قاضين 13 - Sindhi Bible1 ۽ بني اسرائيل وري اُهي ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا؛ ۽ خداوند انهن کي چاليهن سالن تائين فلستين جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو. 2 ۽ دان جي قبيلي مان منوحہ نالي صرعہ جو هڪڙو ماڻهو هو، ۽ انهيءَ جي زال سنڍ هئي ۽ ٻار ڪونہ ٿيندو هوس. 3 ۽ خداوند جي فرشتي انهيءَ زال کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ڏس، تون سنڍ آهين ۽ ٻار ڪونہ ٿي ڄڻين: پر تون پيٽ سان ٿيندينءَ ۽ پٽ ڄڻيندينءَ. 4 تنهنڪري خبردار رهج، ۽ شراب يا نشي جهڙي شيءِ نہ پيئج، ۽ ڪابہ ناپاڪ شيءِ نہ کائج: 5 ڇو جو تون پيٽ سان ٿيندينءَ، ۽ پٽ ڄڻيندينءَ؛ ۽ انهيءَ جي مٿي تي پاڪي نہ گهمائج: ڇالاءِ جو اُهو ٻار ڄائي ڄم کان خدا جو نذير ٿيندو: ۽ اُهو اسرائيل کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائڻ شروع ڪندو. 6 تڏهن انهيءَ زال اچي پنهنجي مڙس کي چيو تہ هڪڙو خدا جو ٻانهو مون وٽ آيو، ۽ انهيءَ جي شڪل خدا جي فرشتي جي شڪل جهڙي هئي، ۽ ڏاڍي خوفناڪ هئي، ۽ مون هن کان نہ پڇيو تہ ڪٿان ٿو اچين، نڪي هن مون کي پنهنجو نالو ٻڌايو: 7 پر هن مون کي چيو تہ ڏس، تون پيٽ سان ٿيندينءَ ۽ پٽ ڄڻيندينءَ؛ ۽ تون شراب يا نشي جي شيءِ نہ پيئج، ۽ ڪابہ ناپاڪ شيءِ نہ کائج؛ ڇو جو اُهو ٻار ڄائي ڄم کان وٺي پنهنجي ساري ڄمار خدا جو نذير ٿيندو. 8 تڏهن منوحہ خداوند کي منٿ ڪئي ۽ چيو تہ اي خداوند، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جنهن پنهنجي ماڻهوءَ کي تو موڪليو هو، تنهن کي وري بہ اسان وٽ اچڻ ڏي، تہ اسان کي سيکاري تہ جيڪو ٻار ڄمي تنهن سان ڪهڙي هلت ڪريون. 9 ۽ خداوند منوحہ جي ڳالهہ مڃي؛ ۽ خدا جو فرشتو وري بہ انهيءَ زال وٽ آيو، جنهن وقت هوءَ ٻنيءَ ۾ ويٺي هئي: پر سندس مڙس منوحہ ساڻس گڏ نہ هو. 10 ۽ اُها زال تڪڙي ٿي، ۽ ڊوڙي وڃي پنهنجي مڙس کي چيائين تہ ڏس جيڪو ماڻهو انهي ڏينهن مون وٽ آيو هو، تنهن وري مون کي ڏيکاري ڏني آهي. 11 تڏهن منوحہ اُٿيو، ۽ پنهنجي زال جي پٺيان هليو، ۽ انهيءَ ماڻهو وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ تون اُهو ماڻهو آهين ڇا جنهن هن زال سان ڳالهايو هو؟ ۽ هن چيو تہ آءٌ اُهو آهيان. 12 تڏهن منوحہ چيو تہ هاڻي جيئن تون چوين ٿو تيئن ڀلي ٿئي: اُهو ٻار ڪهڙي قسم جو ٿيندو؟ 13 ۽ خداوند جي فرشتي منوحہ کي چيو تہ جيڪي ڳالهيون مون هن زال کي چيون تن جي هوءَ خبرداري ڪري. 14 ڊاک جي ڪابہ شيءِ نہ کائي، نڪي شراب يا ڪا نشي جهڙي شيءِ پيئي، نڪي ڪا ناپاڪ شيءِ کائي؛ جن ڳالهين بابت مون هن کي حڪم ڏنو سي سڀ بجا آڻي. 15 تڏهن منوحہ خدا جي فرشتي کي چيو تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ تون ايترو اسان وٽ ترس جيتري ۾ آءٌ تنهنجي لاءِ هڪڙو ڇيلو تيار ڪري وٺان. 16 ۽ خداوند جي فرشتي منوحہ کي چيو تہ جيتوڻيڪ تون مون کي ترسائيندين تہ بہ آءٌ تنهنجي ماني ڪين کائيندس: ۽ جيڪڏهن تون ڪا سوختني قرباني تيار ڪندين، تہ اُها توکي خداوند جي لاءِ پيش ڪرڻ گهرجي. ڇالاءِ جو منوحہ کي اها خبر ڪانہ هئي تہ هو خداوند جو فرشتو آهي. 17 منوحہ خداوند جي فرشتي کي چيو تہ تنهنجو نالو ڇا آهي، تہ جڏهن جيڪي تو چيو آهي، سو پورو ٿئي تڏهن توکي تعظيم ڏيون؟ 18 ۽ خداوند جي فرشتي هن کي چيو تہ منهنجو نالو ڇو ٿو پڇين، جڏهن ڏسين ٿو تہ اُهو عجيب آهي؟ 19 تڏهن منوحہ ڇيلو، کاڌي جي قربانيءَ سميت کڻي خداوند جي اڳيان ٽڪر تي پيش ڪيو: ۽ فرشتي هڪڙو عجب جهڙو ڪم ڪيو: ۽ منوحہ ۽ سندس زال ٻئي نهاريندا رهيا. 20 ڇالاءِ جو هيئن ٿيو تہ جڏهن قربانگاهہ مان شعلو آسمان ڏانهن چڙهيو، تڏهن خداوند جو فرشتو بہ قربانگاهہ جي باهہ واري شعلي ۾ چڙهي ويو: ۽ منوحہ ۽ سندس زال ويٺي نهاريو؛ ۽ هو زمين تي منهن ڀر ڪري پيا. 21 پر خداوند جي فرشتي وري منوحہ کي يا سندس زال کي ڏيکاري نہ ڏني. تڏهن منوحہ کي خبر پيئي تہ اُهو خداوند جو فرشتو هو. 22 پوءِ منوحہ پنهنجي زال کي چيو تہ اسين ضرور مري وينداسين، ڇالاءِ جو اسان خدا کي ڏٺو آهي. 23 پر سندس زال چيس تہ جيڪڏهن خدا اسان کي مارڻ گهري ها، تہ هو هيءَ سوختني قرباني، ۽ کاڌي جي قرباني، اسان جي هٿان قبول نہ ڪري ها، ۽ نہ هيتريون شيون اسان کي ڏيکاري ها، نڪي هن وقت ههڙيون ڳالهيون اسان کي ٻڌائي ها. 24 ۽ انهيءَ زال پٽ ڄڻيو، ۽ انهي جو نالو سمسون رکيائين: ۽ اُهو ٻار وڌي وڏو ٿيو، ۽ خداوند انهيءَ کي برڪت ڏني. 25 ۽ خدا جو روح هن کي محني دان جي منزلگاهہ ۾، صرعہ ۽ استال جي وچ ۾، بيدار ڪرڻ لڳو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society