Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

حزقي ايل 46 - Sindhi Bible

1 خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اندرئين ايوان جو در جنهن جو منهن اُڀرندي ڏانهن آهي، سو ڪم ڪار ڪرڻ وارن ڇهن ڏينهن ۾ بند رهندو؛ پر سبت جي ڏينهن اُهو کلندو، ۽ نئين چنڊ واري ڏينهن بہ اُهو کوليو ويندو.

2 ۽ بادشاهہ ٻاهرين در جي اڳ واري ايوان جي رستي ايندو، ۽ در جي ٿنڀ وٽ بيهندو، ۽ ڪاهن هن جي سوختني قرباني ۽ هن جون سلامتيءَ جون قربانيون تيار ڪندا، ۽ هو پاڻ در جي چانئٺ وٽ سجدو ڪندو ۽ پوءِ هليو ويندو: پر در شام تائين بند نہ ٿيندو.

3 ۽ سبتن تي، ۽ نئين چنڊ تي، ملڪ جا ماڻهو انهي دروازي جي منهن وٽ خدا جي اڳيان سجدو ڪندا.

4 ۽ جيڪا سوختني قرباني بادشاهہ خداوند جي لاءِ پيش ڪندو، سا سبت جي ڏينهن ڇهہ بي عيب گهٽا ۽ هڪڙو بي عيب گهٽو ٿيندي.

5 ۽ کاڌي جي قرباني گهٽي پٺيان هڪڙو ايفہ ٿيندي، ۽ گهيٽن جي لاءِ کاڌي جي قرباني جيتري هو ڏيئي سگهي، ۽ هڪ هڪ ايفہ جي پٺيان تيل جو هڪ هين.

6 ۽ نئين چنڊ جي ڏينهن هڪڙو بي عيب وهڙو ۽ ڇهہ گهيٽا، ۽ هڪڙو گهٽو ڏبو، جي بي عيب هوندا.

7 ۽ هو کاڌي جي قرباني تيار ڪندو، يعني ڍڳي پٺيان هڪڙو ايفہ، ۽ گهٽي پٺيان هڪڙو ايفہ، ۽ گهيٽن لاءِ جيترو وسعت آهر ڏئي سگهي: ۽ هڪ هڪ ايفہ جي پٺيان تيل جو هڪڙو هين.

8 ۽ جڏهن بادشاهہ اچي، تڏهن دروازي جي اڳ واري ايوان جي رستي اندر اچي، ۽ ساڳئي رستي وري ٻاهر هليو وڃي.

9 پر جڏهن ملڪ جا سڀ ماڻهو مقرر ڪيل عيدن تي خداوند جي اڳيان اچن، تڏهن جيڪو سجدي ڪرڻ لاءِ اُتر واري دروازي جي رستي اندر اچي، سو ڏکڻ واري دروازي کان ٻاهر نڪري وڃي؛ ۽ جيڪو ڏکڻ واري دروازي جي رستي اندر اچي، سو اُتر واري دروازي کان ٻاهر نڪري وڃي؛ جنهن دروازي جي رستي کان اندر آيو هجي، انهي رستي کان ٻاهر نہ وڃي، پر سڌو نڪ سامهون نڪري هليو وڃي.

10 ۽ جڏهن اُهي اندر وڃن، تڏهن بادشاهہ بہ انهن جي وچ ۾ وڃي؛ ۽ جڏهن هو ٻاهر نڪري وڃن، تڏهن بہ هو گڏ نڪري وڃن.

11 ۽ عيدن تي ۽ سڳورن وقتن تي کاڌي جي قرباني ڍڳي جي پٺيان هڪڙو ايفہ، ۽ گهٽي جي پٺيان هڪڙو ايفہ، ۽ گهيٽن جي لاءِ جيترو هو ڏيئي سگهي، ۽ ايفہ جي پٺيان تيل جو هڪڙو هين ٿيندو.

