Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

يرمياہ 22 - Sindhi Bible

1 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ يهوداہ جي بادشاهہ جي گهر وڃ ۽ اُتي هي ڳالهہ ٻڌاءِ،

2 ۽ چئُہ، تہ اي يهوداہ جا بادشاهہ، تون جو دائود جي تخت تي ويٺو آهين، ۽ تنهنجا نوڪر ۽ تنهنجا ماڻهو، جي هنن دروازن کان اندر لنگهي اچن ٿا، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو.

3 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين عدالت ۽ سچائيءَ جا ڪم ڪريو، ۽ جن تي ظلم ٿيو آهي تن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو: ۽ مسافر ۽ يتيم ۽ بيوہ زال سان ناحق ۽ ظلم نہ ڪريو، نڪي هن هنڌ بي گناهہ جو رت هاريو.

4 ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ يقيناً دائود جي تخت تي ويهندڙ بادشاهہ هن گهر جي درن مان گاڏين ۽ گهوڙن تي چڙهي، هر هڪ پنهنجن نوڪرن ۽ ماڻهن سميت اندر لنگهي ايندو.

5 پر جي اوهين اهي ڳالهيون نہ ٻڌندا، تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ پنهنجي ذات جو قسم ٿو کڻان تہ هي گهر ويران ٿي ويندو.

6 ڇالاءِ جو خداوند يهوداہ جي بادشاهہ جي گهراڻي جي نسبت هيئن ٿو فرمائي، تہ تون منهنجي لاءِ جلعاد وانگر ۽ لبنان جي چوٽي وانگر آهين: انهي هوندي بہ آءٌ ضرور توکي اهڙو ڪندس جهڙا بيابان ۽ اُجاڙ شهر.

7 ۽ آءٌ تنهنجي تباهہ ڪرڻ وارا تيار ڪندس، جن مان هر ڪنهن کي پنهنجا هٿيار هوندا: ۽ اُهي تنهنجا عمدا عمدا ديودار وڍي باهہ ۾ اُڇلائي وجهندا.

8 ۽ گهڻيون قومون هن شهر وٽان لنگهنديون ۽ انهن مان هرڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي چوندو تہ خداوند ڇو هن وڏي شهر جو ههڙو حال ڪيو آهي؟

9 تڏهن هو ورندي ڏيندا تہ ڇالاءِ جو هنن خداوند پنهنجي خدا جو عهد اقرار ڇڏي ڏنو ۽ ٻين معبودن جي عبادت ڪيائون، ۽ انهن جي خدمت چاڪري ڪيائون.

10 اوهين مئلن جي لاءِ نہ روئو ۽ نہ انهن جي لاءِ ماتم ڪريو: پر انهي جي لاءِ زار زار روئو جو هليو ٿو وڃي؛ ڇالاءِ جو هو وري نہ موٽندو، ۽ نہ وري پنهنجو وطن ڏسندو.

11 ڇالاءِ جو يهوداہ جو بادشاهہ سلوم بن يوسياہ، جو پنهنجي پيءُ يوسياہ جي بجاءِ بادشاهہ ٿيو آهي، ۽ جو هن هنڌان نڪري ٻاهر ويو آهي، تنهنجي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هو وري اُتي نہ ايندو؛

12 پر جنهن هنڌ هن کي قيد ڪري وٺي ويا آهن، اُتي مري ويندو، ۽ وري هي ملڪ نہ ڏسندو.

13 ويل هجي انهي سان، جو پنهنجو گهر بي انصافيءَ سان ٿو اڏي ۽ پنهنجون ڪوٺيون ظلم سان؛ جو پنهنجي پاڙيسريءَ کان بيگار جو پورهيو وٺي ٿو ۽ اُن کي مزوري نٿو ڏئي؛

14 جو چوي ٿو تہ آءٌ پنهنجي لاءِ ڪشادو گهر ۽ ويڪريون ڪوٺيون جوڙائيندس. ۽ جو پنهنجي لاءِ دريون ٺهرائي ٿو؛ ۽ انهي گهر تي ديودار جي ڪاٺ جي ڀت جوڙائي، ۽ انهي کي شنگرف سان چٽائي ٿو.

15 تون انهي ڪري بادشاهي ڪندين ڇا جو تون ديودار ۾ ڪسر کڻي ويو آهين؟ جڏهن تنهنجي پيءُ عدل ۽ انصاف ڪري کاڌو پيتو ٿي تڏهن انهي جو چڱو حال ٿي ٿيو.

