Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

يسعياہ 10 - Sindhi Bible

1 افسوس آهي انهن تي جي بي انصافيءَ جا حڪم جاري ڪن ٿا، ۽ انهن لکڻ وارن تي جي ڏنگائي لکن ٿا:

2 انهيءَ لاءِ تہ محتاجن کي عدالت کان برطرف ڪن، ۽ منهنجي قوم جي غريبن جو حق کسي وڃن، ۽ بيوہ زالن کي هو ڦرين لٽين، ۽ يتيمن کي هو پنهنجو شڪار ڪن!

3 پر مصيبت جي ڏينهن ۽ جيڪا خرابي پري کان ايندي تنهن ۾ اوهين ڇا ڪندا؟ ڪنهن ڏي مدد لاءِ ڊوڙندا؟ ۽ پنهنجي وڏائي ڪٿي ڇڏيندا؟

4 هو رڳو قيدين هيٺان ڪنڌ جهڪائيندا ۽ قتل ٿيلن هيٺان ڪرندا. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.

5 اسور جو منهنجي ڪاوڙ جو لڪڻ، ۽ اها لٺ آهي جنهن جي هٿ ۾ منهنجو عصو آهي،

6 آءٌ انهي کي بي دين قوم تي موڪليندس، ۽ پنهنجي ڪاوڙ واري قوم تي انهي کي حڪم ڏيندس، تہ وڃي ڦري لٽي ۽ شڪار ڪري، ۽ انهن کي وڃي گهٽين جي گپ وانگي لتاڙي.

7 انهيءَ هوندي بہ هن جو مطلب اهو ناهي، نڪي هن جي دل جو اهو خيال آهي؛ پر هن جي دل ۾ آهي تہ ناس ڪري گهڻين قومن کي وڍي ڇڏي.

8 ڇالاءِ جو هو چوي ٿو تہ منهنجا سڀ سردار بادشاهہ ناهن ڇا؟

9 ڪلنو، ڪرڪميس جهڙو ناهي ڇا؟ حمات، ارفاد جهڙو ناهي ڇا؟ سامريہ، دمشق جهڙو ناهي ڇا؟

10 جيئن منهنجي هٿ انهن بتن جون بادشاهتون حاصل ڪيون، جن جون اُڪريل مورتون يروشلم ۽ سامريہ جي مورتن کان بهتر هيون،

11 ۽ جيئن مون سامريہ ۽ ان جي بتن سان ڪيو آهي، تيئن آءٌ يروشلم ۽ ان جي بتن سان نہ ڪريان ڇا؟

12 تنهن ڪري هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند صيون جبل تي ۽ يروشلم تي پنهنجو سڄو ڪم ڪري رهندو، تڏهن آءٌ اسور جي بادشاهہ جي گستاخ دل جي ڪم کي، ۽ سندس مٿانهين نگاهہ جي وڏائيءَ کي سزا ڏيندس.

13 ڇالاءِ جو هن چيو آهي تہ مون پنهنجي هٿ جي زور سان ۽ پنهنجي ڏاهپ سان ائين ڪيو آهي؛ ڇالاءِ جو آءٌ سياڻو آهيان: ۽ مون قومن جون حدون پاسي ڪيون آهن، ۽ انهن جا خزانا ڦريا اٿم، ۽ جيڪي تختن تي ويٺا آهن، تن کي بهادر مرد وانگي هيٺ لاٿو اٿم:

14 ۽ منهنجي هٿ قومن جي دولت کي آکيري وانگي لڌو آهي؛ ۽ جيئن ڪو ڇڏي ڏنل آنا گڏ ڪري، تيئن مون ساري زمين گڏ ڪئي آهي: ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جو کنڀ چوري، يا وات پٽي، يا چون بہ ڪري.

15 ڪهاڙي، انهيءَ جي اڳيان جيڪو ڪهاڙيءَ سان وڍي ٿو، ٻٽاڪ هڻندي ڇا؟ جيڪو ڪارائي هلائي ٿو تنهن سان ڪارائي ڪا وڏائي بہ ڪندي ڇا؟ ڄڻ تہ ڪو لڪڻ انهيءَ کي لوڏي جو اهو کڻي ٿو، ڄڻ تہ ڪاٺ انهيءَ کي کڻي جو ڪاٺ نہ آهي.

