پيدائش 16 - Sindhi Bible1 هاڻي ابرام جي زال ساري کي ڪوبہ اولاد ڪونہ هو: هن وٽ هاجرہ نالي هڪڙي ٻانهي هئي، جا مصر جي هئي. 2 ۽ ساريءَ ابرام کي چيو تہ هاڻي ڏس، خداوند مون کي اولاد کان وانجهي رکيو آهي، سو تون پنهنجيءَ ٻانهيءَ وٽ وڃ، شايد ان مان مون کي ڪي ٻار ملن. ۽ ابرام ساريءَ جي ڳالهہ قبول ڪئي. 3 جڏهن ابرام کي ڪنعان جي ملڪ ۾ رهندي ڏهہ ورهيہ ٿيا هئا، تڏهن سندس زال ساريءَ پنهنجي مصري ٻانهي کيس ڏني تہ هن جي زال ٿي رهي. 4 ۽ هو هاجرہ وٽ ويو ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي، ۽ جڏهن کيس خبر پيئي تہ آءٌ پيٽ سان ٿي آهيان، تڏهن پنهنجي ڌياڻيءَ جي حقارت ڪرڻ لڳي. 5 تڏهن ساريءَ ابرام کي چيو تہ مون سان جيڪو ظلم ٿيو آهي، سو تنهنجي سر تي آهي! مون پنهنجي ٻانهي تنهنجيءَ هنج ۾ ڏني ۽ هاڻي جڏهن هن ڏٺو تہ پيٽ سان ٿي آهي، تڏهن مون ڏانهن حقارت سان ٿي نهاري: سو خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ انصاف ڪندو. 6 تنهن تي ابرام ساريءَ کي چيو تہ ڏس تنهنجي ٻانهي تنهنجي هٿ ۾ آهي، جيئن وڻيئي تيئن ساڻس ڪر. تڏهن ساري هن سان سختي ڪرڻ لڳي ۽ هوءَ وٽانئس ڀڄي ويئي. 7 ۽ رڻ پٽ ۾ شور جي رستي تي جيڪو پاڻيءَ جو چشمو آهي، تنهن وٽ خداوند جو فرشتو هن کي گڏيو، 8 ۽ چيائينس تہ ساريءَ جي ٻانهي هاجرہ تون ڪٿان ٿي اچين، ۽ ڪيڏانهن ٿي وڃين؟ هن چيو تہ آءٌ پنهنجيءَ ڌياڻيءَ وٽان ڀڄي آئي آهيان. 9 تڏهن خداوند جي فرشتي چيس تہ تون پنهنجيءَ ڌياڻيءَ وٽ موٽي وڃ ۽ سندس هٿ هيٺ رهہ. 10 ۽ خداوند جي فرشتي هن کي چيو تہ آءٌ تنهنجو اولاد ايترو وڌائيندس جو شمار کان ٻاهر ٿيندو. 11 ۽ خداوند جي فرشتي چيو تہ ڏس تون حاملہ آهين ۽ پٽ ڄڻيندينءَ: ۽ انهيءَ جو نالو اسماعيل رکج؛ ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي ڏک جي دانهن ٻڌي آهي. 12 هو ماڻهن ۾ جهنگلي گڏهہ جهڙو آزاد رهندو؛ هن جو هٿ سڀني جي برخلاف ۽ سڀني جو هٿ هن جي برخلاف ٿيندو؛ ۽ هو پنهنجن سڀني ڀائرن جي روبرو رهندو. 13 ۽ جنهن خداوند ساڻس ڳالهايو تنهن جو نالو هن اتاايل روئي رکيو يعني اي خدا تون ڏسين ٿو: ڇالاءِ جو هن چيو تہ سچ پچ مون خدا کي ڏٺو ۽ پوءِ بہ جيئري آهيان؟ 14 تنهنڪري انهيءَ چشمي جو نالو بيرلحي روئي پئجي ويو؛ ۽ ڏسو، اهو قادس ۽ برد جي وچ ۾ آهي. 15 ۽ هاجرہ کي ابرام مان هڪڙو پٽ ڄائو ۽ ابرام پنهنجي انهيءَ پٽ جو نالو، جو هاجرہ کي ڄائو، اسماعيل رکيو. 16 جڏهن هاجرہ کي ابرام مان پٽ ڄائو، تڏهن ابرام ڇهاسي ورهين جو هو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society