قاضين 16 - Sindhi Bible1 پوءِ سمسون غزہ ۾ ويو، ۽ اُتي هڪڙي ڪسبياڻي ڏٺائين، ۽ هو وٽس ويو. 2 ۽ غزہ جي ماڻهن کي خبر پيئي تہ سمسون اتي آيو آهي. تڏهن هو چوڌاري ڦري آيس، ۽ سڄي رات شهر جي دروازي وٽ هن جي لاءِ ترسيا رهيا، ۽ ماٺ ڪري ويٺا رهيا، ۽ چيائون تہ ڀلي صبح جي روشني ٿئي تہ پوءِ هن کي ماريون. 3 ۽ سمسون اڌ رات تائين ليٽيو پيو هو، ۽ اڌ رات جو اُٿي شهر جي دروازي جا طاق، ۽ ٻئي ٻانهون جهلي، گزن سميت اُکيڙي کڻي پنهنجن ڪلهن تي رکيائين، ۽ حبرون جي اڳيان جيڪو جبل آهي انهيءَ جي چوٽيءَ تائين اُهي کڻي ويو. 4 ۽ پوءِ هيئن ٿيو تہ سورق جي واديءَ ۾، هڪڙي زال تي هو عاشق ٿيو جنهن جو نالو دليلہ هو. 5 ۽ فلستين جا سردار انهيءَ زال وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ تون هن کان ڌتاري پڇ تہ هن کي جو هيترو زور آهي سو ڇا ۾ اٿس، ۽ ڪهڙي طرح اسين هن تي غالب پئون، تہ هن کي ٻڌي ايذاءَ رسايون، ۽ اسان مان هڪڙو هڪڙو توکي يارهن سؤ چانديءَ جا سڪا ڏيندو. 6 تڏهن دليلہ سمسون کي چيو تہ مهرباني ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ تنهنجو زور ڪهڙي شيءِ ۾ آهي، ۽ ڪهڙي طرح توکي ٻڌي ايذاءُ رسائي ٿو سگهجي. 7 ۽ سمسون چيس تہ جيڪڏهن مون کي ستن ساين لئي جي سنهڙين ٽارين سان ٻڌندا، جي اڃا آليون هجن، تہ پوءِ آءٌ هيڻو ٿي پوندس، ۽ هڪڙي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس. 8 تڏهن فلستين جي سردارن هن وٽ ست سايون لئي جون ٽاريون آنديون، جي اڃا آليون هيون، ۽ هن انهن سان هن کي ٻڌو. 9 هاڻي هن اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ ماڻهو لڪائي ويهاري ڇڏيا هئا، ۽ هن انهي کي چيو تہ اي سمسون، فلستي توتي آيا آهن. ۽ هن اُهي ٽاريون ائين ڇني ڇڏيون جيئن سڻيءَ جو ڌاڳو باهہ لڳڻ ڪري ڇڄي پوندو آهي. انهيءَ طرح هن جو زور معلوم ٿي نہ سگهيو. 10 ۽ دليلہ سمسون کي چيو تہ ڏس تو مون سان ٺٺولي ڪئي آهي، ۽ مون سان ڪوڙ ڳالهايا اٿئي. هاڻي مهرباني ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا سان توکي ٻڌي سگهبو. 11 تڏهن هن چيس تہ جيڪڏهن مون کي نوان رسا ٻڌندا جي اڳي ڪم آيل نہ هوندا، تہ آءٌ هيڻو ٿي ويندس، ۽ هڪڙي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس. 12 تنهن تي دليلہ نوان رسا وٺي انهن سان ٻڌس، ۽ پوءِ چيائينس، تہ اي سمسون، فلستي توتي ڪاهي آيا آهن. ۽ اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ ماڻهو لڪا ويٺا هئا. تڏهن هن اُهي رسا پنهنجن ٻانهن سان ڌاڳي وانگر ڇني ڇڏيا. 13 تڏهن دليلہ سمسون کي چيو تہ هيستائين تو مون سان چرچا پئي ڪيا آهن ۽ ڪوڙ ڳالهايا آهن. مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا سان توکي ٻڌي سگهبو؟ ۽ هن چيس تہ جي تون منهنجي مٿي جي وارن جون ست چڳون تاڃيءَ سان اُڻي ڇڏيندينءَ. 14 ۽ هن اُهي هڪڙي ڪليءَ سان ٻڌي ڇڏيون، ۽ پوءِ چيائينس تہ اي سمسون، فلستي توتي اچي پيا آهن. ۽ هو ننڊ مان جاڳيو ۽ اُها ڪلي ڪاٺ مان تاڃيءَ سميت پٽي ڪڍيائين. 15 تڏهن هن چيس تہ تون ڪيئن چئي ٿو سگهين تہ تنهنجي مون سان محبت آهي، جڏهن تہ تنهنجي دل مون سان ناهي؟ تو هي ٽي ڀيرا مون سان ٺٺوليون ڪيون آهن، ۽ مون کي نہ ٻڌايو اٿئي تہ تنهنجو زور ڇا ۾ آهي. 16 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هوءَ کيس روز بروز ڳالهين سان زور ڏيڻ لڳي، ۽ تنگ ڪيائينس، تڏهن هو اهڙو بيزار ٿيو جو ڀانيائين تہ ساهہ ٿو نڪريس. 