پيدائش 44 - Sindhi Bible1 پوءِ هن پنهنجي گهر جي داروغي کي حڪم ڏيئي چيو تہ هنن ماڻهن جي ٻورن ۾ ايترو اَن ڀر جيترو هو کڻي سگهن ۽ هر هڪ ماڻهوءَ جا پيسا سندن ٻوري جي منهن ۾ وجهہ. 2 ۽ منهنجو چانديءَ جو پيالو ۽ اَن جو ملهہ هنن مان سڀني کان ننڍي جي ٻوري جي منهن ۾ وجهي ڇڏ. سو جيئن يوسف هن کي چيو تيئن ئي ڪيائين. 3 پوءِ جڏهن صبح جو سوجهرو ٿيو، تڏهن انهن ماڻهن کي سندن گڏهن سوڌو روانو ڪيائون. 4 ۽ جڏهن هو شهر مان نڪري اڃا ٿورو ئي پري ويا، تہ يوسف پنهنجي داروغي کي چيو تہ اٿي هنن ماڻهن جي پٺيان وڃ ۽ جڏهن کين پهچين، تڏهن چئجان تہ اوهان نيڪيءَ جي عيوض بدي ڇو ڪئي؟ 5 هي اهو پيالو ڪينهي، جنهن ۾ منهنجو مالڪ پيئندو آهي؟ بلڪ هو فال بہ انهي سان ئي ڏسندو آهي؟ هي تہ اوهان بڇڙو ڪم ڪيو آهي. 6 پوءِ هو وڃي هنن کي رسيو، ۽ کين ائين ئي چيائين. 7 تڏهن هنن چيس تہ اسان جو مالڪ ائين ڇو ٿو چوي؟ شل خدا نہ ڪري، جو تنهنجا ٻانها اهڙو ڪم ڪن. 8 ڏس جيڪي پيسا اسان کي پنهنجن ٻورن جي منهن ۾ مليا هئا، سي بہ اسان ڪنعان جي ملڪ مان موٽائي تو وٽ آندا، تڏهن اسين تنهنجي مالڪ جي گهر مان رپو يا سون ڪيئن چورائينداسين؟ 9 تنهنجن ٻانهن مان جنهن وٽان اهو لڀي، سو ڀلي تہ ماريو وڃي، ۽ اسين بہ پنهنجي مالڪ جا غلام ٿينداسين. 10 تڏهن هن چيو تہ هاڻي اوهان جي چوڻ موجب ٿيندو: جنهن وٽان اُهو نڪرندو، سو منهنجو غلام ٿيندو، ۽ باقي ٻيا سڀ بي قصور ٿيندا. 11 تڏهن هنن جلد پنهنجا ٻورا لاهي زمين تي رکيا، ۽ هر ڪنهن پنهنجو ٻورو کوليو. 12 پوءِ هو ڳولڻ لڳو ۽ وڏي کان شروع ڪري سڀ کان ننڍي تائين آيو، ۽ پيالو بنيمين جي ٻوري مان لڀي پيو. 13 تنهن تي هو پنهنجا ڪپڙا ڦاڙڻ لڳا ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجو گڏهہ لڏي موٽي شهر ۾ آيو. 14 ۽ يهوداہ ۽ سندس ڀائر يوسف جي گهر آيا، جو هو اڃا اُتي ئي هو: ۽ سندس اڳيان زمين تي ڪري پيا. 15 تڏهن يوسف انهن کي چيو تہ اوهان هي ڪهڙو ڪم ڪيو؟ اوهان کي اها خبر ڪانهي تہ مون جهڙو ماڻهو فال ڏسي ٿو سگهي؟ 16 تڏهن يهوداہ چيو تہ اسين پنهنجي مالڪ کي ڇا چئون ۽ ڇا ڳالهايون؟ ۽ ڪيئن اسين پاڻ کي بي قصور ثابت ڪريون؟ خدا تنهنجن ٻانهن جي بدڪاري ظاهر ڪئي آهي: هاڻي ڏس، اسين ۽ اهو بہ، جنهن وٽان پيالو نڪتو آهي، سي سڀ پنهنجي مالڪ جا غلام آهيون. 17 تڏهن يوسف چيو تہ خدا نہ ڪري جو آءٌ ائين ڪريان: جنهن ماڻهوءَ وٽان منهنجو پيالو نڪتو آهي، سو ئي منهنجو غلام ٿيندو؛ باقي اوهين ٻيا صحيح سلامت پنهنجي پيءُ وٽ موٽي وڃو. 18 تڏهن يهوداہ هن جي ويجهو اچي چيو تہ اي منهنجا سائين، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ پنهنجي ٻانهي کي موڪل ڏي، تہ پنهنجي مالڪ سان ڪا ڳالهہ ڪري. ۽ تنهنجي ٻانهي تي تنهنجي ڪاوڙ نہ وڌي؛ ڇالاءِ جو تون بہ فرعون جهڙو ئي آهين. 19 منهنجي مالڪ پنهنجي ٻانهن کان پڇيو هو تہ اوهان کي ڪو پيءُ، يا ڪو ڀاءُ آهي؟ 