Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

قاضين 8 - Sindhi Bible

1 ۽ افرائيم جي ماڻهن هن کي چيو تہ ڇالاءِ تو اسان سان اهڙي هلت ڪئي آهي، جو جڏهن تون مديانين سان وڙهڻ لاءِ وئين، تڏهن اسان کي نہ سڏيَئِي؟ ۽ هو انهيءَ سان تکو ڳالهائڻ لڳا.

2 تڏهن هن انهن کي چيو تہ مون اوهان جي مقابلي ۾ ڇا ڪيو آهي؟ افرائيم جي ڊاک جو چونڊو، ابيعزر جي انگور جي ڪل حاصلات کان بهتر ناهي ڇا؟

3 خدا مديانين جا شهزادا عوريب ۽ زئيب اوهان جي هٿ ۾ ڏنا آهن: اوهان جي مقابلي ۾ آءٌ ڇا ڪري سگهيس! تڏهن هن جي ايتري چوڻ تي هنن جي جيڪا ڪاوڙ مٿس هئي سا جهڪي ٿي.

4 ۽ جدعون يردن وٽ آيو، ۽ جيڪي ٽي سؤ ماڻهو ساڻس هئا تن سميت پار لنگهيو، ۽ جيتوڻيڪ هو ٿڪل هئا، تڏهن بہ هن جي پٺيان لڳا آيا.

5 ۽ هن سڪات جي ماڻهن کي چيو تہ آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ جيڪي ماڻهو منهنجي پٺيان ٿا اچن، تن کي کاڌو ڏيو: ڇالاءِ جو هو ٿڪل آهن، ۽ آءٌ زبح ۽ ضلمنع، مديانين جي بادشاهن جي پٺيان ڪاهي ٿو وڃان.

6 ۽ سڪات جي اميرن چيو تہ زبح ۽ ضلمنع هاڻي تنهنجي هٿ ۾ آهن ڇا جو اسين تنهنجي لشڪر کي مانيون ڏيون؟

7 تڏهن جدعون چيو تہ جڏهن خداوند زبح ۽ ضلمنع منهنجي هٿ ۾ ڏيندو، تڏهن آءٌ اوهان جو گوشت بيابان جي ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن سان ڏاريندس.

8 ۽ اُتان وري هو فنوايل ڏانهن چڙهي ويو، ۽ انهن کي بہ ساڳيءَ طرح چيائين، ۽ فنوايل جي ماڻهن بہ ساڳيو جواب ڏنس جو سڪات جي ماڻهن ڏنو هوس.

9 ۽ هن فنوايل جي ماڻهن کي بہ چيو تہ جڏهن آءٌ صحيح سلامت موٽي ايندس، تڏهن آءٌ هي ٺلهہ اچي ڀڃندس.

10 هاڻي زبح ۽ ضلمنع قرقور ۾ هئا، ۽ انهن جو لشڪر ساڻن هو، ۽ اُهي اٽڪل پندرهن هزار ماڻهو هئا، جي سڀ اُڀرندي جي ماڻهن جي لشڪرن مان باقي بچيا هئا: ڇالاءِ جو هڪ لک ويهہ هزار ترار هڻندڙ ماڻهو قتل ٿي ويا هئا.

11 پوءِ جدعون انهن جي پاسي ويو جي نبح ۽ يگبهاہ جي اُڀرندي، تنبن ۾ رهندا هئا، ۽ انهن جي لشڪر کي شڪست ڏنائين؛ ڇالاءِ جو هو بي خبرا آرام ۾ ويٺا هئا.

12 ۽ زبح ۽ ضلمنع اُٿي ڀڳا؛ ۽ هو سندن پٺيان پيو؛ ۽ هن وڃي مديانين جي ٻنهي بادشاهن زبح ۽ ضلمنع کي پڪڙيو، ۽ سڄي لشڪر کي ڀڄائي ڇڏيائين.

13 ۽ جدعون بن يوآس، حرس جي چاڙهيءَ کان جنگ تان موٽي آيو.

14 ۽ هن سڪات جي ماڻهن مان هڪڙي نوجوان کي هٿ ڪري پڇا ڪئي: ۽ انهيءَ هن کي سڪات جي اميرن ۽ بزرگن جي سموري خبر ڏني، جي ستهتر ماڻهو هئا.

15 پوءِ هو سڪات جي ماڻهن وٽ آيو، ۽ چيائين تہ ڏسو، اوهان مون کي طعنو هڻي چيو تہ زبح ۽ ضلمنع جا هٿ هاڻي تنهنجي هٿ ۾ آهن ڇا، جو اسين تنهنجي ٿڪل ماڻهن کي مانيون ڏيون؟

16 ۽ هن شهر جي بزرگن کي گرفتار ڪيو، ۽ بيابان جا ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا بہ کنيائين، ۽ انهن سان سڪات جي ماڻهن کي سيکت ڏنائين.

17 ۽ هن فنوايل جو ٺلهہ ڀڃي ڊاهي ڇڏيو، ۽ شهر جا ماڻهو ماري ڇڏيائين.

