قاضين 17 - Sindhi Bible1 ۽ افرائيم جي ڪوهستان جو هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جو نالو ميڪاہ هو. 2 ۽ انهيءَ پنهنجي ماءُ کي چيو تہ يارهن سؤ چانديءَ جا سڪا، جي تنهنجا گم ٿي ويا هئا، ۽ جن بابت تو پٽ پاراتو ڪيو هو، ۽ مون کي بہ ٻڌايو هوءِ، ڏس تہ اُهي چانديءَ جا سڪا مون وٽ آهن؛ مون کنيا هئا. تڏهن ماڻس چيس تہ شل منهنجي پٽ کي خداوند برڪت ڏئي. 3 پوءِ هن اُهي يارهن سؤ چانديءَ جا سڪا پنهنجي ماءُ کي موٽائي ڏنا، ۽ ماڻس چيو تہ آءٌ اُها چاندي پنهنجي هٿان خداوند جي لاءِ خاص طرح نذر ٿي ڪريان تہ انهيءَ مان منهنجو پٽ هڪڙي اُڪريل مورت، ۽ هڪڙو پلٽيل بت جوڙائي: تنهنڪري هاڻي اُها آءٌ توکي موٽائي ٿي ڏيان. 4 ۽ جڏهن هن اُهي پئسا پنهنجي ماءُ کي موٽائي ڏنا، تڏهن ماڻس ٻہ سؤ چانديءَ جا سڪا کڻي هڪڙي ڪاريگر کي ڏنا، جنهن انهيءَ مان هڪڙي اُڪريل مورت، ۽ هڪڙو پلٽيل بت ٺاهيو: ۽ اهو ميڪاہ جي گهر ۾ هو. 5 ۽ انهيءَ ماڻهو ميڪاہ وٽ معبودن جو هڪڙو گهر هو، ۽ هن هڪڙو افود ۽ ترافيم جوڙيو، ۽ پنهنجي پٽن مان هڪڙي کي مخصوص ڪيو هئائين تہ سندس ڪاهن ٿئي. 6 انهن ڏينهن ۾ اسرائيل ۾ ڪو بادشاهہ ڪونہ هو: سڀ ڪنهن ماڻهوءَ اُهو ڪم ٿي ڪيو جو سندس نظر ۾ چڱو ٿي لڳو. 7 ۽ بيت لحم يهوداہ مان، يهوداہ جي قبيلي جو هڪڙو جوان ماڻهو جو لاوي هو، اُهو اچي اُتي رهيو. 8 ۽ اهو ماڻهو بيت لحم يهوداہ واري شهر مان نڪتو تہ جتي ڪا جاءِ مليس اُتي وڃي رهي: ۽ سفر ڪندو افرائيم جي ڪوهستان ۾ ميڪاہ جي گهر آيو. 9 ۽ ميڪاہ چيس تہ تون ڪٿان ٿو اچين؟ ۽ هن چيس تہ آءٌ بيت لحم يهوداہ جو هڪڙو لاوي آهيان، ۽ وڃان ٿو تہ جتي ڪا جاءِ مليم، اُتي رهي پوان. 10 ۽ ميڪاہ چيس تہ تون مون سان گڏجي رهہ، ۽ منهنجو ابو ۽ ڪاهن ٿي رهہ، ۽ آءٌ توکي سال ۾ ڏهہ چانديءَ جا سڪا، ۽ ڪپڙن جو هڪڙو وڳو، ۽ کاڌو پاڻي ڏيندو رهندس. پوءِ اُهو لاوي اندر آيو. 11 ۽ اُهو لاوي انهيءَ ماڻهوءَ سان گڏ رهڻ تي راضي ٿيو؛ ۽ اُهو جوان هن کي سندس هڪڙي پٽ جهڙو هو. 12 ۽ ميڪاہ انهيءَ لاوي جو تقرر ڪيو، ۽ اُهو جوان ماڻهو سندس ڪاهن ٿيو، ۽ ميڪاہ جي گهر ۾ رهندو هو. 13 تڏهن ميڪاہ چيو تہ هاڻي آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جڏهن هڪڙو لاوي منهنجو ڪاهن آهي، تڏهن خداوند مون سان چڱائي ڪندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society