Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

پيدائش 27 - Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسحاق ٻڍو ٿيو ۽ اکين ۾ اهڙو ڌنڌ ٿيس، جو ڏسي نٿي سگهيو، تڏهن هن پنهنجي وڏي پٽ عيسوءَ کي سڏي چيو تہ اي منهنجا پٽ، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.

2 تڏهن هن چيو تہ ڏس، آءٌ ٻڍو ٿيو آهيان ۽ خبر ڪانہ اٿم تہ ڪڏهن مرندس.

3 سو هاڻي، مهرباني ڪري پنهنجا هٿيار ۽ پنهنجو تير ڪمان کڻي جهنگ ڏانهن وڃ ۽ مون لاءِ شڪار ڪري اچ:

4 ۽ منهنجي واسطي لذيذ طعام، جهڙو مون کي وڻندو آهي، تهڙو تيار ڪري مون وٽ کڻي اچ تہ آءٌ اهو کاوان؛ ۽ مرڻ کان اڳي توکي برڪت ڏيان.

5 هاڻي جڏهن اسحاق پنهنجي پٽ عيسوءَ سان ڳالهيون پئي ڪيون، تڏهن ربقہ اهي ٻڌي ورتيون. پوءِ جڏهن عيسو شڪار ڪرڻ لاءِ جهنگ ڏانهن ويو،

6 تڏهن ربقہ پنهنجي پٽ يعقوب کي سڏي چيو تہ ڏس، مون تنهنجي پيءُ کي تنهنجي ڀاءُ عيسوءَ سان ڳالهيون ڪندي ٻڌو، جو چيائينس تہ

7 مون لاءِ شڪار آڻي مون کي لذيذ طعام ٺاهي ڏي تہ آءٌ کاوان، ۽ پنهنجي مرڻ کان اڳي خداوند جي حضور ۾ توکي برڪت ڏيان.

8 تنهنڪري پٽ جيڪي آءٌ هاڻي توکي چوان ٿي، تنهن موجب ڪر.

9 هاڻي ڌڻ ڏانهن وڃ ۽ اتان مون کي ٻہ سٺا ڇيلا آڻي ڏي، تہ انهن مان آءٌ تنهنجي پيءُ لاءِ اهڙو لذيذ طعام تيار ڪريان، جهڙو کيس وڻندو آهي.

10 پوءِ اهو تون پنهنجي پيءُ وٽ کڻي وڃج، تہ هو کائي، ۽ مرڻ کان اڳ ۾ توکي برڪت ڏئي.

11 تڏهن هن پنهنجي ماءُ ربقہ کي چيو تہ ڏس، منهنجي ڀاءُ عيسوءَ جي بدن تي وار آهن ۽ منهنجو بدن لسو آهي.

12 شايد منهنجو پيءُ مون کي هٿ لائي ۽ آءٌ هن جي اڳيان دغاباز ثابت ٿيان، ۽ برڪت جي بدران پاڻ تي لعنت آڻيان.

13 تنهن تي ماڻس چيس تہ منهنجا پٽ، تنهنجي لعنت ڀلي مون تي پوي، تون رڳو منهنجي ڳالهہ مڃ ۽ وڃي اهي مون کي آڻي ڏي.

14 پوءِ هو ويو ۽ اهي آڻي پنهنجيءَ ماءُ کي ڏنائين: ۽ سندس ماءُ اهڙو لذيذ طعام تيار ڪيو، جهڙو پڻس کي وڻندو هو.

15 ۽ ربقہ پنهنجي وڏي پٽ عيسوءَ جا عمدا ڪپڙا جي وٽس گهر ۾ موجود هئا، سي پنهنجي ننڍي پٽ يعقوب کي پهرايا:

16 ۽ هن جي هٿن تي ۽ ڪنڌ جي لسي هنڌ تي ڇيلن جون کلون ٻڌائين:

17 ۽ اهو لذيذ طعام ۽ ماني، جا تيار ڪئي هئائين، سا پنهنجي پٽ يعقوب جي هٿ ۾ ڏنائين.

