قاضين 9 - Sindhi Bible1 ۽ ابيملڪ بن يروبعل پنهنجي مامن وٽ سڪم ۾ ويو، ۽ انهن کي، ۽ پنهنجي ناني جي گهراڻي واري قبيلي کي چيائين، تہ 2 آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ سڪم جي سڀني ماڻهن کان پڇي ڏسو تہ اوهان جي لاءِ اها ڳالهہ بهتر آهي تہ يروبعل جا سڀ پٽ، جي ستر ڄڻا آهن، سي اوهان تي حڪم هلائين، يا هڪڙو ئي ماڻهو اوهان جو حاڪم ٿئي؟ هيءَ ڳالهہ بہ ياد رکو تہ آءٌ اوهان جو هڏ ۽ رت آهيان. 3 ۽ هن جي مامن اُنهيءَ بابت اُهي سڀ ڳالهيون سڪم جي سڀني ماڻهن جي ڪنن تائين پهچايون: ۽ هنن جي دل ابيملڪ جي پيروي تي مائل ٿي؛ ڇالاءِ جو هنن چيو تہ هو اسان جو ڀاءُ آهي. 4 ۽ هنن بعل بريت جي گهر مان ستر چانديءَ جا سڪا ڪڍي آندا، جن سان ابيملڪ بيهودا ۽ خسيس ماڻهو ڀاڙي ڪيا، جي سندس پوئلڳ ٿيا. 5 پوءِ هو عفرہ ۾ پنهنجي پيءُ جي گهر ويو، ۽ پنهنجن ڀائرن يروبعل جي پٽن کي هڪڙي پٿر تي ڪُٺائين، جي ستر ڄڻا هئا: پر يروبعل جو سڀ کان ننڍو پٽ يوتام رهجي ويو؛ ڇالاءِ جو هن وڃي پاڻ کي لڪايو هو. 6 تڏهن سڪم جا سڀ ماڻهو، ۽ ملو جو گهراڻو اچي گڏ ٿيا، ۽ سڪم ۾ ٺلهہ واري شاهہ بلوط وٽ وڃي ابيملڪ کي بادشاهہ ڪيائون. 7 ۽ جڏهن يوتام کي اها خبر ملي، تڏهن هو وڃي گرزيم جبل جي چوٽيءَ تي بيٺو، ۽ وڏي آواز سان سڏ ڪري هنن کي چوڻ لڳو تہ اي سڪم جا رهاڪو، منهنجي ڳالهہ ٻڌو، تہ خدا بہ اوهان جي ٻڌي. 8 ڪنهن زماني ۾ وڻ اُٿيا تہ پنهنجي مٿان ڪنهن کي مسح ڪري بادشاهہ ڪن؛ ۽ زيتون جي وڻ کي چيائون تہ تون اسان تي بادشاهي ڪر. 9 پر زيتون جي وڻ انهن کي چيو تہ آءٌ پنهنجو سڻڀ ڇڏي ڏيان ڇا، جنهن سان منهنجي وسيلي ماڻهو خدا کي ۽ انسان کي تعظيم ٿا ڏين، ۽ وڃي ٻين وڻن تي هيڏي هوڏي لُڏان؟ 10 تڏهن وڻن انجير جي وڻ کي چيو تہ تون اچي اسان تي بادشاهي ڪر. 11 پر انجير جي وڻ چين تہ آءٌ پنهنجو مٺاڻ ۽ پنهنجو چڱو ڦر ڇڏي ڏيان ڇا، ۽ وڃي ٻين وڻن تي هيڏي هوڏي لُڏان؟ 12 تڏهن وڻن ڊاک کي چيو تہ تون اچي اسان تي بادشاهي ڪر. 13 ۽ ڊاک چين تہ آءٌ پنهنجو انگوري شراب ڇڏي ڏيان ڇا، جو خدا ۽ انسان کي خوش ٿو ڪري، ۽ وڃي ٻين وڻن تي هيڏي هوڏي لُڏان؟ 