قاضين 2 - Sindhi Bible1 ۽ خداوند جو فرشتو جلجال مان بوڪيم ۾ آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ مون اوهان کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ آندو اٿم جنهن جي بابت اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هوم؛ ۽ اوهان سان ڪيل پنهنجو عهد اقرار ڪڏهن بہ نہ ڀڃندس: 2 ۽ اوهين هن ملڪ جي رهاڪن سان ڪوبہ عهد اقرار نہ ڪجو، ۽ اوهين هنن جون قربانگاهون ڀڃي ڇڏجو: پر اوهان منهنجي ڳالهہ نہ مڃي: ڇو اوهان ائين ڪيو آهي؟ 3 انهي ڪري مون چيو تہ هنن کي اوهان جي اڳيان هڪالي نہ ڪڍندس؛ پر اُهي اوهان جي پاسن ۾ ڪنڊا، ۽ هنن جا معبود اوهان جي لاءِ دام ٿيندا. 4 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خداوند جي فرشتي بني اسرائيل کي اهي ڳالهيون ٻڌايون، تڏهن ماڻهو وڏي سڏ دانهون ڪري روئڻ لڳا. 5 ۽ انهيءَ جاءِ کي هنن بوڪيم سڏيو، ۽ اُتي خداوند جي لاءِ قرباني چاڙهيائون. 6 هاڻي جڏهن يشوع ماڻهن کي روانو ڪري ڇڏيو، تڏهن بني اسرائيل مان هرڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي موروثي زمين هٿ ڪرڻ لاءِ ويو. 7 ۽ اُهي ماڻهو يشوع جي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن، ۽ يشوع کان پوءِ بہ جيڪي بزرگ جيئرا رهيا، تن جي ڏينهن ۾ خداوند جي عبادت ڪندا آيا، ۽ اُهي وڏا ڪم جيڪي هن اسرائيل لاءِ ڪيا هئا سي ڄاڻندا هئا. 8 ۽ خداوند جي ٻانهي يشوع بن نون، هڪ سؤ ڏهن ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي. 9 ۽ هنن کيس جعس جبل جي اُتر ڏانهن، افرائيم جي ڪوهستان ۾ تمنت حرس منجهہ، سندس ورثي جي حد اندر دفن ڪيو. 10 ۽ ٻيا سڀ انهيءَ پيڙهيءَ وارا بہ وڃي پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏيا: ۽ انهن کان پوءِ ٻي پيڙهي اُٿي، جي نڪي خداوند کي سڃاڻندا هئا، ۽ نڪي جيڪي ڪم هن اسرائيل لاءِ ڪيا هئا، تن کان واقف هئا. 11 ۽ بني اسرائيل اُهي ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، ۽ بعليم جي عبادت ڪرڻ لڳا: 12 ۽ هنن خداوند، پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو، جنهن هنن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو هو، ۽ ٻين معبودن، يعني آس پاس وارين قومن جي معبودن جي پيروي ڪيائون، ۽ اُنهن کي سجدو ڪيائون: ۽ خداوند کي ڪاوڙايائون، 13 ۽ هو خدا کي ڇڏي، بعل ۽ عستارات جي عبادت ڪرڻ لڳا. 14 تنهن تي خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي ۽ هن انهن کي ڦرلٽ ڪرڻ وارن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو، جن هنن کي ڦري لٽي ڇڏيو، ۽ انهن کي آس پاس وارن دشمنن وٽ وڪڻي ڇڏيائين، جنهنڪري هو وري پنهنجي دشمنن جي سامهون بيهي ڪين سگهيا. 15 جيڏانهن هو ويندا هئا اوڏانهن خداوند جو هٿ خرابيءَ لاءِ انهن تي رهندو هو، جيئن خداوند فرمايو هو، ۽ جيئن خداوند هنن سان قسم کنيو هو: ۽ هو تمام تنگ ٿيا. 16 ۽ خداوند قاضي اُٿاريا، جن انهن کي سندن ڦرلٽ ڪرڻ وارن کان بچايو. 17 انهيءَ هوندي بہ هنن پنهنجي قاضين کي نہ مڃيو، ڇالاءِ جو هو ٻين معبودن جي پيروي ڪري زنا ڪندا رهيا، ۽ انهن کي سجدو ڪندا رهيا: جنهن رستي تي هنن جا ابا ڏاڏا خداوند جا حڪم مڃي هلندا هئا، تنهن کان سگهو ئي ڦري ٻئي پاسي ويا: ۽ انهن وانگر نہ هليا. 18 ۽ جڏهن خداوند هنن جي لاءِ قاضي اُٿاريا، تڏهن خداوند قاضيءَ سان هوندو هو، ۽ قاضيءَ جي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن هو هنن کي سندن دشمنن جي هٿن مان بچائيندو رهندو هو: ڇالاءِ جو مٿن ظلم ڪندڙن، ۽ کين تڪليف ڏيندڙن جي ڪري هو دانهون ڪندا هئا، تنهنڪري خداوند کي مٿن قياس آيو. 19 پر هيئن ٿيو تہ جڏهن اُهو قاضي مري ويو تڏهن، وري هو ڦري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن کان بہ وڌيڪ برائي ڪرڻ لڳا، جو ٻين معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي عبادت ڪرڻ، ۽ انهن کي سجدو ڏيڻ لڳا؛ پنهنجن انهن ڪمن کان، توڙي پنهنجي خراب رستي کان باز نہ آيا. 20 تڏهن خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي؛ ۽ هن چيو تہ ڇو هن قوم جي ابن ڏاڏن، جنهن عهد اقرار جو مون حڪم ڏنو هو، سو ڀڳو آهي، ۽ منهنجو حڪم نہ مڃيو اٿن؛ 21 تنهنڪري جيڪي قومون يشوع وفات ڪرڻ مهل ڇڏي ويو هو، تن کي آءٌ بہ هنن جي اڳيان هڪالي نہ ڪڍندس. 22 انهي لاءِ تہ ائين ڪرڻ سان آءٌ اسرائيلين کي آزمايان، تہ جيئن سندن ابا ڏاڏا ڪندا هئا، تيئن هي بہ خداوند جي راهہ جي سنڀال ڪري انهي تي هلن ٿا يا نہ. 23 انهيءَ طرح خداوند انهن قومن کي هنن جي اڳيان جلد هڪلڻ کان سواءِ ڇڏي ڏنو؛ ۽ نڪي انهن کي يشوع جي هٿن ۾ ڏنائين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society