Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

يوحنا 1 - Sindhi Bible

1 شروعات ۾ ڪلام هو، ۽ ڪلام خدا سان هو، ۽ ڪلام خدا هو.

2 اُهو ئي شروعات ۾ خدا سان هو.

3 ۽ سڀ ڪجهہ اُنهي جي وسيلي پيدا ٿيو، ۽ ڪابہ شيءِ جا ٿي آهي، سا هن بنا نہ ٿي آهي.

4 هن ۾ زندگي هئي؛ ۽ اُها زندگي ماڻهن جو نُور هئي.

5 ۽ نُور اونداهيءَ ۾ چمڪي ٿو، ۽ اونداهيءَ هن کي قبول نہ ڪيو.

6 يوحنا نالي هڪڙو شخص آيو، جو خدا وٽان موڪليو ويو هو.

7 اُهو شاهديءَ لاءِ آيو، تہ نُور بابت شاهدي ڀري، تہ سڀيئي هن جي ڪري ايمان آڻين.

8 هو پاڻ تہ نُور نہ هو، پر هو نُور بابت شاهدي ڏيڻ لاءِ آيو هو.

9 سچو نُور جو هرهڪ انسان کي روشن ٿو ڪري، سو جهان ۾ اچڻو هو.

10 اُهو دنيا ۾ هو، ۽ دنيا هن کان ئي پيدا ٿي، ۽ دنيا کيس نہ سڃاتو.

11 هو پنهنجن وٽ آيو، ۽ پنهنجن کيس قبول نہ ڪيو.

12 پر جن جن کيس قبول ڪيو، تن کي اِهو حق ڏنائين تہ خدا جا ٻار ٿين، بلڪ اُنهن کي جي سندس نالي تي ايمان ٿا آڻين:

13 جي نہ رت مان، نہ جسم جي خواهش مان، نہ انسان جي ارادي مان، پر خدا مان پيدا ٿيا.

14 ۽ ڪلام مجسم ٿيو، ۽ فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور ٿي اسان وٽ اچي رهيو؛ (۽ اسان سندس اهڙو جلال ڏٺو، جهڙو پيءُ جي هڪڙي ئي جو جلال).

15 يوحنا هن بابت شاهدي ڀري پڪاري چيو، تہ هي اُهو آهي جنهن بابت مون چيو هو تہ جيڪو منهنجي پٺيان ٿو اچي سو مون کان اڳي ٿيو آهي: ڇالاءِ جو هو مون کان اڳي هو.

16 ۽ هن جي ڀرپورائيءَ مان اسان سڀني کي مليو آهي، يعني فضل تي فضل.

17 ڇالاءِ تہ شريعت موسيٰ جي معرفت ملي؛ پر فضل ۽ سچائي يسوع مسيح جي معرفت آيا.

18 ڪنهن بہ ماڻهوءَ خدا کي ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي؛ هڪڙو ئي فرزند، جو پيءُ جي هنج ۾ آهي، تنهن ئي ظاهر ڪيو اٿس.

19 ۽ يوحنا جي شاهدي هيءَ آهي، تہ جڏهن يهودين يروشلم مان ڪاهن ۽ لاوي وٽس موڪليا، تہ پڇي اچوس تہ تون ڪير آهين:

20 تڏهن هن قبول ڪيو ۽ انڪار ڪونہ ڪيائين، پر اقرار ڪيائين تہ آئون مسيح نہ آهيان.

21 هنن پڇيس تہ تڏهن ڪير آهين؟ ڇا تون ايلياہ آهين؟ هن چيو تہ آئون اُهو نہ آهيان. ڇا تون اُهو نبي آهين؟ هن جواب ڏنو تہ نہ.

22 تنهن تي هنن چيس تہ تڏهن تون ڪير آهين؟ تہ جن اسان کي موڪليو آهي، تن کي وڃي جواب ڏيون. تون پنهنجي بابت ڇا ٿو چوين؟

23 هن چيو تہ آئون انهي جو آواز آهيان جو رڻ پٽ ۾ منادي ڪري ٿو چوي، تہ ”خداوند جي واٽ سنئين ڪريو،“ جهڙيءَ طرح يسعياہ نبيءَ چيو آهي.

24 ۽ اُنهن کي فريسين موڪليو هو.

25 ۽ اُنهن کانئس پڇيو ۽ چيائونس، تہ جي تون نہ مسيح آهين، نہ ايلياہ، ۽ نہ اُهو نبي، تڏهن بپتسما ڇو ٿو ڏين؟

26 يوحنا جواب ڏيئي چين، تہ آئون پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، پر اوهان جي وچ ۾ هڪڙو بيٺو آهي، جنهن کي اوهين نٿا سڃاڻو،

27 اُهو ئي آهي جو منهنجي پٺيان ٿو اچي، جنهن جي جُتيءَ جي ڌاڳن ڇوڙڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان.

28 اهي ڳالهيون يردن جي پرئين ڀر بيت عنياہ ۾ ٿيون، جتي يوحنا بپتسما ٿي ڏني.

