پيدائش 12 - Sindhi Bible1 هاڻي خداوند ابرام کي چيو تہ تون پنهنجي ملڪ مان ۽ پنهنجن مائٽن مان ۽ پنهنجي پيءُ جي گهر مان نڪري، انهيءَ ملڪ ۾ وڃ جو آءٌ توکي ڏيکاريندس: 2 آءٌ تو مان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس، توکي برڪت ڏيندس، تنهنجو نالو سرفراز ڪندس ۽ تون برڪت جو سبب ٿيندين. 3 جيڪي توکي مبارڪ چوندا، تن کي آءٌ برڪت ڏيندس، ۽ جيڪي توکي پِٽيندا تن تي آءٌ لعنت ڪندس. تو کان زمين جي سڀني قبيلن کي برڪت ملندي. 4 سو ابرام خداوند جي چوڻ موجب روانو ٿيو؛ ۽ لوط بہ ساڻس گڏجي هليو: جڏهن ابرام حاران مان نڪتو، تڏهن پنجهتر ورهين جو هو. 5 سو ابرام پنهنجي زال ساري، پنهنجو ڀائٽيو لوط، ۽ سڀ مال جو گڏ ڪيو هئائين، ۽ ماڻهو جيڪي حاران ۾ مليا هئس، سي پاڻ سان کنيا، ۽ اهي ڪنعان جي ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ روانا ٿيا؛ ۽ نيٺ اچي انهيءَ ملڪ ۾ پهتا. 6 ۽ ابرام انهيءَ ملڪ مان لنگهي، سڪم ۾ مورہ جي شاہ بلوط تائين پهتو. تنهن وقت ڪنعاني انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هئا. 7 تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏيئي چيو تہ هيءُ ملڪ آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس: سو جنهن خداوند کيس ڏيکاري ڏني، تنهن لاءِ اُتي هڪڙي قربانگاهہ ٺاهيائين. 8 پوءِ هو اتان نڪري انهيءَ جبل وٽ آيو جو بيت ايل جي اڀرندي ۾ آهي، ۽ اتي اهڙي هنڌ پنهنجو تنبو کوڙيائين، جتي بيت ايل سندس الهندي پاسي هو، ۽ عئي سندس اڀرندي پاسي: اتي هن خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي، ۽ خداوند کان دعا گهريائين. 9 ۽ اتان اڳتي وڌي ڏکڻ ڏانهن ويو. 10 پوءِ انهيءَ ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو ۽ ڏڪار تمام سخت هو، تنهنڪري ابرام مصر ملڪ ڏانهن هليو ويو. 11 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو مصر ۾ داخل ٿيڻ تي هو، تڏهن هن پنهنجي زال ساريءَ کي چيو تہ ڏس، تون ڏسڻ ۾ سهڻي آهين. 12 سو هيئن ٿيندو تہ جڏهن مصري توکي ڏسندا ۽ سڃاڻندا تہ تون منهنجي زال آهين: تڏهن هو مون کي ماري وجهندا ۽ توکي جيئرو ڇڏيندا. 13 تنهنڪري تون چئج تہ آءٌ هن جي ڀيڻ آهيان. اهڙيءَ طرح تنهنجي ڪري منهنجو ڀلو ٿيندو، ۽ تنهنجي سببان منهنجي جان بچي پوندي. 14 سو هيئن ٿيو تہ جڏهن ابرام مصر ۾ آيو، تڏهن مصرين ڏٺو تہ هيءَ زال ڏاڍي سهڻي آهي، 15 ۽ فرعون جي اميرن هن کي ڏسي فرعون وٽ هن جي تعريف ڪئي: ۽ هو انهيءَ زال کي فرعون جي گهر وٺي ويا. 16 ۽ هن انهيءَ زال جي ڪري ابرام سان گهڻي ڀلائي ڪئي، ۽ کيس رڍون، ڏاند، گڏهہ، غلام، ٻانهيون، گڏهيون ۽ اُٺ ڏنائين. 17 پر خداوند ابرام جي زال ساريءَ جي ڪري، فرعون ۽ سندس خاندان کي مصيبتن ۾ وڌو. 18 تڏهن فرعون ابرام کي سڏي چيو تہ تو مون سان هي ڇا ڪيو؟ تو ڇو نہ مون کي چيو تہ هيءَ منهنجي زال آهي. 19 تو ڇو چيو تہ هيءَ منهنجي ڀيڻ آهي؟ انهيءَ ڪري مون هن کي پنهنجي زال ٿي ڪيو: هاڻي ڏس، تنهنجي زال حاضر آهي، وٺي وڃينس. 20 پوءِ فرعون پنهنجن ماڻهن کي هن بابت حڪم ڏنو، ۽ هنن کيس ۽ سندس زال کي، ۽ ٻيو جيڪي وٽس هو تنهن کي روانو ڪيو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society