Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

حزقي ايل 31 - Sindhi Bible

1 ۽ يارهين سال ۾ ٽئين مهيني جي پهرين تاريخ هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ

2 اي آدمزاد، مصر جي بادشاهہ فرعون ۽ سندس جماعت کي چئو، تہ تون پنهنجي وڏائي ۾ ڪنهن جهڙو آهين؟

3 ڏس، اسور بہ لبنان ۾ هڪڙو ديودار جو وڻ هو، ۽ سهڻيون ٽاريون هئس، ۽ ڏاڍي ڇانوَ ڪندڙ ۽ وڏي قد جو هو؛ ۽ اُن جي چوٽي گهاٽن ڏارن ۾ هئي.

4 پاڻيءَ جي ڪري اُهو وڌيو ۽ پاڙ هنيائين ۽ اُڀري وڏو ٿيو: ان جون نديون ان جي باغن جي چوڌاري ٿي وهيون؛ ۽ اُن پنهنجون نهرون ميدان جي سڀني وڻن ڏانهن ٿي موڪليون.

5 تنهنڪري هن جو قد وڏو ٿيندو ويو، ۽ ميدان جي سڀني وڻن کان مٿي چڙهي ويو؛ ۽ ان جا ڏار گهڻا ٿيا، ۽ ان جون ٽاريون ڊگهيون ٿيون، جو انهن جي نڪرڻ مهل ججهو پاڻي ٿي مليس.

6 هوا جي سڀني پکين ان جي ڏارن ۾ پنهنجا آکيرا جوڙيا، ۽ ان جي ٽارين هيٺ جهنگ جي سڀني جانورن پنهنجا ٻچا ڄڻيا، ۽ ان جي ڇانوَ ۾ سڀ وڏيون قومون رهنديون هيون.

7 انهي طرح هو پنهنجي وڏائيءَ ۾، ۽ پنهنجين ٽارين جي ڊگهائيءَ ۾ سهڻو ٿي لڳو: ڇالاءِ جو ان جون پاڙون گهڻي پاڻيءَ جي ڀرسان هيون.

8 خدا جي باغ وارا ديودار ان کي لڪائي نہ سگهيا: صنوبر جا وڻ ان جي ڏارن جهڙا نہ هئا، ۽ چنار جا وڻ ان جي ٽارين جهڙا نہ هئا؛ ۽ نہ خدا جي باغ جو ٻيو ڪو وڻ اُن جهڙو سهڻو هو.

9 مون ان کي سندس گهاٽين ٽارين ڪري سهڻو ڪيو: جنهنڪري عدن جا سڀ وڻ، جي خدا جي باغ ۾ هئا، تن کي مٿس ريس ٿي آئي.

10 تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي تہ هو قد ۾ وڌي ويو آهي، ۽ هن پنهنجي چوٽي ٿلهن ڏارن ۾ رکي آهي، ۽ هن جي دل سندس وڏائي ڪري مٿي چڙهي ويئي آهي؛

11 تنهنڪري آءٌ هن کي قومن مان هڪڙي زور واري جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندس؛ اُهو ساڻس يقيناً مناسب هلت ڪندو؛ مون هن کي سندس شرارت ڪري هڪالي ڪڍيو آهي.

12 ۽ ڌارين ماڻهن يعني قومن جي خوفناڪ ماڻهن، هن کي وڍي ڇڏيو آهي: جبلن تي ۽ سڀني وادين ۾ هن جون ٽاريون ڪِري پيون آهن، ۽ هن جا ڏار ملڪ جي سڀني نهرن جي ڀرسان ڀڄي پيا آهن؛ ۽ زمين جون سڀ قومون هن جي ڇانوَ مان هليون ويون آهن، ۽ هن کي ڇڏي ڏنو اٿن.

13 سندس ڦٽل دڙن تي هوا جا سڀ پکي رهندا ۽ جهنگ جا سڀ جانور هن جي ٽارين تي رهندا:

14 انهي لاءِ تہ پاڻي جي ڀرسان بيٺل سڀني وڻن مان ڪوبہ پاڻ کي قد ۾ نہ وڌائي، ۽ نہ پنهنجي چوٽي ٿلهن ڏارن ۾ رکي، ۽ انهن ۾ جيڪي زور وارا آهن، يعني جي پاڻي پيئن ٿا، سي سڀ ڊگها ٿي نہ بيهي رهن: ڇالاءِ جو اُهي سڀ موت جي حوالي ڪيا ويا آهن، ۽ زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾، ماڻهن جي وچ ۾ انهن سان گڏ مري کڏ ۾ ٿا وڃن.

15 خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن هو هيٺ دوزخ ڏانهن ويو، تنهن ڏينهن مون ماتم ڪرايو: مون هن جي لاءِ سمنڊ ڍڪي ڇڏيو، ۽ هن جون نديون روڪي گهڻا پاڻي بيهاري ڇڏيم: مون لبنان کي هن جي لاءِ ماتم ڪرايو، ۽ جهنگ جا سڀ وڻ هن جي لاءِ ساڻا ٿي پيا.

16 مون هن جي ڪِرڻ جي دٻڪي تي قومن کي ڏڪائي ڇڏيو، يعني جڏهن مون هن کي کڏ ۾ هيٺ ويندڙن سان گڏ دوزخ ۾ اُڇلائي ڇڏيو: ۽ عدن جا سڀ وڻ جي لبنان جا چونڊيل ۽ تمام چڱا وڻ هئا، ۽ جي پاڻي پيئن ٿا، تن کي زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾ تسلي ملي.

17 هو انهي سان گڏ هيٺ دوزخ ۾ انهن وٽ بہ ويا، جي ترار سان ڪُٺل هئا؛ اُهي جي هن جي ٻانهن هئا، ۽ قومن مان هن جي پاڇي هيٺ رهندا هئا.

18 عدن جي وڻن مان شان ۽ شوڪت ۾ تون ڪنهن جهڙو آهين؟ اڃا بہ تون عدن جي وڻن سان گڏ زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾ لاٿو ويندين: تون اڻ طهريلن جي وچ ۾، جي ترار سان ماريا ويا هوندا، تن سان گڏ پيو رهندين. خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اهو آهي فرعون، ۽ اها سندس سڄي جماعت.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