Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

يرمياہ 33 - Sindhi Bible

1 وري ٻيو ڀيرو بہ جڏهن اڃا هو پهري وارن جي ايوان ۾ بند هو تڏهن خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ

2 خداوند، جو خلقي ٿو، ۽ قائم ڪرڻ لاءِ بنائي ٿو، ۽ جنهن جو نالو خداوند آهي، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ

3 مون کي سڏ ڪر تہ آءٌ توکي جواب ڏيان، ۽ وڏيون ۽ ڳجهيون شيون ڏيکاريان، جي تون نٿو ڄاڻين.

4 ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا هن شهر جي گهرن بابت، ۽ يهوداہ جي بادشاهن جي گهرن بابت، جي گهيري ۽ ترار کان بچاءُ جي لاءِ ڀڃي ڇڏيا ويا هئا، هيئن ٿو فرمائي، تہ

5 هو ڪسدين سان وڙهڻ لاءِ آيا آهن پر فقط پاڻ پنهنجن ماڻهن جي لاشن سان ڀرجي ويندا، جن کي مون پنهنجي غصي ۽ ڪاوڙ ۾ ماريو آهي، ۽ جن جي سموري شرارت ڪري مون هن شهر کان پنهنجو منهن لڪايو آهي.

6 ڏس، آءٌ انهي جي لاءِ شفا ۽ علاج آڻيندس، ۽ انهن کي تندرستي بخشيندس؛ ۽ آءٌ هنن تي گهڻي سلامتي ۽ سچائي ظاهر ڪندس.

7 ۽ آءٌ يهوداہ جي قيدين ۽ اسرائيل جي قيدين کي موٽائي آڻيندس ۽ انهن کي اڏيندس، جيئن اُهي شروع ۾ هئا.

8 ۽ آءٌ هنن کي سندن سموري بدڪاريءَ کان پاڪ ڪندس، جنهن جي ڪري هنن منهنجو گناهہ ڪيو آهي؛ ۽ آءٌ سندن سڀ گناهہ معاف ڪندس جن سان هنن منهنجي حڪم عدولي ڪئي آهي.

9 ۽ هي شهر منهنجي لاءِ زمين جي سڀني قومن جي اڳيان خوشيءَ جو نالو، ۽ تعريف، ۽ فخر جو باعث ٿيندو، ۽ جيڪا چڱائي آءٌ هنن سان ڪندس، سا سڀ اُهي قومون ٻڌنديون، ۽ جيڪا چڱائي ۽ جيڪا خير سلامتي آءٌ ان جي لاءِ موجود ڪندس، سا ڏسي هو ڊڄنديون ۽ ڏڪنديون.

10 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هي هنڌ، جنهن جي نسبت ۾ اوهين چئو ٿا تہ اهو ويران آهي، ۽ منجهس ماڻهو يا جانور ڪونهي، يعني يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ جي ويران آهن، ۽ جنهن ۾ نڪو ماڻهو آهي ۽ نڪو جانور،

11 اُٿي خوشيءَ جو آواز ۽ سرهائيءَ جو آواز، گهوٽ جو آواز ۽ ڪنوار جو آواز، وري بہ ٻڌڻ ۾ ايندو: ۽ انهن جو آواز، جي چون ٿا تہ لشڪرن جي خداوند جي شڪر گذاري ڪريو، ڇالاءِ جو خداوند چڱو آهي، جو هن جو رحم هميشہ تائين جٽاءُ ڪندڙ آهي: ۽ انهن جو آواز جي شڪرگذاريءَ جون قربانيون خداوند جي گهر ۾ ٿا آڻين. ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهي ملڪ جي قيدين کي اڳي وانگي موٽائي آڻيندس.

12 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هي هنڌ، جو ويران آهي ۽ منجهس ڪوبہ ماڻهو ۽ جانور ڪونهي، اُتي ۽ اُن جي سڀني شهرن ۾ وري بہ ڌنارن جي رهڻ جي جاءِ ٿيندي، جي پنهنجن ڌڻن کي اُتي سمهاريندا.