29 ٻئي ڏينهن هن يسوع کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي چيو، تہ ڏسو خدا جو گهيٽو، جو جهان جو گناهہ کڻي ٿو وڃي!

30 هيءُ اُهو آهي جنهن بابت مون چيو هو، تہ مون کان پوءِ هڪڙو شخص ٿو اچي، جو مون کان اڳي ٿيو آهي: ڇالاءِ جو هو مون کان اڳي هو.

31 ۽ مون هن کي نٿي سُڃاتو؛ پر انهي لاءِ تہ هو اسرائيل اڳيان ظاهر ٿئي، آئون پاڻيءَ سان بپتسما ڏيندو آيس.

32 يوحنا شاهدي ڀري چيو، تہ مون روح کي ڪبوتر وانگر آسمان مان لهندو ۽ مٿس ويهندو ڏٺو آهي.

33 ۽ مون هن کي نٿي سُڃاتو: پر جنهن مون کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيڻ لاءِ موڪليو، تنهن ئي مون کي چيو تہ جنهن تي روح کي لهندو ۽ مٿس ويهندو ڏسين، سو ئي اٿيئي جو پاڪ روح سان بپتسما ٿو ڏئي.

34 ۽ مون ڏٺو آهي، ۽ شاهدي ڀري اٿم تہ هيءُ خدا جو فرزند آهي.

35 وري ٻئي ڏينهن يوحنا ۽ سندس شاگردن مان ٻہ ڄڻا بيٺا هئا؛

36 تڏهن يسوع کي گهُمندو ڏسي، ڏانهنس نهاري چيائين، اِجهو خدا جو گهيٽو!

37 ۽ هنن ٻن شاگردن هن کي ائين چوندو ٻُڌو، ۽ يسوع جي پٺيان ويا.

38 يسوع ڦري هنن کي ايندو ڏسي، کين چيو تہ اوهين ڇا ٿا ڳوليو؟ هنن چيس تہ اي ربي (يعني استاد) تون ڪٿي ٿو رهين؟

39 هن چيو تہ هلي ڏسو. پوءِ هو آيا ۽ جتي هو رهندو هو، اُهو هنڌ اچي ڏٺائون؛ ۽ اُهو ڏينهن وٽس ٽڪيا: اُهو اٽڪل ڏهين بجي جو وقت هو.

40 جن ٻن ڄڻن يوحنا جي ڳالهہ ٻُڌي هئي، ۽ سندس پٺيان آيا هئا، تن مان هڪڙو اندرياس، شمعون پطرس جو ڀاءُ هو.

41 هن پهريائين پنهنجي سڳي ڀاءُ شمعون کي وڃي ڳولي لڌو، ۽ چيائينس تہ اسان مسيح کي لڌو آهي (يعني ڪرستس کي).

42 هو کيس يسوع وٽ وٺي آيو. يسوع هن ڏانهن نهاري چيو تہ تون يوحنا جو پٽ شمعون آهين، تون ڪيفا، يعني پطرس ڪري سڏبين.

43 ٻئي ڏينهن يسوع گليل ۾ وڃڻ جو ارادو ڪيو، ۽ فلپس کي وڃي گڏيو، ۽ چيائينس تہ منهنجي پٺيان اچ.

44 اُهو فلپس بيت صيدا جو ويٺل هو، جتي اندرياس ۽ پطرس بہ رهندا هئا.

45 فلپس نتن ايل کي وڃي ڳولي لڌو، ۽ چيائينس تہ جنهن جو ذڪر موسيٰ توريت ۾، ۽ نبين پڻ ڪيو آهي، سو اسان لڌو آهي، يعني يوسف جو پٽ يسوع ناصري.

46 نتن ايل هن کي چيو تہ ناصرت مان بہ ڪا چڱي شيءِ نڪري سگهندي؟ فلپس چيس تہ ڀلا هلي ڏس.

47 يسوع نتن ايل کي پاڻ وٽ ايندو ڏسي سندس نالي چيو تہ ڏسو، سچو اسرائيلي، جنهن ۾ ڪابہ ڏائي ڏنگي ڪانهي!

48 نتن ايل کيس چيو تہ تون مون کي ڪيئن ٿو سڃاڻين؟ يسوع هن کي جواب ڏيئي چيو تہ جڏهن تون انجير جي وڻ هيٺان هُئين ۽ فلپس توکي ڪوٺيو، تنهن کان اڳي مون توکي ڏٺو.

49 نتن ايل جواب ڏنس تہ اي اُستاد، تون خدا جو فرزند آهين، تون اسرائيل جو بادشاهہ آهين.

50 يسوع هن کي جواب ڏيئي چيو، تہ مون جو توکي انجير جي وڻ هيٺان ڏٺو، تنهنڪري ايمان آندو اٿيئي ڇا؟ تون انهي کان بہ وڏيون ڳالهيون ڏسندين.

51 وري هن کي چيائين تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ اوهين آسمان کي کُليل ۽ خدا جي ملائڪن کي ابن آدم تي مٿي چڙهندو ۽ لهندو ڏسندا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