14 تڏهن سڀني وڻن ڪنڊيءَ جي وڻ کي چيو تہ تون اچي اسان تي بادشاهي ڪر. 15 ۽ ڪنڊيءَ جي وڻ چين تہ جي سچ پچ اوهين مون کي مسح ڪري پاڻ تي بادشاهہ ٿا ڪريو، تہ اچو ۽ منهنجي ڇانوَ ۾ پناهہ وٺو: ۽ جي نہ، تہ ڀلي ڪنڊيءَ مان باهہ نڪري، ۽ لبنان جي سرو جي وڻن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏي. 16 تنهنڪري هاڻي جيڪڏهن اوهان سپت ۽ سچائي جي هلت ڪئي آهي، جو ابيملڪ کي بادشاهہ ڪيو اٿوَ، ۽ جيڪڏهن يروبعل ۽ ان جي گهراڻي سان چڱو سلوڪ ڪيو آهي، ۽ انهيءَ جي هٿن جي ڪيل احسان موجب هليا آهيو؛ 17 (ڇالاءِ جو منهنجو پيءُ اوهان جي لاءِ وڙهيو، ۽ پنهنجي جان جوکي ۾ وڌائين، ۽ اوهان کي مديانين جي هٿن مان ڇڏايائين: 18 ۽ اوهين اڄ منهنجي پيءُ جي گهراڻي جي برخلاف اُٿيا آهيو، ۽ انهيءَ جي پٽن کي هڪڙي پٿر تي ڪُٺو اٿوَ، جي ستر ڄڻا هئا، ۽ انهيءَ جي ٻانهيءَ جي پٽ ابيملڪ کي سڪم جي رهاڪن جو بادشاهہ ڪيو اٿوَ، رڳو انهي ڪري جو هو اوهان جو ڀاءُ آهي)؛ 19 تڏهن جي اوهان اڄ يروبعل ۽ ان جي گهراڻي سان سپت ۽ سچائي جي هلت ڪئي آهي، تہ ڀلي اوهين ابيملڪ مان خوش ۽ راضي رهو، ۽ هو بہ اوهان مان خوش ۽ راضي رهي: 20 پر جي نہ تہ ڀلي ابيملڪ مان باهہ نڪري سڪم جي ماڻهن، ۽ ملو جي گهراڻي کي ساڙي ناس ڪري ڇڏي؛ ۽ ڀلي تہ سڪم جي ماڻهن ۽ ملو جي گهراڻي مان باهہ نڪري ابيملڪ کي کائي وڃي. 21 پوءِ يوتام اُٿي ڀڳو، ۽ بير ڏانهن ويو، ۽ پنهنجي ڀاءُ ابيملڪ جي ڊپ کان اُتي وڃي رهڻ لڳو. 22 ۽ ابيملڪ ٽي ورهيہ اسرائيل تي بادشاهہ هو. 23 ۽ خدا ابيملڪ ۽ سڪم جي ماڻهن جي وچ ۾ هڪڙو خراب روح موڪليو؛ ۽ سڪم جي ماڻهن ابيملڪ سان دغا ڪئي: 24 انهي لاءِ تہ يروبعل جي ستر پٽن سان جيڪو ظلم ٿيو هو، سو ظاهر ٿئي، ۽ انهن جو خون سندس ڀاءُ ابيملڪ تي رکيو وڃي، جنهن هنن کي ماريو، ۽ سڪم جي ماڻهن تي بہ، جن هن کي پنهنجي ڀائرن جي مارڻ ۾ مدد ڪئي هئي. 25 ۽ سڪم جي ماڻهن جبلن جي چوٽين تي، ڄڪن ۾ ماڻهو لڪائي بيهاري ڇڏيا، ۽ انهن انهيءَ رستي تان ايندڙن سڀني ماڻهن کي پئي ڦريو: ۽ اها ڳالهہ ابيملڪ کي ٻڌائي ويئي. 26 ۽ جعل بن عبد پنهنجي ڀائرن سميت سڪم ۾ آيو: ۽ سڪم جي ماڻهن مٿس ڀروسو رکيو. 27 ۽ هو ٻنيءَ ۾ ويا، ۽ ڊاک گڏ ڪيائون، ۽ اُها لتاڙي پوءِ خوشي ڪيائون، ۽ پنهنجي معبود جي گهر اچي، اُها کاڌائون پيتائون، ۽ ابيملڪ تي لعنت ڪيائون. 28 ۽ جعل بن عبد چيو تہ ابيملڪ ڪير آهي، ۽ سڪم ڪير آهي جو اسين انهي جي خدمت ڪريون؟ اُهو يروبعل جو پٽ ناهي ڇا؟ ۽ زبول هن جو عملدار ناهي ڇا؟ اوهين سڪم جي پيءُ حصور جي ماڻهن جي خدمت ڪريو: پر اسين ڇو هن جي خدمت ڪريون؟ 29 اهي ماڻهو منهنجي هٿ هيٺ هجن تہ ڪهڙو نہ چڱو! پوءِ جيڪر آءٌ ابيملڪ کي ڪڍي ڇڏيان ها، ۽ هن ابيملڪ کي چيو تہ پنهنجو لشڪر وڌاءِ، ۽ پوءِ نڪري ٻاهر ٿيءُ. 