18 پوءِ هو پنهنجي پيءُ وٽ آيو ۽ چيائين تہ بابا: هن چيو تہ اِجهو آءٌ ويٺو آهيان؛ پٽ تون ڪير آهين؟

19 يعقوب پيءُ کي چيو تہ آءٌ عيسو تنهنجو وڏو پٽ آهيان؛ جيئن تو مون کي چيو هو، تيئن ڪيو اٿم: آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هاڻي اٿي منهنجي شڪار مان کاءُ ۽ مون کي برڪت ڏي.

20 تڏهن اسحاق پنهنجي پٽ کي چيو تہ، اي منهنجا پٽ، اهو توکي اهڙو جلد ڪيئن هٿ آيو؟ هن چيو تہ خداوند تنهنجي خدا منهنجي مدد ڪئي.

21 پوءِ اسحاق، يعقوب کي چيو تہ منهنجا پٽ ڀلائي ڪري ويجهو اچ تہ آءٌ توکي هٿ لائي ڏسان، تہ تون برابر منهنجو پٽ عيسو آهين يا نہ؟

22 تڏهن يعقوب پنهنجي پيءُ اسحاق جي ويجهو ويو؛ ۽ هن هٿ لائي چيو تہ ڳالهائڻ تہ يعقوب جي ڳالهائڻ جهڙو آهي، پر هٿ عيسو جي هٿن جهڙا آهن.

23 سو هو سڃاڻي نہ سگهيس، ڇالاءِ جو هن جا هٿ سندس ڀاءُ عيسو جي هٿن جهڙا وارن سان ڀريل هئا: تنهنڪري هن کي برڪت ڏنائين.

24 ۽ چيائين تہ ڇا تون سچ پچ منهنجو پٽ عيسو آهين؟ هن چيو تہ ها آءٌ اهوئي آهيان.

25 تڏهن چيائينس تہ اهو کاڌو مون وٽ کڻي اچ تہ آءٌ پنهنجي پٽ جي شڪار مان کاوان، ۽ توکي برڪت ڏيان. ۽ هن اهو سندس ويجهو آندو ۽ هن کاڌو: ۽ پوءِ هن مئي بہ آڻي ڏنس، سا بہ پيتائين.

26 پوءِ سندس پيءُ اسحاق چيس تہ منهنجا پٽ هاڻ ويجهو اچي مون کي چُمي ڏي.

27 تڏهن هن ويجهو اچي چُمي ڏنيس: ۽ هن کي سندس ڪپڙن جي خوشبوءِ آئي ۽ برڪت ڏيئي چيائينس تہ: ڏس منهنجي پٽ جي خوشبوءِ انهيءَ ٻنيءَ جي خوشبوءِ جهڙي آهي، جنهن کي خدا برڪت ڏني آهي.

28 شل خدا توکي آسمان جي ماڪ، زمين جو سڻڀ، ۽ ججهو اَن ۽ مئي ڏئي.

29 شل اُمتون تنهنجي خدمت ڪن، ۽ قومون تنهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائين. شل تون پنهنجي ڀائرن جو سردار ٿين ۽ تنهنجيءَ ماءُ جا پٽ تنهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائين. جيڪو تو تي لعنت ڪري سو لعنتي ٿئي، ۽ جيڪو توکي برڪت ڏئي سو مبارڪ ٿئي.

30 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسحاق يعقوب کي برڪت ڏيئي چڪو، ۽ يعقوب پنهنجي پيءُ اسحاق وٽان نڪري ٻاهر ويو، تڏهن سندس ڀاءُ عيسو شڪار تان موٽيو.

31 ۽ هو بہ لذيذ طعام تيار ڪري پنهنجي پيءُ وٽ کڻي آيو، ۽ پنهنجي پيءُ کي چيائين تہ منهنجا ابا اٿي پنهنجي پٽ جي شڪار مان کاءُ، ۽ مون کي برڪت ڏي.

32 تڏهن اسحاق چيس تہ تون ڪير آهين؟ هن چيو تہ آءٌ تنهنجو وڏو پٽ عيسو آهيان.

33 تنهن تي اسحاق کي ڏاڍي ڏڪڻي وٺي ويئي ۽ چوڻ لڳو تہ تڏهن اهو ڪير هو، جو مون وٽ شڪار کڻي آيو، ۽ مون تنهنجي اچڻ کان اڳي اهو کاڌو ۽ هن کي برڪت ڏنيم؟ هائو، اهو ئي مبارڪ ٿيندو.

