Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

عزرا 5 - Sindhi Bible

1 هاڻي حجي نبي، ۽ زڪرياہ بن عدو، جيڪي يهودي يهوداہ ۽ يروشلم ۾ هئا، تن جي اڳيان نبوت ڪئي؛ اسرائيل جي خدا جي نالي تي هنن نبوت ڪئي.

2 تڏهن زربابل بن سالتي ايل، ۽ يشوع بن يوصدق اُٿيا، ۽ خدا جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، سو جوڙڻ لڳا؛ ۽ انهن سان خدا جا نبي شامل هئا، جن انهن کي مدد ڏني.

3 ساڳئي وقت ۾ تتنيءَ، جو نديءَ جي هن ڀر جو والي هو، ۽ شتربوزني، ۽ انهن جا سنگتي، هنن وٽ آيا ۽ چيائون تہ هن گهر جوڙڻ ۽ هن ڀت پوري ڪرڻ جو ڪنهن اوهان کي حڪم ڏنو آهي؟

4 تڏهن هنن اسان کي هن طرح چيو تہ، جيڪي ماڻهو هيءَ عمارت ٿا جوڙين، تن جا نالا ڇا آهن؟

5 پر خدا جي نظر يهودين جي بزرگن تي هئي، ۽ انهن هنن کي نہ روڪيو، جيستائين ڪ اها ڳالهہ دارا تائين نہ پهتي، ۽ انهيءَ بابت خط جي رستي جواب موٽي نہ آيو.

6 انهيءَ خط جو نقل، جو نديءَ جي هن ڀر جي والي تتني، ۽ شتربوزني، ۽ سندس سنگتين ارفارسڪين، نديءَ جي هن ڀر کان دارا بادشاهہ وٽ موڪليو:

7 انهن هن وٽ هڪڙو خط موڪليو، جنهن ۾ هن طرح لکيل هو؛ دارا بادشاهہ ڏانهن، سڀ خير سلامتي هجي.

8 بادشاهہ کي نيڪ روشن هجي تہ اسين يهوداہ جي پرڳڻي ۾، وڏي خدا جي گهر ۾ وياسين، جو وڏن پٿرن سان جڙيل آهي، ۽ ڪاٺ ڀتين تي رکيل آهي، ۽ اهو ڪم ڪوشش سان پيو هلي، ۽ انهن جي هٿن ۾ چڱيءَ طرح وڌندو پيو وڃي.

9 تڏهن اسان انهن بزرگن کان پڇا ڪئي، تہ هن گهر جوڙڻ لاءِ، ۽ هن ڀت پوري ڪرڻ لاءِ ڪنهن اوهان کي حڪم ڏنو؟

10 اسان انهن کان سندن نالا بہ پڇيا تہ توکي اطلاع ڪريون، ۽ انهن جي مٿان جيڪي ماڻهو هئا، تن جا نالا لکون.

11 ۽ انهن اسان کي هن طرح ورندي ڏيئي چيو تہ اسين آسمان ۽ زمين جي خدا جا ٻانها آهيون، ۽ اُهو گهر ٿا جوڙيون جو هن کان ڪيترا ورهيہ اڳي جوڙيو ويو هو، ۽ جو اسرائيل جي هڪڙي وڏي بادشاهہ جوڙي پورو ڪيو هو.

12 پر انهيءَ کانپوءِ جڏهن اسان جي ابن ڏاڏن آسمان جي خدا کي ڪاوڙايو، تڏهن انهيءَ هنن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ڪسديءَ جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو، جنهن هي گهر ناس ڪري ڇڏيو، ۽ ماڻهن کي بابل ۾ وٺي ويو.

13 پر بابل جي بادشاهہ خورس جي پهرين سال ۾، خورس بادشاهہ خدا جي هن گهر جوڙڻ جو حڪم جاري ڪيو.

14 ۽ خدا جي گهر جا سونا ۽ روپا باسڻ، جي نبوڪدنضر يروشلم واري هيڪل مان ڪڍي بابل واريءَ هيڪل ۾ آندا، سي بہ خورس بادشاهہ بابل جي هيڪل مان ڪڍي، هڪڙي ماڻهوءَ جي حوالي ڪيا، جنهن جو نالو شيسبضر هو، ۽ جنهن کي هن والي ڪيو هو؛

15 ۽ هن انهيءَ کي چيو تہ هي باسڻ کڻي وڃي يروشلم واري هيڪل ۾ رک، ۽ خدا جو گهر ڀلي تہ پنهنجي جاءِ تي جُڙي تيار ٿئي.

16 تڏهن انهيءَ ساڳئي شيسبضر، يروشلم ۾ خدا جي گهر جو اچي بنياد وڌو: ۽ انهيءَ وقت کان وٺي هن وقت تائين، اهو پئي جڙيو آهي ۽ اڃا پورو نہ ٿيو آهي.

17 تنهنڪري هاڻي جيڪڏهن بادشاهہ کي ائين مناسب نظر اچي تہ بادشاهہ جي خزاني ۾، جو بابل ۾ آهي، تنهن ۾ تلاش ڪئي وڃي، ۽ ڏسجي تہ ائين آهي يا نہ، تہ بادشاهہ خورس خداوند جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، تنهن جي جوڙڻ جو حڪم ڪيو هو يا نہ، ۽ پوءِ انهيءَ ڳالهہ بابت جيڪا بادشاهہ جي مرضي هجي، سا اسان کي چوائي موڪلي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