خروج 21 - Sindhi Bible1 هاڻي جيڪي قانون تون انهن کي ٻڌائيندين سي هي آهن. 2 جيڪڏهن تون ڪو عبراني غلام خريد ڪندين تہ اهو ڇهہ سال غلامي ڪندو، ۽ ستين سال مفت آزاد ڪيو ويندو. 3 جيڪڏهن اهو اڪيلو آيو هوندو تہ وري اڪيلو ئي ويندو: پر جي هو پرڻيل هوندو تہ سندس زال بہ ساڻس گڏ ويندي. 4 جيڪڏهن انهيءَ جو مالڪ کيس شادي ڪرائيندو، ۽ انهيءَ مان پٽ ۽ ڌيئرون ڄايون هونديس؛ تہ زال ۽ سندس ٻار هن جي مالڪ جا آهن، ۽ هو پاڻ اڪيلو هليو ويندو. 5 پر جيڪڏهن اهو غلام صاف طرح چوندو تہ آءٌ پنهنجي مالڪ، ۽ پنهنجيءَ زال، ۽ پنهنجن ٻارن کي پيار ٿو ڪريان؛ ۽ آءٌ آزاد ٿيڻ نٿو گهران: 6 تہ هن جو مالڪ کيس خدا جي حضور ۾ وٺي ايندو، ۽ کيس در تي يا در جي چانئٺ تي آڻيندو؛ ۽ سندس مالڪ آر سان هن جي ڪن ۾ سوراخ ڪندو؛ پوءِ هو هميشہ جي لاءِ سندس غلام ٿي رهندو. 7 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڌيءَ کي ٻانهي ڪري وڪڻندو، تہ هوءَ غلامن وانگي آزاد نہ ٿيندي. 8 جيڪڏهن هن جي مالڪ ساڻس مڱڻي ڪئي هجي، ۽ اها کيس نہ وڻي، تہ پوءِ هو انهيءَ کي وڪڻي ڇڏي؛ پر هن کي اهو اختيار ڪونهي تہ کيس ڌارين ماڻهن ۾ وڪڻي، ڇالاءِ جو هن انهيءَ سان بي وفائي ڪئي آهي. 9 پر جيڪڏهن هن انهيءَ جي مڱڻي پنهنجي پٽ سان ڪئي هجي، تہ پوءِ هو ساڻس ڌيئرن وانگيان هلت ڪري. 10 جيڪڏهن هو ٻي زال آڻي، تہ هو انهيءَ جي خوراڪ، پوشاڪ، ۽ شاديءَ جي حق ۾ ڪابہ گهٽتائي نہ ڪري. 11 پر جيڪڏهن هو اهي ٽيئي حق پورا نہ ڪري، تہ پوءِ هوءَ ڀلي مفت، يعني پئسن ڏيڻ کان سواءِ آزاد ٿئي. 12 جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي اهڙو ڌڪ هڻي جو هو مري پوي، تہ اُهو ضرور ماريو وڃي. 13 پر جيڪڏهن ڪو مارڻ جي ارادي سان وجهہ وٺي نہ ويٺو هجي پر خدا اهو ماڻهو اوچتو سندس هٿن ۾ آڻي وڌو هجي، تہ پوءِ آءٌ هن جي لاءِ هڪڙي جاءِ مقرر ڪندس جتي هو ڀڄي وڃي. 14 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڄاڻي ٻجهي پنهنجي پاڙيسريءَ کي ٺڳيءَ سان مارڻ لاءِ مٿس ڪاهي اچي، تہ تون انهي کي منهنجيءَ قربانگاهہ وٽان وٺي وڃج، تہ ماريو وڃي. 15 جيڪو پنهنجي پيءُ يا پنهنجيءَ ماءُ کي ماري، سو ضرور ماريو وڃي. 16 جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي چورائي وڃي وڪڻي، يا اهو وٽانئس لڀي پوي، تہ اهو ضرور ماريو وڃي. 17 جيڪو پنهنجي پيءُ تي يا پنهنجيءَ ماءُ تي لعنت ڪري، سو ضرور ماريو وڃي. 18 جيڪڏهن ٻہ ماڻهو پاڻ ۾ جهيڙو ڪن، ۽ هڪڙو ٻئي کي پهڻ يا ٺونشو هڻي، ۽ هو مري نہ پر بستري داخل ٿئي: 19 ۽ جيڪڏهن اهو وري اُٿي، ۽ پنهنجيءَ لٺ تي ٻاهر نڪري، تہ جنهن ڌڪ هنيو هجي تنهن کي ڇڏي ڏجي: فقط هن جي ڪم ڪار ۾ جيڪو نقصان ٿيو هجي سو ڀري ڏئي، ۽ انهي کي پوريءَ طرح چڱو ڀلو ڪرائي. 