17 تڏهن هن انهيءَ کي پنهنجي دل جي سڄي ڳالهہ ٻڌائي، ۽ چيائينس تہ منهنجي مٿي تي ڪڏهن بہ پاڪي نہ گهمي آهي، ڇالاءِ جو ماءُ جي پيٽ کان وٺي آءٌ خدا جو نذير ٿي رهيو آهيان: جيڪڏهن منهنجو مٿو ڪوڙيو ويندو تہ منهنجو زور مون مان هليو ويندو، ۽ آءٌ ڪمزور ٿي پوندس، ۽ هڪڙي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس. 18 جڏهن دليلہ ڏٺو تہ هن کيس پنهنجي دل جو حال کولي ٻڌايو آهي، تڏهن هن فلستين جي سردارن کي ڪوٺي چيو تہ هن ڀيري وري اچو، جو هن مون کي پنهنجي دل جي ڳالهہ کولي ٻڌائي آهي. تڏهن فلستين جا سردار وٽس آيا، ۽ پنهنجي هٿ ۾ پئسا کڻي آيا. 19 ۽ هن انهي کي پنهنجي گوڏن تي سمهاريو؛ ۽ هڪڙو ماڻهو گهرائي هن جي مٿي جون ست چڳون ڪوڙايائين؛ پوءِ هن کي ستائڻ لڳي، ۽ هن جو زور وٽانئس ويندو رهيو. 20 ۽ هن کي چيائين تہ اي سمسون، فلستي توتي اچي پيا آهن. ۽ هو ننڊ مان جاڳيو ۽ چوڻ لڳو تہ آءٌ ٻين وقتن وانگر ٻاهر ويندس ۽ پاڻ کي لوڏيندس، پر هن کي اها خبر نہ هئي تہ خداوند هن وٽان هليو ويو آهي. 21 ۽ فلستين اچي پڪڙيس، ۽ سندس اکيون ڪڍي ڇڏيائون؛ ۽ غزہ ۾ وٺي آيس، ۽ پتل جي ٻيڙين سان ٻڌائونس؛ ۽ هو قيدخاني ۾ جنڊ پيهڻ لڳو. 22 انهيءَ هوندي بہ مٿي ڪوڙجڻ کان پوءِ هن جا وار وري وڌڻ لڳا. 23 ۽ فلستين جا سردار اچي گڏ ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي معبود دجون لاءِ هڪڙي وڏي قرباني چاڙهين، ۽ خوشيون ڪن: ڇالاءِ جو هنن چيو تہ اسان جي معبود اسان جي دشمن سمسون کي اسان جي هٿ ۾ ڏنو آهي. 24 ۽ جڏهن ماڻهن انهيءَ کي ڏٺو تڏهن هو پنهنجي معبود جي تعريف ڪرڻ لڳا: ڇالاءِ جو هنن چيو تہ اسان جي معبود اسان جو دشمن اسان جي هٿ ۾ ڏنو آهي، جو اسان جي ملڪ جو ناس ڪندڙ هو؛ ۽ جنهن اسان منجهان گهڻن کي ماريو هو. 25 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن جون دليون خوش ٿيون، تڏهن هو چوڻ لڳا تہ سمسون کي ڪوٺيو تہ مسخريون ڪري اسان کي وندرائي، ۽ هنن سمسون کي قيدخاني مان گهرايو؛ ۽ هن سندن اڳيان مسخريون ڪيون: ۽ انهن هن کي ٿنڀن جي وچ ۾ کڻي ويهاريو. 26 تڏهن جنهن ڇوڪريءَ سمسون کي هٿ کان جهليو هو، تنهن کي هن چيو تہ مون کي ڇڏ تہ جن ٿنڀن تي گهر بيٺل آهي تن کي هٿ لائي ڏسان ۽ مٿن ٽيڪ ڏيان. 27 هاڻي اهو گهر مردن توڙي زالن سان ڀريو پيو هو؛ ۽ فلستين جا سڀ سردار اُتي هئا؛ ۽ کڏ تي اٽڪل ٽي هزار مرد توڙي زالون هيون جن سمسون جو تماشو پئي ڏٺو. 28 ۽ سمسون خداوند کي پڪاري چيو تہ اي خداوند خدا، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ياد ڪر، ۽ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اي خداوند، رڳو هن ڀيري مون کي زور ڏي تہ آءٌ فلستين کان پنهنجين ٻن اکين جو وير وٺان. 29 پوءِ سمسون انهن ٻن وچ وارن ٿنڀن ۾ هٿ وڌا، جن تي گهر بيٺل هو، ۽ انهن تي ٽيڪ ڏنائين، ۽ هڪڙي کي ساڄي هٿ سان جهليائين ۽ ٻئي کي کٻي هٿ سان. 30 ۽ سمسون چيو تہ مون کي فلستين سان گڏ مرڻ قبول آهي. پوءِ پنهنجو زور ڏئي ڪنڌ جهڪايائين؛ تہ گهر انهن سردارن، ۽ ٻين سڀني ماڻهن تي ڪري پيو جي انهي ۾ هئا. انهيءَ طرح پنهنجي مرڻ مهل جيترا ماڻهو ماريائين، سي انهن کان وڌيڪ هئا جي پنهنجي جيئري ماريا هئائين. 31 تڏهن هن جا ڀائر ۽ سندس پيءُ جو سڄو گهراڻو اُتي آيو، ۽ هن کي کڻي صرعہ ۽ استال جي وچ ۾، سندس پيءُ منوحہ جي قبرستان ۾ دفن ڪيائون، ۽ هن اسرائيل جو ويهہ سال قاضي ٿي انصاف ڪيو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society