Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

عبرانين 1 - Sindhi Bible

1 قديم زماني ۾ خدا ابن ڏاڏن سان نبين جي معرفت، ڪيترائي ڀيرا ۽ ڪيترن ئي نمونن سان ڪلام ڪيو،

2 ۽ هاڻي هن زماني جي پڇاڙيءَ ۾ اسان سان فرزند جي معرفت ڪلام ڪيو اٿس، جنهن کي هن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو، ۽ جنهن جي وسيلي هن جهان بہ پيدا ڪيا؛

3 هو سندس جلال جو جلوو ۽ خود سندس ذات جو نقش ٿي، سڀني شين کي پنهنجي قدرت جي ڪلام سان سنڀالي ٿو، ۽ گناهن کي ڌوئي صاف ڪري، قادر مطلق جي ساڄي پاسي بالا عالم ۾ وڃي ويٺو؛

4 ۽ هن کي ملائڪن کان جيتري قدر وڏو نالو ورثي ۾ مليو آهي، اوتري قدر هو کانئن اعليٰ ٿيو آهي.

5 ڇالاءِ جو هن ملائڪن مان ڪڏهن ڪنهن کي چيو تہ ”تون منهنجو فرزند آهين، اڄ تون مون کان پيدا ٿئين؟“ ۽ وري ”آئون هن جو پيءُ ٿيندس ۽ هو منهنجو فرزند ٿيندو؟“

6 ۽ جڏهن وري هو پهريتو پٽ دنيا ۾ آڻي ٿو، تڏهن چوي ٿو تہ ”خدا جا سڀ ملائڪ انهي کي سجدو ڪن.“

7 ۽ ملائڪن بابت هو چوي ٿو تہ ”هو پنهنجن ملائڪن کي هوائون ڪري ٿو ۽ پنهنجن خادمن کي باهہ جو شعلو ٿو بڻائي.“

8 مگر فرزند جي بابت چوي ٿو تہ ”اي خدا، تنهنجو تخت هميشہ تائين قائم آهي ۽ تنهنجي بادشاهت جو عصو سچائيءَ جو عصو آهي.

9 تو راستبازيءَ سان محبت ۽ بديءَ سان عداوت رکي؛ تنهنڪري خدا، يعني تنهنجي خدا، توکي خوشيءَ جي تيل سان تنهنجن سنگتين کان وڌيڪ مسح ڪيو.“

10 ۽ ”اي خداوند، تو شروع ۾ زمين جو بنياد وڌو؛ ۽ آسمان تنهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن:

11 اُهي نيست ٿي ويندا؛ پر تون قائم رهندين؛ ۽ هو سڀ پوشاڪ وانگر پراڻا ٿي ويندا؛

12 ۽ تون انهن کي چادر وانگر ويڙهي ڇڏيندين، ۽ اُهي پوشاڪ وانگر بدلجي ويندا: پر تون اُهوئي ساڳيو آهين ۽ تنهنجا سال کُٽڻ جا ناهن.“

13 پر ملائڪن مان ڪنهن کي ڪڏهن هن چيو آهي تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيسين ڪ آئون تنهنجن دشمنن کي تنهنجن پيرن جي صندلي ڪريان؟“

14 هو سڀ خدمت ڪندڙ روح نہ آهن ڇا، جي اُنهن جي خدمت ڪرڻ واسطي موڪليا ٿا وڃن، جن کي نجات جو ورثو مليو آهي؟

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