پيدائش 43 - Sindhi Bible1 هاڻي ملڪ ۾ ڏڪار تمام سخت ٿيندو ويو. 2 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن اهو اَن، جيڪو مصر مان آندو هئائون، سو کائي کپائي ڇڏيو، تڏهن سندن پيءُ چين تہ وري وڃي اسان جي لاءِ ڪجهہ کاڌو خريد ڪري اچو. 3 تڏهن يهوداہ چيس تہ هن ماڻهوءَ اسان کي تاڪيد ڪري چيو هو تہ جيسين اوهان جو ڀاءُ اوهان سان نہ هوندو، تيسين اوهين منهنجو منهن نہ ڏسندا. 4 سو جيڪڏهن تون اسان جي ڀاءُ کي اسان سان گڏ وڃڻ جي موڪل ڏيندين تہ پوءِ اسين وڃي تنهنجي لاءِ کاڌو خريد ڪري اينداسين. 5 پر جي تون هن کي موڪل نہ ڏيندين تہ پوءِ اسين ڪين وينداسين؛ ڇالاءِ جو هن ماڻهوءَ اسان کي چيو هو تہ جيسين اوهان جو ڀاءُ اوهان سان نہ هوندو، تيسين اوهين منهنجو منهن نہ ڏسندا. 6 تڏهن اسرائيل چيو تہ اوهان مون سان اها جُٺ ڇو ڪئي، جو هن کي چيو تہ اسان جو ٻيو بہ هڪڙو ڀاءُ آهي. 7 هنن چيو تہ هن ماڻهوءَ اسان کان ورجائي ورجائي اسان جو ۽ اسان جي خاندان جو حال پڇيو، ۽ چيائين تہ اڃا اوهان جو پيءُ جيئرو آهي ڇا؟ اوهان جو ٻيو بہ ڪو ڀاءُ آهي ڇا؟ تڏهن اسان انهن ڳالهين موجب کيس ورندي ڏني: اسان کي ڪا اها خبر هئي ڇا تہ هو چوندو تہ وڃي پنهنجي ڀاءُ کي وٺي اچو؟ 8 پوءِ يهوداہ پنهنجي پيءُ اسرائيل کي چيو تہ ڇوڪر کي مون سان گڏ موڪل تہ اسين وڃون؛ تہ اسين ۽ تون، ۽ اسان جا ننڍڙا ٻار جيئرا رهون، ۽ مري نہ وڃون. 9 آءٌ هن جو ضامن ٿو پوان؛ تون منهنجي ئي هٿان اهو موٽائي وٺج: جيڪڏهن آءٌ هن کي وري آڻي تو وٽ حاضر نہ ڪريان، تہ پوءِ آءٌ هميشہ لاءِ تنهنجو ڏوهاري ٿيندس: 10 ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اسين دير نہ ڪريون ها، تہ هن وقت تائين اُتان ٿي موٽي بہ اچون ها. 11 تڏهن سندن پيءُ اسرائيل کين چيو، تہ جي ائين ئي آهي تہ هيئن ڪريو، هن ملڪ جي عمدن ميون مان ڪي پنهنجن ٻورن ۾ وجهو، ۽ ٿورو سرهو تيل، ٿوري ماکي، مصالحہ، مَر، پستا ۽ باداميون، اهي سڀ سوکڙيءَ طور انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ کڻي وڃو. 12 ۽ ٻيڻا پيسا پنهنجي هٿ ۾ کڻو؛ ۽ جيڪي پيسا اوهانجن ٻورن ۾ وجهي موٽايا هئائون، سي بہ پاڻ سان کڻي وڃو؛ تہ متان اها ڀل ٿي هجي: 13 ۽ پنهنجي ڀاءُ کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي وڃو، اُٿو وري انهيءَ ماڻهوءَ وٽ وڃو. 14 شل قادر مطلق خدا انهيءَ ماڻهوءَ کي اوهان تي مهربان ڪري تہ هو اوهان جي ٻئي ڀاءُ کي ۽ بنيمين کي آزاد ڪري اوهان کي ڏئي. 15 تڏهن انهن ماڻهن اها سوکڙي ۽ ٻيڻا پيسا هٿ ۾ کنيا، ۽ بنيمين کي ساڻ ڪري اٿي روانا ٿيا: ۽ مصر ۾ پهچي، يوسف جي اڳيان وڃي حاضر ٿيا. 16 جڏهن يوسف بنيمين کي انهن سان گڏ ڏٺو، تڏهن پنهنجي گهر جي داروغي کي چيائين تہ هنن ماڻهن کي گهر ۾ وٺي وڃ ۽ ڇيلو ڪهي کاڌو تيار ڪر: ڇالاءِ جو ٻنپهرن جو هي ماڻهو مون سان گڏ ماني کائيندا. 