30 ۽ جڏهن شهر جي حاڪم زبول، جعل بن عبد جون هي ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن هن جي ڪاوڙ ڀڙڪي. 31 ۽ هن هوشياري ڪري ابيملڪ وٽ قاصد موڪليا، ۽ چوائي موڪليائينس تہ ڏس، جعل بن عبد ۽ سندس ڀائر سڪم ۾ آيا آهن، ۽ هو شهر کي تنهنجي برخلاف ٿيڻ لاءِ زور ٿا ڪن. 32 تنهنڪري هاڻي تون، ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو تو ساڻ آهن، سي رات جو اُٿو، ۽ وڃي ٻنيءَ ۾ لڪي ويهي رهو. 33 ۽ هيئن ٿيندو تہ صبح جو سج اُڀرڻ شرط تون اُٿي شهر تي حملو ڪج: ۽ جڏهن هو پنهنجن ماڻهن سميت تو سان وڙهڻ لاءِ اچي، تڏهن جيئن وجهہ مليئي، تيئن هنن سان ڪج. 34 ان موجب ابيملڪ اُٿيو، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، سي سڀ رات جو گڏجي چار ٽوليون ڪري سڪم تي ڪاهڻ لاءِ لڪي ويهي رهيا. 35 ۽ جعل بن عبد ٻاهر نڪري شهر جي دروازي جي لنگهہ ۾ بيهي رهيو: ۽ ابيملڪ ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، سي پنهنجي لڪڻ جي جاءِ تان اُٿيا. 36 ۽ جڏهن جعل هنن ماڻهن کي ڏٺو تڏهن زبول کي چيائين تہ ڏس، هو ماڻهو جبل جي چوٽين تان هيٺ لهي رهيا آهن. ۽ زبول هن کي چيو تہ تون جبلن جو پاڇو ٿو ڏسين، جي ڄڻ تہ ماڻهو آهن. 37 ۽ جعل وري چيو تہ ڏس ميدان جي وچان ماڻهو لهندا ٿا اچن، ۽ هڪڙي ٽولي تہ معوننيم جي شاهہ بلوط واري رستي کان ٿي اچي. 38 تڏهن زبول هن کي چيو تہ هاڻي تنهنجو وات ڪٿي آهي، جو تو ٿي چيو تہ ابيملڪ ڪير آهي جو اسين انهي جي خدمت ڪريون؟ هي اُهي ماڻهو ناهن ڇا جن جي تو حقارت ٿي ڪئي؟ هاڻي مهرباني ڪري نڪري وڃي انهن سان وڙهہ. 39 تنهن تي جعل سڪم جي ماڻهن جي اڳيان نڪتو، ۽ وڃي ابيملڪ سان وڙهيو. 40 ۽ ابيملڪ هن کي ڀڄائي ڪڍيو، ۽ هو سندس اڳيان اُٿي ڀڳو، ۽ گهڻائي ماڻهو دروازي جي لنگهہ تائين ڦٽجي ڪري پيا. 41 ۽ ابيملڪ ارومہ ۾ رهڻ لڳو: ۽ زبول، جعل ۽ سندس ڀائرن کي هڪالي ڪڍيو تہ سڪم ۾ نہ رهن. 42 ۽ صبح جو اُهي ماڻهو نڪري ٻاهر ٻنيءَ ۾ ويا؛ ۽ اها ڳالهہ ابيملڪ کي ٻڌايائون. 43 ۽ هن ماڻهن کي ٽن ٽولين ۾ ورهايو، ۽ ٻنيءَ ۾ لڪي ويهي رهيو؛ ۽ جڏهن ڏٺائين تہ ماڻهو شهر مان نڪري پيا اچن، تڏهن هو اُٿي انهن جي سامهون ٿيو، ۽ انهن کي ماريائين. 44 ۽ ابيملڪ پنهنجين ٽولين سميت اڳتي ڪاهي ويو، ۽ شهر جي دروازي جي لنگهہ تي وڃي بيٺو: ۽ جيڪي ماڻهو ٻنيءَ ۾ هئا، تن سڀني تي ٻن ٽولين ڪاهہ ڪئي، ۽ انهن کي ماريائون. 