قاضين 11 - Sindhi Bible1 هاڻي افتاح جلعادي هڪڙو گهڻي همت وارو ۽ بهادر شخص هو، ۽ هڪڙي ڪسبياڻيءَ جو پٽ هو: ۽ افتاح جلعاد مان ڄائو هو. 2 ۽ جلعاد جي زال بہ هن کي پٽ ڄڻي ڏنا؛ ۽ جڏهن سندس زال جا پٽ وڏا ٿيا، تڏهن هنن افتاح کي هڪالي ڪڍيو، ۽ چيائونس تہ توکي اسان جي پيءُ جي گهر ۾ ڪوبہ ورثو ڪونہ ملندو، ڇالاءِ جو تون ٻيءَ زال جو پٽ آهين. 3 تڏهن افتاح پنهنجن ڀائرن کان ڀڄي وڃي طوب جي ملڪ ۾ رهڻ لڳو: ۽ افتاح وٽ گهڻا ئي لچ لفنگ ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ۽ ساڻس گڏجي ٻاهر وڃڻ ۽ گهمڻ لڳا. 4 ۽ ٿوري وقت کان پوءِ هيئن ٿيو جو بني عمون اسرائيل سان جنگ ڪئي. 5 ۽ جڏهن بني عمون اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لڳا، تڏهن جلعاد جا بزرگ افتاح کي طوب جي ملڪ مان وٺي اچڻ لاءِ ويا. 6 ۽ هنن افتاح کي چيو تہ هلي اسان جو سردار ٿي تہ اسين بني عمون سان وڙهون. 7 ۽ افتاح جلعاد جي بزرگن کي چيو تہ اوهين مون کي ڌڪاريندا ڪين هئا ڇا، ۽ اوهان مون کي پنهنجي پيءُ جي گهر مان ڪڍي ڪين ڇڏيو ڇا؟ هاڻي جڏهن مشڪلات ۾ اچي پيا آهيو تڏهن ڇو مون وٽ آيا آهيو؟ 8 تڏهن جلعاد جي بزرگن افتاح کي چيو تہ اسين انهيءَ لاءِ تو وٽ موٽي آيا آهيون تہ تون اسان سان گڏجي هل، ۽ هلي بني عمون سان وڙهہ، ۽ جلعاد جي سڀني رهاڪن جو سردار ٿي. 9 ۽ افتاح جلعاد جي بزرگن کي چيو تہ جيڪڏهن اوهين مون کي بني عمون سان وڙهڻ لاءِ گهر وٺي هلندا، ۽ جي خداوند انهن کي منهنجي حوالي ڪندو تہ پوءِ اوهين مون کي پنهنجو سردار ڪندا؟ 10 جلعاد جي بزرگن افتاح کي چيو تہ انهيءَ لاءِ خداوند اسان جي وچ ۾ شاهد رهندو؛ يقين ڄاڻ تہ جيئن تون چوين ٿو، تيئن اسين ڪنداسين. 11 تڏهن افتاح جلعاد جي بزرگن سان گڏجي ويو، ۽ ماڻهن هن کي پنهنجي مٿان سردار ۽ رئيس ڪيو: ۽ افتاح مصفاہ ۾ پنهنجون سڀ ڳالهيون خداوند جي اڳيان ڪيون. 12 ۽ افتاح بني عمون جي بادشاهہ وٽ ايلچي موڪليا، ۽ چوائي موڪليائينس تہ تنهنجو مون سان ڪهڙو واسطو آهي جو تون منهنجي ملڪ سان وڙهڻ لاءِ مون وٽ آيو آهين؟ 13 تڏهن بني عمون جي بادشاهہ افتاح جي ايلچين کي چيو تہ جڏهن اسرائيلي مصر مان نڪري، ارنون کان يبوق ۽ يردن تائين آيا، تڏهن انهن منهنجي زمين کسي ورتي هئي، تنهنڪري آءٌ وڙهان ٿو: سو هينئر صلح صلاح ۾ اُهي زمينون مون کي موٽائي ڏيو. 14 ۽ افتاح وري بني عمون جي بادشاهہ وٽ ايلچي موڪليا: 15 ۽ انهن کي چيائين تہ افتاح هيئن ٿو چوي، تہ اسرائيلين نڪا موآب جي زمين کسي نڪا بني عمون جي: 16 پر جڏهن هو مصر مان نڪري آيا، ۽ اسرائيلي بيابان مان پنڌ ڪري ڳاڙهي سمنڊ کان قادس ۾ آيا؛ 17 تڏهن اسرائيلين ادوم جي بادشاهہ ڏانهن ايلچي موڪلي چيو تہ اسين منٿ ٿا ڪريون تہ اسان کي پنهنجي زمين مان لنگهڻ ڏي: پر ادوم جي بادشاهہ هنن جي ڳالهہ نہ مڃي، ۽ ساڳيءَ طرح هنن موآب جي بادشاهہ ڏانهن بہ پيغام موڪليو پر هن بہ ڳالهہ نہ مڃي: ۽ اسرائيلي قادس ۾ رهجي پيا. 18 تنهن کان پوءِ هو بيابان مان لنگهي، ۽ ادوم جي ملڪ ۾ موآب جي ملڪ کان ڦري ڪري، موآب جي ملڪ جي اُڀرندي پاسي کان آيا، ۽ ارنون جي هن ڀر اچي تنبو هنيائون؛ پر هو موآب جي سرحد اندر نہ آيا؛ ڇالاءِ جو ارنون موآب جي سرحد هئي. 19 پوءِ اسرائيلين امورين جي بادشاهہ سيحون ڏانهن، يعني حسبون جي بادشاهہ وٽ، ايلچي موڪليا؛ ۽ اسرائيلين هن کي چوائي موڪليو تہ اسين عرض ٿا ڪريون تہ اسان کي پنهنجي ملڪ مان، پنهنجيءَ جاءِ ڏانهن وڃڻ ڏي. 20 پر سيحون جو اسرائيلين تي ايترو ڀروسو نہ ٿيو جو پنهنجي حد مان انهن کي لنگهڻ ڏئي: اُٽلندو سيحون پنهنجا سڀ ماڻهو گڏ ڪيا، ۽ يهض ۾ منزل ڪري اسرائيلين سان وڙهيو. 21 ۽ خداوند، اسرائيل جي خدا، سيحون ۽ سندس سڀ ماڻهو اسرائيل جي هٿن ۾ ڏنا، ۽ هنن انهن کي ماريو: انهيءَ طرح، اموري، جي انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هئا، تن جي زمين اسرائيلين هٿ ڪئي. 22 ۽ هنن امورين جي سڄي سرحد قبضي ۾ آندي، ارنون کان وٺي يبوق تائين، ۽ بيابان کان وٺي يردن تائين. 23 سو جڏهن خداوند، اسرائيل جي خدا، امورين کي پنهنجي قوم جي هٿان ڦرايو، تڏهن تون ڪهڙيءَ طرح اُهي پنهنجي هٿ آڻي سگهندين؟ 24 جيڪي تنهنجي معبود ڪموس توکي ورثو ڪري ڏنو آهي سو تون جيڪر هٿ نہ ڪرين ڇا؟ انهي طرح جنهن کي خداوند اسان جي هٿان ڦرايو آهي، تن کي اسين ضرور هٿ آڻينداسين. 25 ۽ تون موآب جي بادشاهہ بلق بن صفور کان ڪجهہ بهتر آهين ڇا؟ هو ڪو ڪڏهن اسرائيلين سان وڙهيو، يا انهن سان، جنگ ڪيائين. 26 جڏهن اسرائيلي حسبون ۽ ان جي شهرن ۾، عروعير ۽ ان جي شهرن ۾، ۽ ارنون جي پاسي جيڪي شهر آهن، تن سڀني ۾ ٽن سؤ سالن تائين رهيا پيا هئا؛ تڏهن ڇو ايتري عرصي ۾ اُهي اوهان هنن کان موٽائي نہ ورتا؟ 27 تنهنڪري مون اوهان جو گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، پر تون مون سان ناحق ٿو ڪرين جو مون سان جنگ ٿو ڪرين: خداوند، جو منصف آهي، سو ڀلي تہ اڄ بني اسرائيل ۽ بني عمون جي وچ ۾ انصاف ڪري. 28 انهيءَ هوندي بہ بني عمون جي بادشاهہ اُهي ڳالهيون نہ ٻڌيون جي افتاح هن کي چوائي موڪليون. 