12 ۽ جڏهن بادشاهہ خوشيءَ جي قرباني تيار ڪري، يعني سوختني قرباني يا سلامتيءَ جي قرباني جا خداوند جي لاءِ خوشيءَ جي قربانيءَ سبب آڻي، تڏهن هڪڙو ماڻهو سندس لاءِ در کوليندو جنهن جو منهن اُڀرندي ڏانهن آهي، ۽ هو پنهنجي سوختني قرباني ۽ پنهنجي سلامتيءَ جي قرباني اهڙي طرح تيار ڪندو، جهڙي طرح هو سبت جي ڏينهن تيار ڪندو آهي: تنهن کان پوءِ هو موٽي ويندو؛ ۽ سندس نڪرڻ کانپوءِ اُهو در بند ڪيو ويندو.

13 ۽ تون هر روز خداوند جي لاءِ سوختني قربانيءَ واسطي هڪ سالو بي عيب گهٽو تيار ڪج: اُهو هر صبح جو تون تيار ڪج.

14 ۽ تون صبح جو اُنهي سان گڏ کاڌي جي قرباني بہ تيار ڪج، يعني ايفہ جو ڇهون حصو ميدي جو، ۽ تيل جي هين جو ٽيون حصو انهيءَ ۾ ملائج. اها مدامي حڪم موجب هميشہ خداوند جي لاءِ کاڌي جي قرباني ٿيندي.

15 انهي طرح هو مدامي سوختني قربانيءَ لاءِ هر روز صبح جو اهو گهٽو، ۽ اها کاڌي جي قرباني، ۽ تيل تيار ڪندا رهندا.

16 خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن ڪو بادشاهہ پنهنجن پٽن مان ڪنهن کي ڪا بخشش کڻي ڏئي تہ اُها انهي جي ميراث آهي ۽ سندس پٽن جي ملڪيت ٿيندي؛ ۽ اُها انهن جي موروثي ملڪيت آهي.

17 پر جيڪڏهن هو پنهنجي ورثي واري مال مان ڪا بخشش پنهنجن غلامن مان ڪنهن کي کڻي ڏيندو، تہ اُها آزاديءَ واري سال تائين انهي جي رهندي؛ پوءِ موٽي بادشاهہ کي ملندي؛ پر هن جي ميراث سندس پٽن جي ٿيندي.

18 تنهن کانسواءِ بادشاهہ رعيت جو ورثو نہ وٺندو، جنهنڪري هو پنهنجي موروثي ملڪيت کان خارج ٿي وڃن؛ هو پنهنجن پٽن کي خود پنهنجي ملڪيت مان ورثو ڏيندو: انهي لاءِ تہ منهنجي قوم مان ڪوبہ ماڻهو پنهنجي موروثي ملڪيت کان خارج ٿي نڪري نہ وڃي.

19 پوءِ هن، دروازي جي پاسي واري لنگهہ منجهان مون کي وٺي، ڪاهنن وارين پاڪ ڪوٺين ۾ آندو، جن جو منهن اُتر ڏانهن هو: ۽ ڏس، الهندي ڏانهن پٺئين ڀاڱي تي هڪڙي جاءِ هئي.

20 ۽ هن مون کي چيو تہ هيءَ اُها جاءِ آهي جتي ڪاهن ڏوهہ جي قرباني ۽ گناهہ جي قرباني رڌيندا، ۽ جتي هو کاڌي جي قربانيءَ مان مانيون پچائيندا؛ انهي لاءِ تہ هو هنن کي ٻاهرين ايوان ۾ ڪڍي نہ آڻين، تہ متان ماڻهن کي پاڪ ڪن.

21 پوءِ هن مون کي ٻاهرين ايوان ۾ ڪڍي آندو، ۽ مون کي ايوان جي چئني ڪنڊن وٽان لنگهايائين؛ ۽ ڏس، انهي ايوان جي سڀ ڪنهن ڪُنڊ تي هڪڙو ايوان هو.

22 ايوان جي چئني ڪُنڊن تي اندر ننڍا ايوان هئا، جي چاليهہ هٿ ڊگها ۽ ٽيهہ هٿ ويڪرا هئا، اهي چارئي ڪُنڊن وارا ايوان هڪڙي ئي ماپ جا هئا.

23 ۽ انهن چئني جي اندر آس پاس ڀت هئي، ۽ انهي ڀت جي هيٺان چوڌاري رڌڻ لاءِ چلهيون هيون.

24 تڏهن هن مون کي چيو تہ اهي رڌڻا آهن، جن ۾ گهر جا خدمتگار ماڻهن جي پيش ڪيل قرباني رڌيندا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