽ تو هن جون حدون اهڙيون ٻڌي ڇڏيون آهن جو هو اُهي لنگهي نٿو سگهي؛ 6 تون هن کان ٻئي پاسي نهار تہ هن کي آرام اچي، جيستائين هو مزور وانگر پنهنجا ڏينهن پورا نہ ڪري. 7 ڇالاءِ جو جيڪڏهن ڪو وڻ وڍجي ٿو تہ اها اُميد رهي ٿي تہ هو وري ڦٽندو، ۽ انجي نرم ٽاري نڪرڻ کان بند ٿي نہ ويندي. 8 جيتوڻيڪ ان جي پاڙ زمين ۾ پراڻي ٿي ويندي، ۽ ان جو ٿُڙ ڌرتيءَ ۾ سڪي ويندو، 9 تہ بہ پاڻيءَ جي بانس تي هو وري ڦٽندو، ۽ ٻوٽي وانگر ٽاريون ڪڍندو. 10 پر ماڻهو مري ٿو ۽ ڳريو وڃي: هائو، ماڻهو ساهہ ڏئي ٿو، پوءِ ڪٿي آهي؟ 11 جيئن سمنڊ مان پاڻي گهٽجي وڃي ٿو ۽ ندي لهي سڪي وڃي ٿي، 12 تيئن ماڻهو بہ سمهي ٿو ۽ وري اُٿي نٿو، جيستائين آسمان نابود ٿي نہ ويندو تيستائين هو نہ جاڳندا ۽ ننڊ مان اُٿاريا ويندا. 13 ڪهڙو نہ چڱو جي تون مون کي قبر ۾ لڪائين ۽ جيسين تنهنجي ڪاوڙ لهي وڃي تيسين مون کي لڪائي رکين، ۽ منهنجي لاءِ ڪو وقت مقرر ڪري ڇڏين ۽ مونکي ياد ڪرين! 14 جي ڪو ماڻهو مري وڃي تہ اهو ڪو وري جيئندو ڇا؟ پنهنجي جنگ جهيڙي جا سڀ ڏينهن آءٌ منتظر رهندس، جيستائين منهنجو ڇوٽڪارو اچي. 15 تون سڏ ڪندين تہ آءٌ تو کي جواب ڏيندس: تو کي پنهنجن هٿن جي جڙيل شيءِ جي لاءِ خواهش هوندي. 16 پر هاڻي تون منهنجون وکون ڳڻين پيو، تون منهنجي گناهہ جي سنڀال نٿو ڪرين ڇا؟ 17 منهنجو گناهہ ڳوٿريءَ ۾ بند ٿيل ۽ مهر ڪيل آهي، ۽ تون منهنجو گناهہ قابو ڪري رکين ٿو. 18 تحقيق جيڪو جبل ڪري ٿو سو نابود ٿيو وڃي، ۽ ٽڪر پنهنجي جاءِ تان پاسي ڪيو وڃي ٿو، 19 پاڻي پٿر کي گسائي ٿو؛ ان جي اُٿل زمين جي مٽي وهائي ڇڏي ٿي؛ ۽ تون ماڻهوءَ جي اُميد ناس ڪرين ٿو. 20 تون هميشہ هن تي غالب پوين ٿو ۽ هو لنگهيو وڃي؛ تون هن جي شڪل ڦيرائي ڇڏين ٿو ۽ هن کي روانو ڪيو ڇڏين. 21 هن جا پٽ عزت حاصل ڪن ٿا ۽ انهيءَ جي هن کي خبر نٿي پوي؛ ۽ هنن جو درجو گهٽايو وڃي ٿو پر هنن جو حال کيس معلوم نٿو ٿئي. 22 پر مٿس جيڪو ماس آهي تنهن ۾ درد رهي ٿو، ۽ هن جو روح هن منجهہ غمگين آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society