17 سو هن ماڻهوءَ يوسف جي چوڻ موجب ڪيو: ۽ انهن کي يوسف جي گهر ۾ وٺي آيو. 18 ۽ انهن ماڻهن کي جو يوسف جي گهر ۾ وٺي آيا، تنهنڪري ڊپ وٺي وين، ۽ چوڻ لڳا تہ پهرئين ڀيري جي پيسا اسانجن ٻورن ۾ موٽائي وڌا هئائون، تنهن جي ڪري اسان کي هتي اندر وٺي آيا آهن، تہ اسان جي برخلاف ڪو بهانو ڳولي اسان تي ڪاهہ ڪن، ۽ هو اسان کي پنهنجا غلام ڪري اسان جا گڏهہ ڦري وٺن. 19 پوءِ هو يوسف جي گهر جي داروغي وٽ آيا ۽ در وٽ بيهي ساڻس ڳالهائڻ لڳا، 20 ۽ چيائونس تہ سائين، سچ پچ اسين پهرئين ڀيري کاڌو خريد ڪرڻ آيا هئاسين: 21 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسان منزل تي پهچي پنهنجا ٻورا کوليا، تڏهن ڏسون تہ هر ڪنهن ماڻهو جا پيسا، اوتري جا اوترا، سندس ٻوري جي منهن پيا آهن: ۽ اهي اسين موٽائي پاڻ سان کڻي آيا آهيون. 22 ۽ ٻيا بہ پيسا پاڻ سان آندا اٿئون تہ کاڌو خريد ڪريون: اسان کي خبر نہ آهي تہ ڪنهن اسان جا پيسا اسان جي ٻورن ۾ وڌا. 23 تڏهن هن چيو تہ اوهين دل جاءِ ڪريو، ڊڄو نہ: اوهان جي ۽ اوهان جي پيءُ جي خدا، اوهان جي ٻورن ۾ اوهان کي خزانو ڏنو آهي: اوهان جا پيسا مون کي ملي چڪا. پوءِ هو شمعون کي ڪڍي، انهن وٽ وٺي آيو. 24 ۽ هو کين يوسف جي گهر ۾ وٺي آيو ۽ کين پاڻي ڏنائين، ۽ انهن پنهنجا پير ڌوتا؛ ۽ سندن گڏهن کي گاهہ داڻو ڏنائين. 25 پوءِ هنن اها سوکڙي تيار ڪري رکي تہ ٻنپهرن جو جڏهن يوسف اچي تڏهن ڏيونس، ڇو تہ ٻڌو هئائون تہ اسان جي ماني هتي آهي. 26 پوءِ جڏهن يوسف گهر ۾ آيو، تڏهن اها سوکڙي، جا هٿ ۾ هين، سا وٽس کڻي آيا، ۽ زمين تائين جهڪي سجدو ڪيائونس. 27 هن سندن خير عافيت پڇي ۽ چيائين تہ اوهان جو پيءُ، يعني اهو پير مرد جنهن جو اوهان ذڪر ڪيو هو، سو چڱو ڀلو آهي، ۽ اڃا حيات آهي؟ 28 هنن چيو تہ تنهنجو ٻانهو، اسان جو پيءُ چڱو ڀلو آهي ۽ اڃا حيات آهي. پوءِ هنن ڪنڌ جهڪائي سجدو ڪيس. 29 ۽ هن پنهنجون اکيون مٿي کڻي، پنهنجي سڳي ڀاءُ بنيمين کي ڏٺو، ۽ چيائين تہ اوهان جو سڀ کان ننڍو ڀاءُ هي آهي؟ جنهن بابت اوهان مون کي ٻڌايو هو؟ ۽ چيائين تہ ٻچا، شل خدا توتي پنهنجو فضل نازل ڪري. 30 پوءِ يوسف جهٽ پنهنجيءَ ڪوٺيءَ ۾ گهڙي ويو ۽ اتي وڃي رنائين؛ ڇالاءِ جو ڀاڻس ڏانهن سندس آنڊن جي ڏاڍي ڇڪ ٿي، ۽ ڀانيائين تہ ڪٿي وڃي روئان. 31 پوءِ پنهنجو منهن ڌوئي ٻاهر آيو ۽ پاڻ کي روڪي چيائين تہ ماني کڻي اچو. 32 تڏهن هنن سندس لاءِ ڌار، هنن لاءِ ڌار، ۽ جيڪي مصري ساڻس گڏ کائيندا هئا، تن لاءِ ڌار ماني رکي؛ ڇالاءِ جو مصري عبرانين سان گڏ ماني ڪين کائيندا هئا، جو مصرين لاءِ اها نفرت جهڙي ڳالهہ هئي. 33 پوءِ هو سندس اڳيان ويهي رهيا. وڏو پنهنجيءَ وڏيءَ عمر موجب ۽ ننڍو پنهنجيءَ ننڍيءَ عمر موجب، تڏهن هو عجب ۾ پئي هڪ ٻئي ڏانهن نهارڻ لڳا. 34 ۽ هن پاڻ وٽان رڪابيون کڻي، هنن ڏانهن موڪليون: پر بنيمين جي رڪابي ۾ هرهڪ جي رڪابيءَ کان پنجوڻو حصو وڌيڪ هو. ۽ هنن ساڻس گڏ پيتو ۽ خوش ٿيا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society