34 جڏهن عيسو پنهنجي پيءُ جون اهي ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن زار زار روئڻ لڳو، ۽ پنهنجي پيءُ کي چيائين تہ بابا، مون کي، ها مون کي بہ برڪت ڏي.

35 هن چيو تہ تنهنجو ڀاءُ ٺڳي ڪري آيو ۽ تنهنجي برڪت وٺي ويو.

36 تڏهن چيائين تہ هن کي يعقوب نالو برابر ڪين مليو آهي ڇا؟ ڇو جو هن هي ٻيو ڀيرو مون سان ٺڳي ڪئي آهي: هو منهنجي پهريتي هئڻ جو حق وٺي ويو؛ ۽ هاڻي ڏس، هو منهنجي برڪت بہ کڻي ويو آهي. پوءِ چيائين تہ تو منهنجي لاءِ ڪا برڪت بچائي نہ رکي آهي ڇا؟

37 ۽ اسحاق عيسوءَ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ڏس، مون هن کي تنهنجو مالڪ ٺهرايو آهي، ۽ سندس سڀيئي ڀائر کيس نوڪر ڪري ڏنا اٿم؛ هاڻي منهنجا پٽ، آءٌ تولاءِ ڇا ڪريان؟

38 تڏهن عيسوءَ پنهنجي پيءُ کي چيو تہ بابا، تو وٽ فقط هڪڙي برڪت آهي ڇا؟ مون کي، هائو مون کي بہ برڪت ڏي. ۽ عيسو زار زار روئڻ لڳو.

39 تڏهن سندس پيءُ اسحاق ورندي ڏيئي چيس تہ: ڏس، تنهنجي رهڻ جو هنڌ زمين جي سڻڀ ۽ مٿان آسمان جي ماڪ مان نہ ٿيندو.

40 تون پنهنجيءَ ترار جي زور تي حياتي گذاريندين، ۽ پنهنجي ڀاءُ جي خدمت ڪندين: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون زور وٺي آزاد ٿيندين، تڏهن پنهنجي ڀاءُ جي پاڃاري پنهنجي ڳچيءَ تان لاهي ڇڏيندين.

41 پوءِ عيسو يعقوب سان حسد ڪرڻ لڳو؛ ڇالاءِ جو سندس پيءُ هن کي برڪت ڏني هئي، ۽ عيسوءَ پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ منهنجي پيءُ جي لاءِ ماتم ڪرڻ جو وقت ويجهو آهي، پوءِ آءٌ پنهنجي ڀاءُ يعقوب کي قتل ڪندس.

42 جڏهن ربقہ کي سندس وڏي پٽ عيسوءَ جون اهي ڳالهيون ٻڌايون ويون، تڏهن هن پنهنجي ننڍي پٽ يعقوب کي گهرايو ۽ چيائينس تہ ڏس، تنهنجو ڀاءُ عيسو توکي قتل ڪرڻ جو ارادو رکي پنهنجيءَ دل کي تسلي ڏيئي رهيو آهي.

43 سو هاڻي منهنجا پٽ منهنجو چيو مڃ ۽ حاران ۾ منهنجي ڀاءُ لابن وٽ ڀڄي وڃ؛

44 ۽ ڪي ڏينهن وڃي انهيءَ وٽ رهہ، جيسين تنهنجي ڀاءُ جي ڪاوڙ ڍري ٿئي؛

45 يعني جيسين تنهنجي ڀاءُ جي ڪاوڙ تو تان لهي وڃي، ۽ جيڪي تو ساڻس ڪيو آهي، سو وسري وڃيس: پوءِ آءٌ توکي اتان گهرائي وٺنديس: آءٌ اوهان ٻنهي کي هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ڇو وڃايان.

46 تڏهن ربقہ اسحاق کي چيو تہ آءٌ حت جي ڌيئرن ڪري پنهنجيءَ حياتيءَ مان ڪڪ ٿي پيئي آهيان: جيڪڏهن يعقوب هن ملڪ جي ڇوڪرين منجهان حت جي ههڙين ڌيئرن مان ڪنهن سان بہ شادي ڪئي، تہ پوءِ منهنجي جيئڻ مان ڪهڙو فائدو؟

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