16 هن غريب ۽ مسڪين جو معاملو فيصل ٿي ڪيو؛ تڏهن ان جو چڱو حال ٿي ٿيو. خداوند ٿو فرمائي، تہ اهو مون کي سڃاڻڻ نہ هو ڇا؟

17 پر تنهنجون اکيون ۽ تنهنجي دل فقط تنهنجي لالچ لاءِ، ۽ بيگناهہ رت وهائڻ لاءِ، ۽ ظلم ۽ زبردستي ڪرڻ لاءِ آهن.

18 تنهن ڪري، يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هو انهي لاءِ، هاءِ منهنجا ادا! يا هاءِ ادي! چئي ماتم نہ ڪندا. هو انهي لاءِ، هاءِ ڌڻي! يا هاءِ ان جو جلال! چئي نہ رئندا پِٽيندا.

19 هو گڏهہ وانگي دفن ڪيو ويندو ۽ يروشلم جي دروازن مان گهلي اُڇلايو ويندو.

20 لبنان تي چڙهي وڃ ۽ وڃي پڪار؛ ۽ بسن ۾ پنهنجو آواز بلند ڪر: ۽ عباريم مان دانهون ڪر؛ ڇالاءِ جو تنهنجا سڀ عاشق ناس ٿي ويا آهن.

21 تنهنجي سک جي وقت مون تو سان ڳالهايو پر تو چيو تہ آءٌ ڪين ٻڌندس، ننڍي هوندي کان اها تنهنجي عادت ٿي رهي آهي تہ تون منهنجو آواز نٿو مڃين.

22 واءُ تنهنجن سڀني ڌنارن کي هڪالي ويندو، ۽ تنهنجا عاشق قيدي ٿي ويندا: يقيناً انهيءَ وقت تون پنهنجي شرارت جي ڪري شرمندو ۽ پشيمان ٿيندين.

23 اي لبنان جا رهاڪو، تون جو ديودارن ۾ پنهنجو آکيرو ٿو جوڙين، جڏهن تو تي ويم واريءَ زال جهڙا سور ايندا، تڏهن توتي ڪيترو نہ گهڻو افسوس ٿيندو:

24 خداوند ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجيءَ حياتيءَ جو قسم آهي تہ جيتوڻيڪ يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم جو پٽ ڪونياہ منهنجي ساڄي هٿ جي منڊي وانگي هجي، تہ بہ آءٌ جيڪر توکي اتان پٽي ڪڍي ڇڏيان؛

25 ۽ آءٌ توکي انهن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيان جي تنهنجي جان جي پٺيان آهن، ۽ انهن جي هٿن ۾ جن کان تون ڊڄين ٿو، يعني بابل جي بادشاهہ نبوڪد نضر جي ۽ ڪسدين جي هٿن ۾،

26 آءٌ توکي، ۽ جنهن تنهنجي ماءُ توکي ڄڻيو، تنهن کي ٻئي ملڪ ۾ اُڇلائي ڇڏيندس، جتي تون نہ ڄائو هئين؛ ۽ اُتيئي تون مرندين.

27 پر هو انهي ملڪ ۾ نہ موٽندا جتي موٽڻ لاءِ هنن جو روح خواهش ٿو ڪري.

28 اهو ماڻهو ڪونياہ نفرت جهڙو ڀڳل ٿانو آهي ڇا؟ هو اهڙو ٿانو آهي ڇا جو پسند ڪرڻ جهڙو ناهي؟ ڇالاءِ هو ۽ ان جو اولاد ٻاهر ڪڍيا ويا آهن ۽ انهي ملڪ ۾ ڦٽا ڪيا ويا آهن، جن جي هنن کي خبر ئي ڪانهي؟

29 اي زمين، زمين، زمين، خداوند جو ڪلام ٻڌ،

30 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين هن ماڻهوءَ کي بي اولاد ڪري لکو، اهڙو ماڻهو جو پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ سکيو نہ رهندو: ڇالاءِ جو ڪوبہ ماڻهو سندس نسل مان اهڙو اقبال وارو نہ ٿيندو جو دائود جي تخت تي ويهي، ۽ وري اڳتي يهوداہ ۾ بادشاهي ڪري.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