Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

پيدائش 15 - Sindhi Bible

1 هنن ڳالهين کان پوءِ خداوند جو ڪلام رويا ۾ ابرام تي نازل ٿيو، ۽ چيائينس تہ اي ابرام ڊڄ نہ، آءٌ تنهنجي ڍال ۽ تنهنجو وڏو انعام آهيان.

2 ابرام چيو تہ اي خداوند خدا تون مون کي ڇا ڏيندين؟ آءٌ تہ بي اولاد آهيان ۽ منهنجي گهر جو مختيار اليعزر دمشقي آهي.

3 وري ابرام چيو تہ ڏس، تو مون کي اولاد ڪونہ ڏنو آهي، ۽ هڪڙو غلام جو منهنجي گهر ۾ ڄائو آهي سو منهنجو وارث ٿيندو.

4 تڏهن خداوند جو ڪلام هن تي نازل ٿيو ۽ چيائينس تہ هي ماڻهو تنهنجو وارث نہ ٿيندو، پر جيڪو تو مان پيدا ٿيندو سو ئي تنهنجو وارث ٿيندو.

5 ۽ هو کيس ٻاهر وٺي ويو ۽ چيائينس تہ هاڻي آسمان ڏانهن نهار، ۽ جي تارن کي ڳڻي سگهين تہ ڳڻ: ۽ چيائينس تہ تنهنجو اولاد ايترو ٿيندو.

6 ۽ هن خداوند تي ايمان آندو؛ ۽ هن اهو سندس لاءِ راستبازي شمار ڪيو.

7 ۽ چيائينس تہ ڏس آءٌ اهو خداوند آهيان، جو توکي ڪسدين جي اور مان ڪڍي آيس، تہ هي ملڪ توکي ورثي ۾ ڏيان.

8 تڏهن هن چيو تہ اي خداوند خدا مون کي ڪيئن خبر پوي تہ آءٌ هن ملڪ جو وارث ٿيندس؟

9 ۽ هن چيس تہ منهنجي لاءِ هڪڙو ٽسالو وهڙو، ۽ هڪڙي ٽسالي ٻڪري، ۽ هڪڙو ٽسالو گهيٽو، ۽ هڪڙي قمري، ۽ هڪڙو ڪبوتر جو ٻچو وٺي اچ.

10 ۽ هو اهي سڀئي وٺي آيو، ۽ انهن کي وچان وڍي ٻہ اڌ ڪيائين، ۽ هر هڪ جو هڪڙو حصو ٻئي جي سامهون ڪري رکيائين: پر پکين کي ٻہ اڌ نہ ڪيائين.

11 پوءِ شڪاري پکي اچي انهن ٽڪرن تي لٿا، پر ابرام انهن کي هڪليندو رهيو.

12 ۽ سج لهڻ مهل ابرام کي ڏاڍي ننڊ آئي ۽ ڏسو، هڪڙي هيبتناڪ اوندهہ مٿس ڇانئجي ويئي.

13 پوءِ هن ابرام کي چيو تہ اها پڪ ڄاڻ تہ تنهنجو اولاد اهڙي ملڪ ۾ پرديسي ٿيندو جو سندن نہ آهي، ۽ اتي جي ماڻهن جي غلامي ڪندو، ۽ اهي چئن صدين تائين کين تڪليف ڏيندا.

14 جنهن قوم جي هو غلامي ڪندا تنهن کي بہ آءٌ سزا ڏيندس، ۽ پوءِ هو گهڻي مال متاع سان اُتان نڪرندا.

15 پر تون آرام سان پنهنجن ابن ڏاڏن ڏانهن ويندين، تون تمام وڏيءَ ڄمار ۾ دفن ٿيندين.

16 ۽ هو چوٿينءَ پيڙهيءَ ۾ موٽي هتي ايندا: ڇالاءِ جو امورين جي گناهن جو گهڙو اڃا ڀريو نہ آهي.

17 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سج لٿو ۽ اوندهہ ٿي، تڏهن هڪڙو دکندڙ تنور ۽ هڪڙو ٻرندڙ مشعال انهن ٽڪرن جي وچان لنگهندو ڏسڻ ۾ آيو.

18 انهيءَ ڏينهن خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪيو ۽ چيائينس تہ مون هي ملڪ مصر جي نديءَ کان وٺي، وڏي ندي يعني فرات نديءَ تائين تنهنجي اولاد کي ڏنو آهي.

19 يعني قيني، قنزي، قدموني

20 حتي، فرزي، رفائني،

21 اموري، ڪنعاني، جرجاسي ۽ يبوسي، انهن سڀني جو ملڪ، مون تنهنجي اولاد کي ڏنو آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