45 ۽ ابيملڪ انهي ڏينهن شهر سان وڙهندو رهيو: ۽ هن شهر ورتو ۽ جيڪي ماڻهو ان ۾ هئا، تن کي قتل ڪيائين، ۽ شهر کي ڊاهي ميدان ڪري انهي تي لوڻ ڇاٽاري ڇڏيائين. 46 ۽ جڏهن سڪم جي ٺلهہ وارن سڀني ماڻهن اهو ٻڌو، تڏهن هو البريت جي گهر جي بهري ۾ گهڙي ويا. 47 ۽ ابيملڪ کي ٻڌايائون تہ سڪم جي ٺلهہ جا سڀ ماڻهو اُتي وڃي گڏ ٿيا آهن. 48 ۽ ابيملڪ، جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، تن سڀني سميت ضلمون جي جبل تي چڙهي ويو؛ ۽ ابيملڪ پنهنجي هٿ ۾ هڪڙو ڪهاڙو کڻي وڻ مان هڪڙي ٽاري وڍي، ۽ اُها مٿي کڻي پنهنجي ڪلهي تي رکيائين، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، تن کي هن چيو تہ جيڪي اوهان مون کي ڪندو ڏٺو آهي، سو اوهين بہ جلدي ڪري ائين ئي ڪريو. 49 ۽ سڀئي ماڻهو هڪڙي هڪڙي ٽاري وڍي ابيملڪ جي پٺيان ويا، ۽ اُهي بهري جي چوڌاري رکيائون، ۽ پوءِ انهيءَ بهري کي کڻي باهہ ڏنائون؛ جنهن ڪري سڪم جي ٺلهہ جا سڀ ماڻهو، جي اٽڪل هڪ هزار مرد ۽ زالون هئا، سي مري ويا. 50 تنهن کان پوءِ ابيملڪ تيبض ڏانهن ويو، ۽ تيبض جي سامهون منزل ڪيائين، ۽ اُهو ورتائين. 51 پر شهر جي اندر هڪڙو مضبوط ٺلهہ هو، ۽ شهر جا سڀ ماڻهو، مرد توڙي زالون، اُٿي اوڏانهن ڀڳا، ۽ انهيءَ ۾ پاڻ کي بند ڪري ڇڏيائون، ۽ پوءِ ٺلهہ جي ڇت تي چڙهي ويا. 52 تڏهن ابيملڪ ٺلهہ وٽ آيو، ۽ انهيءَ تي چڙهائي ڪيائين ۽ ٺلهہ جي در کي تمام ويجهو وڃي ٿيو، انهي لاءِ تہ انهي کي باهہ ڏيئي ساڙي. 53 تڏهن ڪنهن زال جنڊ جو مٿيون پڙ کڻي ابيملڪ جي مٿي تي اُڇلايو، جنهنڪري هن جي کوپڙي ڀڄي پئي. 54 تنهن تي هن جلدي ڪري پنهنجي زرهہ بردار جوان کي ڪوٺي چيو تہ پنهنجي ترار ڪڍي مون کي مار، متان ماڻهو منهنجي نالي ائين چون تہ هڪڙي زال هن کي ماري وڌو، ۽ انهيءَ جوان ترار هن مان آرپار لنگهائي وڌي، ۽ هو مري ويو. 55 ۽ جڏهن اسرائيل جي ماڻهن ڏٺو تہ ابيملڪ مري ويو آهي، تڏهن اُهي سڀ اُٿي پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي ويا. 56 انهي طرح خدا ابيملڪ کي انهيءَ شرارت جو بدلو ڏنو جا هن، پنهنجي ستر ڀائرن کي مارڻ ڪري پنهنجي پيءُ سان ڪئي هئي. 57 ۽ سڪم جي سڀني ماڻهن جي شرارت خدا موٽائي سندن سرن تي آندي، ۽ يوتام بن يروبعل جي لعنت اُنهن تي آئي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society