29 تڏهن خداوند جو روح افتاح تي نازل ٿيو، ۽ هو جلعاد ۽ منسيءَ جي مٿين پاسي لنگهي، جلعاد جي مصفاہ ۾ آيو، ۽ جلعاد جي مصفاہ کان لنگهي بني عمون تائين پهتو. 30 ۽ افتاح خداوند جي اڳيان مڃتا مڃي ۽ چيائين تہ جيڪڏهن تون بني عمون کي منهنجي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيندين، 31 تہ هيئن ٿيندو تہ جڏهن آءٌ بني عمون وٽان صحيح سلامت موٽي ايندس، تڏهن منهنجي گهر جي دروازي مان جيڪي ٻاهر نڪرندو، سو خداوند جو ٿيندو، ۽ انهي کي آءٌ سوختني قرباني ڪري چاڙهيندس. 32 تنهن کان پوءِ افتاح بني عمون سان وڙهڻ لاءِ ويو، ۽ خداوند انهن کي هن جي حوالي ڪيو. 33 ۽ هن انهن کي عروعير کان وٺي منيت تائين، يعني ويهن شهرن ۾، ۽ ابيل ڪراميم تائين ماريو، ۽ تمام وڏو ڪوس ڪيائين. انهيءَ طرح بني عمون بني اسرائيل جي اڳيان شڪست کاڌي. 34 پوءِ افتاح مصفاہ ۾ پنهنجي گهر آيو، ۽ ڏسي تہ سندس ڌيءَ دف وڄائيندي ناچ ڪندي سندس استقبال لاءِ ٿي اچي؛ ۽ اُها هن جي هڪڙي ئي ڌيءَ هئي، ۽ ڪوبہ ٻيو اولاد ڪونہ هوس، نڪو پٽ نڪا ڌيءَ. 35 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن انهي کي ڏٺو تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چيائين تہ هاءِ، اي منهنجي ڌيءَ! تو مون کي ڏاڍو ذليل ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ تون منهنجي تڪليف ڏيندڙن مان هڪڙي آهين: ڇالاءِ جو مون خداوند جي اڳيان پنهنجو وات پٽيو آهي، ۽ آءٌ انهي کان ڦري نٿو سگهان. 36 تڏهن هن چيس تہ بابا جي تو خداوند جي اڳيان وات پٽيو آهي، تہ جيڪي تنهنجي واتان نڪتو هجي ان موجب تون ڀلي مون سان ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي پاران تنهنجي دشمنن کان، يعني بني عمون کان وير ورتو آهي. 37 ۽ هن پنهنجي پيءُ کي چيو تہ منهنجي لاءِ هيترو ڪر: مون کي ٻہ مهينا اڪيلو ڇڏي ڏي تہ وڃي جبلن تي گهمان، ۽ پنهنجين سهيلين سان گڏ، پنهنجي ڪنوارپڻ جي لاءِ روئان ۽ رڙان. 38 تڏهن هن چيو تہ ڀلي وڃ. ۽ هن انهي کي ٻن مهينن لاءِ روانو ڪري ڇڏيو: ۽ هوءَ پنهنجين سهيلين سميت هلي ويئي، ۽ جبلن تي وڃي پنهنجي ڪنوارپڻ جي لاءِ روئڻ لڳي. 39 ۽ انهن ٻن مهينن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو هوءَ پنهنجي پيءُ وٽ موٽي آئي؛ ۽ انهيءَ جيڪا مڃتا مڃي هئي، اُن موجب هن سان ڪيائين: ۽ هوءَ ڪنهن مرد کي نہ ڄاڻندي هئي. ۽ بني اسرائيل ۾ اهو دستور ٿي ويو، 40 تہ اسرائيلي ڇوڪريون هر سال چار ڏينهن افتاح جلعاديءَ جي ڌيءَ جي يادگاري قائم ڪرڻ لاءِ روئنديون هيون. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society