Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

حزقي ايل 38 - Sindhi Bible

1 ۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ

2 اي آدمزاد، تون پنهنجو رخ جوج ڏانهن ڪر، جو ماجوج جي زمين ۾ آهي، ۽ روش، مسڪ ۽ توبل جو بادشاهہ آهي، ۽ انهي جي برخلاف نبوت ڪر،

3 ۽ چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي روش، مسڪ ۽ توبل جا بادشاهہ جوج، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان.

4 آءٌ توکي ڦيرائيندس ۽ تنهنجي ڄاڙ ۾ ڪُنڍا وجهندس ۽ توکي، توڙي تنهنجي سڄي لشڪر کي، گهوڙن ۽ گهوڙي سوارن کي، جي سڀ زرهہ سان ڍڪيل هوندا، ۽ هڪڙي وڏي سپر ۽ ڍال واري ٽوليءَ کي، ۽ سڀني ترار مارڻ وارن کي گهلي ٻاهر ڪڍندس:

5 ۽ انهن سان گڏ فارس، ڪوش ۽ فوطہ کي، جي سڀ سپرن ۽ جنگي ٽوپن سان آهن:

6 ۽ جمر ۽ انهي جي سڀني ٽولين کي؛ اُتر جي تمام پرانهن ڀاڱن ۾، تجرماہ ۽ انهي جي سڀني ٽولين کي: مطلب تہ توسان گڏ گهڻين قومن کي ڪڍندس.

7 تون تيار رهہ، هائو، پاڻ کي تيار رک، تون ۽ تنهنجون سڀ ٽوليون، جي تو وٽ اچي گڏ ٿيون آهن، ۽ تون انهن جو سنڀاليندڙ ٿيءُ.

8 گهڻن ڏينهن کان پوءِ تون ياد ڪيو ويندين ۽ پوين سالن ۾ تون انهي زمين ۾ ايندين جا ترار کان ڇڏائي ويئي آهي، ۽ انهي جا ماڻهو قومن مان گڏ ڪيا ويندا، ۽ اسرائيل جي جبلن تي، جي ويران آهن، انهن تي چڙهي ايندا ۽ اُهي سڀ سلامتيءَ سان رهندا.

9 ۽ تون چڙهندين، تون طوفان وانگر ايندين، تون ڪڪر وانگي اچي زمين کي ڍڪيندين، نہ رڳو تون پر تنهنجون سڀ ٽوليون، ۽ توسان گڏ گهڻيون ٻيون قومون بہ اينديون.

10 خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ ڪي ڳالهيون تنهنجي دل ۾ اينديون، ۽ تون هڪڙي خراب رٿ رٿيندين.

11 ۽ تون چوندين تہ آءٌ انهن ڏانهن ويندس جي آرام ۾ آهن ۽ سلامتيءَ سان ٿا رهن؛ جي سڀ ڀِتين، ۽ درن، ۽ گزن کان سواءِ رهن ٿا؛ ۽ آءٌ انهي کليل ملڪ ۾ ويندس:

12 تہ لٽ جو مال ۽ شڪار هٿ آڻيان؛ ۽ پنهنجو هٿ انهن ويران جاين تي کڻان جي هاڻي وسندڙ آهن؛ ۽ انهن ماڻهن تي کڻان جي ٻين قومن مان گڏ ڪيا ويا آهن ۽ ملڪ جي وچ ۾ رهن ٿا، ۽ جن وٽ چوپايو مال ۽ ٻيون شيون آهن.

13 سبا ۽ ددان، ۽ ترسيس جا سوداگر پنهنجي سڀني جوان شينهن سان توکي چوندا تہ تون لٽ جو مال ڦرڻ آيو آهين ڇا؟ تو چاندي ۽ سون، چوپايو مال ۽ ٻين شين جي لٽ جو گهڻو مال کڻي وڃڻ لاءِ، ۽ شڪار هٿ ڪرڻ لاءِ، پنهنجو ميڙ گڏ ڪيو آهي ڇا؟

14 تنهنڪري، اي آدمزاد، نبوت ڪر، ۽ جوج کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن جڏهن منهنجي قوم اسرائيل سلامتيءَ سان رهڻ لڳندي، تڏهن توکي انهي جي خبر نہ پوندي ڇا؟

15 ۽ تون اُتر جي تمام پرانهن ڀاڱن واري جاءِ مان گهوڙن تي چڙهيل، هڪڙي وڏي جماعت ۽ هڪڙي زبردست لشڪر سان گڏ اُٿندين:

16 ۽ تون منهنجي قوم اسرائيل تي ائين چڙهي ايندين جيئن بادل زمين کي ڍڪي ڇڏي؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ آءٌ توکي پنهنجي زمين تي چاڙهي آڻيندس تہ قومون مون کي سڃاڻن، ۽ آءٌ هنن جي اکين اڳيان، اي جوج، تنهنجي ڪري پاڪ ظاهر ٿيندس.

17 خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تون اُهو آهين ڇا جنهن جي بابت مون قديم زماني ۾ پنهنجي بندن نبين جي معرفت ڳالهايو، جن اُنهن ڏينهن ۾ گهڻن سالن تائين نبوت ڪري چيو، تہ آءٌ توکي هنن تي چاڙهي آڻيندس؟

18 ۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ جڏهن جوج اسرائيل جي ملڪ تي چڙهي ايندو، تڏهن منهنجي ڪاوڙ جو جوش منهنجين ناکوٽين ۾ چڙهي ايندو.

19 ڇالاءِ جو مون پنهنجي غيرت ۾، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي جوش ۾ ڳالهايو آهي، ۽ چيو آهي تہ يقيناً انهي ڏينهن اسرائيل جي ملڪ ۾ هڪڙو وڏو زلزلو پئجي ويندو؛

20 جنهنڪري سمنڊ جون مڇيون ۽ هوا جا پکي، ۽ جهنگ جا جانور، ۽ سڀ سرڻا جي زمين تي سُرن ٿا، ۽ سڀ ماڻهو جي زمين تي آهن، سي منهنجي اڳيان ڏڪندا، ۽ جبل هيٺ ڪري پوندا، ۽ وڏيون جايون ۽ ڀِتيون زمين تي هيٺ ڪري پونديون.

21 ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هن تي پنهنجن سڀني جبلن تان هڪڙي ترار ڪوٺيندس: هر ڪنهن ماڻهوءَ جي ترار سندس ڀاءُ تي وهندي.

22 ۽ آءٌ مري ۽ خونريزيءَ سان هن کي سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ هن تي قهر جو مينهن وسائيندس، ۽ هن جي ٽولين تي، ۽ جيڪي گهڻيون قومون ساڻس هيون تن تي سخت وسڪارا، ۽ وڏا ڳڙا، ۽ باهہ، ۽ گندڪ وسائيندس.

23 ۽ آءٌ پنهنجي وڏائي ۽ پاڪيزگي ظاهر ڪندس، ۽ گهڻين قومن جي نظر ۾ پاڻ کي مشهور ڪندس؛ ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