18 تڏهن هن زبح ۽ ضلمنع کي چيو تہ اُهي ڪهڙي قسم جا ماڻهو هئا جن کي اوهان تبور ۾ ڪُٺو هو؟ ۽ هنن ورندي ڏني تہ هو بہ اهڙا هئا جهڙو تون آهين، انهن مان هرڪو بادشاهہ جي پٽن جهڙو هو.

19 تڏهن هن چيو تہ اُهي منهنجا ڀائر هئا، منهنجي ماءُ جا پٽ: جيئري خداوند جو قسم آهي تہ جي اوهين انهن کي جيئرو ڇڏي ڏيو ها تہ آءٌ اوهان کي نہ ڪهان ها.

20 ۽ هن پنهنجي وڏي پٽ يتر کي چيو تہ اُٿي هنن کي قتل ڪر. پر هن جوان پنهنجي ترار نہ ڪڍي: ڇالاءِ جو هو ننڍيءَ عمر جو هو، ۽ تنهنڪري ڊنو.

21 تڏهن زبح ۽ ضلمنع چيو تہ تون اسان تي ڪاهي اچ: ڇالاءِ تہ جهڙو ماڻهو پاڻ آهي تهڙو سندس زور آهي. تڏهن جدعون اُٿيو ۽ زبح ۽ ضلمنع کي قتل ڪيائين، ۽ هنن جي اُٺن جي ڪنڌن تي جيڪي نئين چنڊ جي شڪل جا هار هئا سي هٿ ڪيائين.

22 تڏهن بني اسرائيل جدعون کي چيو تہ تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي پٽ جو پٽ بہ ڀلي اسان تي حڪومت ڪريو: ڇالاءِ جو تو اسان کي مديانين جي هٿان ڇڏايو آهي.

23 ۽ جدعون انهن کي چيو تہ آءٌ اوهان تي حڪومت نہ ڪندس، نڪي منهنجو پٽ اوهان تي حڪومت ڪندو.

24 ۽ جدعون انهن کي چيو تہ آءٌ اوهان کي هڪڙو سوال ٿو ڪريان تہ اوهان مان سڀڪو ماڻهو پنهنجي لٽ جي مال مان مون کي پنڙا ڏئي (ڇالاءِ جو انهن کي سونا پنڙا پيل هئا، جو هو اسماعيلي هئا).

25 ۽ هنن جواب ڏنو تہ اسين اُهي خوشيءَ سان ڏينداسين. پوءِ هنن هڪڙي چادر وڇائي ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ انهيءَ ۾ پنهنجي لٽ جي مال مان پنڙا اُڇلائي وڌا.

26 ۽ اُهي سونا پنڙا جي هن گهريا تن جو وزن هڪ هزار ست سؤ سون جا شيڪل ٿيو، تنهن کان سواءِ نئين چنڊ جي شڪل وارا زيور، ۽ هار، ۽ واڱڻائي پوشاڪ، جا مديانين جي بادشاهن تي هئي، ۽ جيڪي زنجيرون انهن جي اُٺن جي ڪنڌن تي هيون.

27 ۽ جدعون انهن مان هڪڙو افود جوڙيو، ۽ اُهو پنهنجي شهر ۾، يعني عفرہ ۾ هڻي ڇڏيائين: ۽ سڀ اسرائيلي اُتي انهيءَ جي پٺيان زنا ڪندا رهيا؛ ۽ اُهو جدعون ۽ سندس گهراڻي لاءِ هڪڙو ڦندو ٿيو.

28 انهيءَ طرح مديانين بني اسرائيل جي اڳيان شڪست کاڌي، ۽ هنن وري پنهنجا منهن مٿي نہ ڪيا، ۽ انهيءَ ملڪ کي جدعون جي ڏينهن ۾ چاليهہ ورهيہ آرام مليو.

29 ۽ يروبعل بن يوآس وڃي پنهنجي گهر ۾ رهڻ لڳو.

30 ۽ جدعون کي ستر پٽ هئا، جي سندن پٺ مان پيدا ٿيا هئا؛ ڇالاءِ جو هن کي گهڻيون زالون هيون.

31 ۽ هن جي سريت جا سڪم ۾ هئي، تنهن مان بہ هن کي هڪڙو پٽ ڄائو، جنهن جو نالو هن ابيملڪ رکيو.

32 ۽ جدعون بن يوآس وڏي عمر ۾ وفات ڪئي، ۽ ابيعزرين واري عفرہ ۾، سندس پيءُ يوآس جي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو.

33 ۽ هيئن ٿيو جو جدعون جي مرڻ شرط، بني اسرائيل وري بہ ڦري ويا، ۽ بعليم جي پٺيان زناڪاري ڪرڻ لڳا، ۽ بعل بريت جي عبادت ڪرڻ لڳا.

34 ۽ بني اسرائيل خداوند پنهنجي خدا کي ياد نہ ڪيو، جنهن هنن کي سڀ ڪنهن پاسي، سندن سڀني دشمنن جي هٿان ڇڏايو هو:

35 نڪي هنن يروبعل يعني جدعون جي گهراڻي کي، انهيءَ ڀلائيءَ جي عيوض، جا هن اسرائيل کي ڏيکاري هئي، مهرباني ڏيکاري.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