20 ۽ اسان پنهنجي مالڪ کي چيو تہ اسان کي پيءُ آهي، جو پير مرد آهي ۽ کيس پيريءَ ۾ هڪڙو پٽ بہ آهي، جو اڃا ننڍو آهي؛ ۽ انهي جو ڀاءُ مري ويو آهي، ۽ ماءُ کي اهو هڪڙو وڃي رهيو آهي، ۽ پڻس جو مٿس ڏاڍو پيار آهي. 21 تڏهن تو پنهنجن ٻانهن کي چيو تہ انهيءَ کي مون وٽ وٺي اچو تہ آءٌ پنهنجين اکين سان ڏسانس، 22 ۽ اسان پنهنجي مالڪ کي چيو تہ اهو ڇوڪر پنهنجي پيءُ کي ڇڏي ڪين سگهندو: ڇالاءِ تہ جي هو پنهنجي پيءُ کان جدا ٿيندو تہ پڻس مري ويندو. 23 پر تو پنهنجن ٻانهن کي چيو تہ جيسين اوهين پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي پاڻ سان نہ آڻيندا، تيسين اوهين منهنجو منهن ڪين ڏسندا. 24 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسين تنهنجي ٻانهي پنهنجي پيءُ وٽ وياسين، تڏهن اسان کيس پنهنجي مالڪ جي ڳالهہ ٻڌائي. 25 ۽ اسان جي پيءُ چيو تہ اوهين وري وڃي اسان جي لاءِ ٿورو کاڌو خريد ڪري اچو. 26 پر اسان چيو تہ اسين ائين وڃي نٿا سگهون: جيڪڏهن اسان جو ننڍو ڀاءُ اسان سان هلندو تہ پوءِ اسين وينداسين: ڇالاءِ تہ جي اسان جو ننڍو ڀاءُ اسان سان نہ هوندو تہ اسين انهي ماڻهوءَ جو منهن ڏسي ڪين سگهنداسين. 27 تڏهن تنهنجي ٻانهي اسان جي پيءُ اسان کي چيو تہ اوهان کي خبر آهي تہ منهنجيءَ زال کي مون مان ٻہ پٽ ڄاوا آهن: 28 تن مان هڪڙو مون کان جدا ٿي ويو، ۽ مون چيو تہ هن کي ضرور ڪنهن مرونءَ ڦاڙي کائي ڇڏيو هوندو؛ ۽ انهيءَ وقت کان وٺي هن کي ڪونہ ڏٺو اٿم: 29 ۽ جيڪڏهن اوهين هن کي بہ مون وٽان وٺي ويندا، ۽ مٿس ڪا آفت آئي تہ پوءِ اوهين منهنجن اڇن وارن کي ڏک سهندي قبر ۾ موڪليندا. 30 سو هاڻي، جڏهن آءٌ تنهنجي ٻانهي پنهنجي پيءُ وٽ ويندس، ۽ ڇوڪر اسان سان نہ هوندو، ۽ جيئن تہ هن ڇوڪر ۾ سندس ساهہ آهي، 31 سو هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو ڏسندو تہ ڇوڪر اسان سان ڪونهي، تڏهن هو مري ويندو: ۽ تنهنجن ٻانهن جي ڪري، اسان جو پيءُ تنهنجو ٻانهو پنهنجن اڇن وارن سان ڏک سهي وڃي قبر ۾ پوندو. 32 ۽ جيئن تہ تنهنجو ٻانهو انهيءَ ڇوڪر جي لاءِ پنهنجي پيءُ وٽ ضامن پيو هو، ۽ چيو هئائينس تہ جي آءٌ هن کي موٽائي تو وٽ نہ آڻيان تہ پوءِ آءٌ هميشہ جي لاءِ تنهنجو ڏوهاري ٿيندس: 33 تنهنڪري آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هيئن ڪر، يعني تنهنجو ٻانهو هن ڇوڪر جي عيوض پنهنجي مالڪ جو غلام ٿي رهي؛ ۽ ڇوڪر پنهنجن ڀائرن سان وڃي. 34 ڇالاءِ تہ جيڪڏهن ڇوڪر مون سان نہ هوندو تہ آءٌ ڪهڙيءَ طرح پنهنجي پيءُ وٽ ويندس؟ متان جيڪا مصيبت منهنجي پيءُ تي اچي سا مون کي ڏسڻي پوي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society