قاضين 15 - Sindhi Bible1 پر ٿوري وقت کان پوءِ هيئن ٿيو تہ ڪڻڪ جي فصل لهڻ وقت، سمسون هڪڙو ڇيلو کڻي پنهنجيءَ زال کي گڏجڻ لاءِ ويو؛ ۽ هن چيو تہ آءٌ ڪوٺيءَ ۾ پنهنجي زال سان صحبت ڪندس. پر سندس زال جي پيءُ هن کي اندر وڃڻ نہ ڏنو. 2 ۽ انهيءَ جي پيءُ چيس تہ مون کي پڪ هئي تہ تون هن کان بلڪل بيزار هئين؛ تنهنڪري مون اُها تنهنجي سنگتيءَ کي ڏيئي ڇڏي: هن جي ننڍي ڀيڻ هن کان وڌيڪ سهڻي ناهي ڇا؟ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ هن جي بدران اُها وٺي وڃ. 3 ۽ سمسون هنن کي چيو تہ هن دفعي جي آئون فلستين کي ڪو نقصان پهچايان تہ مون تي ڏوهہ نہ آهي. 4 ۽ سمسون وڃي ٽي سؤ لومڙيون پڪڙيون، ۽ ڪي اُماڙيون بہ کنيائين. پوءِ ٻن ٻن لومڙين جا پڇ گڏي ٻڌي انهن جي وچ ۾ هڪڙي اُماڙي ٻڌي ڇڏيائين. 5 ۽ پوءِ هن انهن اُماڙين کي باهہ ڏيئي انهن لومڙين کي فلستين جي بيٺل فصل ۾ ڇڏي ڏنو: ۽ اهڙيءَ طرح لڻيل پوک، توڙي بيٺل پوک، ۽ زيتون جي باغن کي ساڙي ڇڏيائين. 6 تڏهن فلستي چوڻ لڳا تہ هي ڪم ڪنهن ڪيو آهي؟ ۽ هنن چيو تہ اهو تمنت جي ناٺيءَ سمسون ڪيو آهي، ڇو جو هن انهي جي زال وٺي سندس سنگتيءَ کي ڏيئي ڇڏي آهي، ۽ فلستين اچي انهيءَ زال ۽ سندس پيءُ کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو. 7 ۽ سمسون انهن کي چيو تہ جي اوهين ائين ڪندا تہ آءٌ ضرور اوهان کان وير وٺندس، ۽ پوءِ بس ڪندس. 8 ۽ هن انهن کي دڏن ۽ رانن تي ڌڪ هڻي، منجهن ڏاڍو ڪوس وڌو: پوءِ وڃي ايتام واري ٽڪر جي چر ۾ رهڻ لڳو. 9 تڏهن فلستي چڙهي ويا ۽ يهوداہ ۾ وڃي تنبو هنيائون، ۽ لحي ۾ پکڙجي ويا. 10 ۽ يهوداہ جي ماڻهن چيو تہ اوهين ڇو اسان تي چڙهي آيا آهيو؟ ۽ هنن چيو تہ اسين انهيءَ لاءِ آيا آهيون تہ سمسون کي ٻڌي ساڻس ائين ڪريون جيئن هن اسان سان ڪيو آهي. 11 تڏهن يهوداہ جا ٽي هزار ماڻهو ايتام واري ٽڪر جي چر ڏانهن ويا، ۽ سمسون کي چيائون تہ توکي اها خبر ڪانهي ڇا تہ فلستي اسان جي مٿان حاڪم آهن؟ تو اسان سان هي ڇا ڪيو آهي؟ ۽ هن انهن کي چيو تہ جيئن هنن مون سان ڪيو، تيئن وري مون بہ ساڻن ڪيو. 12 ۽ هنن چيس تہ اسين انهيءَ لاءِ آيا آهيون تہ توکي ٻڌي فلستين جي حوالي ڪريون، ۽ سمسون هنن کي چيو تہ مون سان قسم کڻو تہ اوهين پاڻ مون تي ڪاهي اچي نہ پوندا. 13 ۽ هنن چيس تہ نہ؛ پر اسين توکي قابو ٻڌي هنن جي حوالي ڪنداسين: پر يقين ڄاڻج تہ اسين توکي مارينداسين ڪين. پوءِ هنن ٻن نون رسن سان هن کي ٻڌو، ۽ ٽڪر تان وٺي آيس. 14 جڏهن هو لحيءَ ۾ آيو، تڏهن فلستي هن کي ڏسڻ شرط رڙيون ڪرڻ لڳا، ۽ خداوند جو روح قدرت سان هن تي نازل ٿيو، ۽ جيڪي رسا هن جي ٻانهن تي هئا، سي انهيءَ سڻيءَ جهڙا ٿي پيا جا باهہ سان سڙي ويندي آهي، ۽ هن جا بند سندس هٿن تان ڪري پيا. 15 ۽ هن هڪڙي گڏهہ جي نئين ڄاڙهہ پيل ڏٺي، جا هٿ ڊگهيري کنيائين، ۽ انهيءَ سان هڪ هزار ماڻهن کي ماريائين. 16 ۽ سمسون چوڻ لڳو تہ: هڪڙي گڏهہ جي ڄاڙهہ سان ڍيرن تي ڍير، هڪڙي گڏهہ جي ڄاڙهہ سان مون هڪ هزار ماڻهو ماريا آهن. 17 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن ڳالهائي بس ڪئي، تڏهن اُها ڄاڙهہ پنهنجي هٿ مان اُڇلائي ڦٽي ڪيائين، ۽ انهيءَ هنڌ کي ڄاڙهہ جي ٽڪري (رامت لحي) ڪري سڏيائون. 18 ۽ هن کي ڏاڍي اُڃ لڳي، ۽ خداوند کي پڪاري چيائين تہ تو پنهنجي ٻانهي جي هٿان هڪڙو وڏو ڇوٽڪارو ڏنو آهي: ۽ هاڻي آءٌ اُڃ کان مري وڃان، ۽ اڻ طهريلن جي هٿن ۾ وڃي پوان ڇا؟ 19 پر خدا لحيءَ ۾ جيڪا کڏ هئي انهي کي چيريو، ۽ انهيءَ مان پاڻي نڪري آيو؛ ۽ جڏهن هو پي چڪو تڏهن سندس روح موٽي آيو، ۽ هن وري نئين سر ساهہ پٽيو: تنهنڪري انهيءَ هنڌ جو نالو عين حقور رکيو ويو، جو اڄ تائين لحيءَ ۾ آهي. 20 ۽ هن فلستين جي ڏينهن ۾ ويهہ سال اسرائيل جو انصاف ڪيو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society