16 تنهن ڪري خداوند، لشڪرن جو خداوند، پنهنجن ٿلهن متارن ۾ ڏٻرائي موڪليندو؛ ۽ پنهنجي جلال جي بدران باهہ جي ساڙي وانگي هڪڙو ساڙو ڀڙڪائيندو.

17 ۽ اسرائيل جي روشنائي باهہ ٿيندي، ۽ ان جو پاڪ وجود هڪڙو شعلو ٿيندو: ۽ اهو هڪڙي ڏينهن ۾ ان جا ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيندو.

18 ۽ هو ان جي ٻيلي جو ۽ ان جي اُپت واري ٻنيءَ جو فخر، روح توڙي جسم، ٻئي فنا ڪري ڇڏيندو: ۽ انهيءَ جو حال اهڙو ٿيندو جهڙو ڪو علم بردار ساڻو ٿي ڪري پوي.

19 ۽ ان جي ٻيلي جا باقي ٻيا وڻ ايترا ٿورا ٿيندا جو ڪو ٻار بہ اهي ڳڻي سگهي.

20 ۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ اسرائيل جا باقي رهيل ماڻهو، ۽ يعقوب جي گهراڻي مان جيڪي بچيا هوندا، سي وري انهيءَ تي ٽيڪ نہ ڏيندا جنهن انهن کي ماريو هو؛ پر سچ پچ خداوند، اسرائيل جي پاڪ خدا تي ٽيڪ ڏيندا.

21 باقي رهيل، يعني يعقوب جا باقي رهيل، قادر خدا ڏي موٽندا.

22 ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تنهنجي قوم اسرائيل سمنڊ جي واريءَ جيتري هوندي تہ بہ انهن مان ڪي ٿورا موٽندا: پوريءَ سچائي سان بربادي ٺهرائي ويئي آهي.

23 ڇالاءِ جو خداوند، لشڪرن جو خداوند، ساري زمين تي مقرر ڪيل بربادي آڻي پوري ڪندو.

24 تنهن ڪري خداوند، لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي منهنجي قوم، اوهين جي صيون ۾ ٿا رهو، سي اسور کان ڊڄو: جيتوڻيڪ هو اوهان کي جيئن مصر ۾ دستور هو لڪڻ سان ماريندو ۽ اوهان تي لٺ کڻندو.

25 ڇالاءِ جو اڃا بہ ٿوري وقت کان پوءِ منهنجي ڪاوڙ ۽ چڙ پوري ٿيندي، ۽ هو ناس ڪيا ويندا.

26 ۽ لشڪرن جو خدا انهيءَ تي هڪڙو چهبڪ کڻندو، جيئن عوريب جي ٽڪر تي مديان جي ڪوس وقت کنيو هئائين: ۽ هن جي لٺ سمنڊ جي مٿان هوندي، ۽ هو اها ائين کڻندو جيئن مصر ۾ کنئي هئائين.

27 ۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ هن جو بار سندس ڪلهي تي لهي پوندو، ۽ منهنجي پاڃاري سندس ڳچيءَ تان، ۽ اُها پاڃاري مسح ڪرڻ سبب ناس ڪئي ويندي.

28 هو عيات ۾ آيو آهي، هو مجرون مان لنگهي ويو آهي؛ مڪماس ۾ هو پنهنجو سامان رکي ٿو:

29 هو لنگهہ تان لنگهي ويا آهن؛ هو جبع ۾ رهي پيو آهي: رامہ ڏڪي ٿو؛ سائول جو جبع ڀڄي نڪتو آهي.

30 اي جليم جي ڌيءَ، وڏي آواز سان دانهن ڪر! اي غريب عنتوت پنهنجو آواز ليس کي ٻڌاءِ!

31 مدمينہ ڀڳو وتي: جيبيم جا رهاڪو ڀڄڻ لاءِ پيا گڏ ٿين.

32 اڄوڪي ڏينهن هو نوب ۾ منزل ڪندو: صيون جي ڌيءَ جي جبل تي، ۽ يروشلم جي ٽڪريءَ تي هو پنهنجو هٿ اُلاري ٿو.

33 ڏس، خداوند، لشڪرن جو خداوند، سخت ڪاوڙ سان ٽاريون وڍيندو: ۽ وڏي قد واريون وڍجي هيٺ ڪرنديون، ۽ مٿانهيون هيٺ آنديون وينديون.

34 ۽ هو ٻيلي جا گهاٽ لوهہ سان وڍيندو، ۽ لبنان کي هڪڙو زبردست ماڻهو ڪيرائي وجهندو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