Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

يسعياہ 8 - Sindhi Bible

1 ۽ خداوند مون کي فرمايو تہ هڪڙي وڏي تختي کڻ ۽ انهي تي صاف اکرن ۾ لک تہ مهير شالال حاش باز لاءِ:

2 ۽ آءٌ پنهنجي لاءِ شاهدي وجهڻ واسطي ٻہ سچا شاهد، اورياہ ڪاهن ۽ ذڪرياہ بن يبرڪياہ وٺندس.

3 پوءِ آءٌ نبياڻيءَ وٽ ويس؛ ۽ اها پيٽ سان ٿي ۽ پٽ ڄڻيائين. تڏهن خداوند مون کي چيو تہ انهيءَ جو نالو مهير شالال حاش باز رک.

4 ڇالاءِ جو اهو ٻار بابا ۽ امان چوڻ سکي، تنهن کان اڳي دمشق جي دولت ۽ سامريہ جو لٽ جو مال، اسور جي بادشاهہ وٽ کڄي ويندو.

5 ۽ خداوند وري بہ مون کي فرمايو ۽ چيائين تہ.

6 شيلوخ جو پاڻي جو آهستي پيو وهي تنهن کي هن قوم رد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اُهي رضين ۽ رملياہ جي پٽ تي فخر ٿا ڪن؛

7 تنهن ڪري هاڻي ڏس، خداوند انهن تي فرات نديءَ جو زور وارو پاڻي آڻي ٿو، يعني اسور جو بادشاهہ ۽ ان جو سارو جلال، ۽ اهو ان جي سڀني نهرن تي، ۽ ان جي سڀني ڪنڌين تي چڙهي ايندو:

8 ۽ اهو وهندو اڳتي يهوداہ ۾ هليو ويندو؛ اهو اُٿلي پوندو ۽ لنگهيو هليو ويندو اهو ڳچيءَ تائين بہ وڃي پهچندو؛ اي عمانوايل. ان جي کنڀن جي پکڙجڻ سان تنهنجي زمين جو شڪم ڀرجي ويندو.

9 اي قومون هل مچايو، پر اوهين ڀڄي پرزا پرزا ٿي وينديون؛ ۽ پرانهن ملڪن وارا اوهين سڀيئي ڪن ڏيو: پنهنجي چيلهہ ٻڌو، پر اوهين ڀڄي پرزا پرزا ٿيندا؛ پنهنجي چيلهہ ٻڌو، پر اوهين ڀڃي پرزا پرزا ٿيندا.

10 گڏجي صلاح مصلحت ڪريو، پر اها ڪنهن ڪم جي نہ ٿيندي؛ ڪا ڳالهہ ڪريو پر اها بيهڪ نہ وٺندي: ڇالاءِ جو خدا اسان سان آهي.

11 خداوند مضبوط هٿ سان مون سان ڳالهايو، ۽ مون کي سمجهايائين تہ هن قوم جي رستي تي نہ هلان، ۽ فرمايائين تہ

12 جن سڀني ڳالهين جي نسبت ۾ هيءَ قوم منصوبو ٿي چوي، تنهن کي اوهين منصوبو نہ چئو؛ ۽ نہ انهي جي ڊپ کان اوهين ڊڄو، نڪي انهن جو ڪو خوف ڪريو.

13 اوهين رڳو لشڪرن جي خداوند کي پاڪ ڄاڻجو؛ ۽ انهيءَ کان ڊڄجو، ۽ انهيءَ جو خوف رکجو.

14 ۽ اهو پاڪ مڪان جي بجاءِ ٿيندو؛ مگر اسرائيل جي ٻنهي گهراڻن لاءِ آٿڙڻ جي پٿر، ۽ ٿاٻي کائڻ جي ٽڪر جي بجاءِ ٿيندو، ۽ يروشلم جي رهاڪن لاءِ ڦندي ۽ دام جي بجاءِ ٿيندو.

15 ۽ انهيءَ تي گهڻا ئي آٿڙندا، ۽ ڪرندا، ۽ ڀڄي پوندا، ۽ ڦاسي پوندا، ۽ گرفتار ٿيندا.

16 تون اها شاهدي بند ڪر، ۽ شريعت تي مهر هڻي منهنجي شاگردن کي ڏي.

17 ۽ آءٌ خداوند جي لاءِ منتظر رهندس، جو يعقوب جي گهراڻي کان پنهنجو منهن لڪائي ٿو، ۽ آءٌ انهيءَ جي واٽ نهاريندس.

18 ڏس، آءٌ ۽ جيڪي ٻار خداوند مون کي ڏنا آهن، سي اسرائيل ۾ لشڪرن جي خداوند جا، جو صيون جبل تي ٿو رهي، نشان ۽ معجزا آهيون.

19 ۽ جڏهن هو اوهان کي چون تہ جنن ۽ ڏائڻن کي ڳوليو، جي چر چر ۽ ڀڻ ڀڻ ٿا ڪن؛ تڏهن اوهين چئجو تہ اُمت کي مناسب ناهي ڇا تہ پنهنجي خدا کي ڳولين؟ جيئرن جي بدران مئن کي ڇو ڳوليون؟

20 شريعت ڏي ۽ شاهديءَ ڏانهن نظر ڪريو! جيڪڏهن اُهي هن ڪلام موافق نہ ڳالهائين، تہ يقيناً هنن جي لاءِ صبح ڪونہ ٿيندو.

21 تڏهن هو ملڪ ۾ بکايل ۽ بڇڙي حال گهمندا: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هنن کي بک لڳندي تڏهن ڪنجهندا ڪُرڪندا، ۽ پنهنجي بادشاهہ تي، ۽ پنهنجي خدا تي لعنت ڪندا، ۽ پنهنجا منهن مٿي ڪندا:

22 ۽ وري زمين ڏي نهاريندا، ۽ ڏسو، هو مصيبت، ۽ اونداهي، ۽ ڏک جي پيڙا ۾، ۽ ڀڀ اونداهيءَ ۾ هڪليا ويندا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