13 ڪوهستان جي شهرن ۾، ۽ نشيب واري زمين ۾، ۽ ڏکڻ جي شهرن ۾، ۽ بنيمين جي زمين ۽ يروشلم جي آس پاس وارين جاين ۾، ۽ يهوداہ جي شهر ۾، خداوند ٿو فرمائي، تہ ڳڻڻ واري جي هٿن هيٺان وري ڌڻ لنگهندا.

14 ڏس، خداوند ٿو فرمائي تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ اها چڱي ڳالهہ پوري ڪندس، جا مون اسرائيل جي گهراڻي ۽ يهوداہ جي گهراڻي جي نسبت ۾ ڪئي آهي.

15 انهن ڏينهن ۾، ۽ انهيءَ وقت آءٌ دائود جي لاءِ سچائيءَ جي هڪڙي شاخ ڦٽائيندس؛ ۽ اُهو انهي ملڪ ۾ عدالت ۽ سچائي جا ڪم ڪندو.

16 انهن ڏينهن ۾ يهوداہ بچي ويندو ۽ يروشلم سلامتيءَ سان رهندو؛ ۽ جنهن نالي سان هوءَ سڏبي سو هي آهي: خداوند اسان جي راستبازي آهي.

17 ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل جي گهراڻي جي تخت تي ويهڻ لاءِ دائود وٽ ڪنهن بہ ماڻهو جي کوٽ نہ ٿيندي؛

18 نڪا ڪاهنن يعني لاوين کي، سوختني قربانين چاڙهڻ لاءِ، ۽ نذرانن ساڙڻ لاءِ، ۽ هميشہ قرباني ڪرڻ لاءِ منهنجي اڳيان ڪنهن ماڻهوءَ جي کوٽ ٿيندي.

19 ۽ خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ

20 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن اوهين منهنجو اُهو عهد جو مون ڏينهن سان ۽ رات سان ڪيو آهي ڀڃي سگهندا، جنهن ڪري ڏينهن ۽ رات پنهنجي پوري وقت تي نہ ٿين؛

21 تہ تڏهن جيڪو عهد اقرار مون پنهنجي ٻانهي دائود سان ڪيو آهي سو بہ ڀڃي سگهبو، تہ هن کي سندس تخت تي ويهي بادشاهي ڪرڻ لاءِ پٽ نہ ٿئي؛ ۽ اهو عهد اقرار بہ جو مون پنهنجن خدمتگارن لاوين، يعني ڪاهنن سان ڪيو آهي.

22 جيئن آسمان جو لشڪر شمار ڪري سگهڻ جو ناهي، نڪي سمنڊ جي واري ماپي سگهڻ جي آهي؛ تيئن آءٌ پنهنجي ٻانهي دائود جي اولاد کي، ۽ پنهنجن خدمتگارن لاوين کي وڌائيندس.

23 ۽ خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ

24 جيڪي هن قوم ڳالهايو آهي تنهن تي تو ويچار نہ ڪيو ڇا، جو چون ٿا تہ جن ٻن فرقن کي خداوند پسند ڪيو، تن کي هن رد ڪري اُڇلائي ڇڏيو آهي؟ انهي طرح هو منهنجي قوم کي ڌڪارين ٿا، انهي لاءِ تہ اُهي سندن اڳيان وري ڪڏهن بہ قوم ٿي نہ رهن.

25 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن ڏينهن ۽ رات وارو منهنجو عهد اقرار نہ بيهندو، جيڪڏهن مون آسمان ۽ زمين جا قانون مقرر نہ ڪيا آهن؛

26 تڏهن آءٌ يعقوب جو، ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جو اولاد بہ رد ڪري ڇڏيندس، تہ انهن مان ڪنهن کي بہ نہ وٺان تہ ابرهام، اسحاق ۽ يعقوب جي نسل تي حڪم هلائين: بلڪ آءٌ هنن جا قيدي موٽائيندس، ۽ هنن تي رحم ڪندس.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