20 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي غلام يا ٻانهيءَ کي لٺ سان ماري ۽ هو سندس هٿان مري پوي، تہ انهيءَ کي ضرور سزا ملڻ گهرجي. 21 پر جي انهي کان پوءِ بہ هو ڏينهن ٻہ جيئرو هجي، تہ هن کي سزا نہ ملڻ گهرجي؛ ڇالاءِ جو اهو سندس ملڪيت آهي. 22 جيڪڏهن ماڻهو پاڻ ۾ وڙهن، ۽ ڪنهن حاملہ کي ايذاءُ رسائين، جنهن ڪري انهيءَ جو ٻار ڪري پوي، مگر ٻيو ڪو نقصان نہ ٿئيس، تہ انهي ماڻهوءَ تي ضرور ايترو ڏنڊ پوڻ گهرجي، جيترو انهيءَ زال جو مڙس مٿس رکي؛ ۽ هو قاضين جي ٺهرائڻ موجب اهو ڀري ڏئي. 23 پر جيڪڏهن انهي مان ڪو ٻيو نقصان رسي، تہ انهي جو عيوضو هن ريت ٿئي، يعني ساهہ جي عيوض ساهہ، 24 اک جي عيوض اک، ڏند جي عيوض ڏند، هٿ جي عيوض هٿ، پير جي عيوض پير، 25 ساڙڻ جي عيوض ساڙڻ، زخم جي عيوض زخم، ۽ ڌڪ جي عيوض ڌڪ. 26 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي غلام يا ٻانهيءَ کي ڌڪ هڻي انهي جي اک ڪڍي وجهي، تہ هو پنهنجي اک بچائڻ لاءِ انهي کي آزاد ڪري ڇڏي. 27 ۽ جيڪڏهن پنهنجي غلام يا پنهنجيءَ ٻانهيءَ کي ڌڪ هڻي انهي جو ڏند ڀڃي وجهي، تہ هو پنهنجو ڏند بچائڻ لاءِ انهي کي آزاد ڪري ڇڏي. 28 جيڪڏهن ڪو ڏاند ڪنهن مرد يا زال کي سڱ هڻي ماري وجهي، تہ اهو ڏاند ضرور سنگسار ڪيو وڃي، ۽ انهي جو گوشت کائڻ ۾ نہ اچي؛ پر ڏاند جو مالڪ بيگناهہ آهي. 29 پر جيڪڏهن انهي ڏاند کي اڳي سڱن هڻڻ جي عادت هجي، ۽ سندس مالڪ کي انهي جي خبر هوندي بہ هن کيس ٻڌي نہ ڇڏيو هجي، ۽ پوءِ جي اهو ڪنهن مرد يا زال کي ماري وجهي، تہ ڏاند سنگسار ڪيو وڃي، ۽ انهي جو مالڪ بہ ماريو وڃي. 30 جيڪڏهن هن تي خون جو عيوضو رکڻ ۾ اچي، تہ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ جيڪي مٿس رکيو وڃي سو هو ڀري ڏئي. 31 يا جيڪڏهن ڏاند ڪنهن ماڻهوءَ جي پٽ يا ڌيءَ کي ماريو هجي، تڏهن بہ هن حڪم موجب ساڻس هلت ڪئي وڃي. 32 جيڪڏهن ڪو ڏاند ڪنهن غلام يا ٻانهيءَ کي سڱ هڻي تہ هو انهي جي مالڪ کي چانديءَ جا ٽيهہ مشڪال ڀري ڏئي، ۽ ڏاند سنگسار ڪيو وڃي. 33 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪا کڏ کوٽي ۽ انهي کي ڍڪي نہ ڇڏي، ۽ ڪو ڏاند يا ڪو گڏهہ انهيءَ ۾ ڪري پوي، 34 تہ انهيءَ کڏ جو مالڪ انهي جو نقصان ڀري ڏئي؛ هو انهي جي مالڪ کي هن جي قيمت ڏئي، ۽ مئل جانور سندس ٿيندو. 35 جيڪڏهن هڪڙي ماڻهو جو ڏاند ٻئي جي ڏاند کي اهڙو نقصان رسائي جو هو مري پوي، تہ هو اهو جيئرو ڏاند وڪڻن ۽ اُنهي جو ملهہ پاڻ ۾ ورهائي کڻن؛ ۽ مئل ڏاند بہ ورهائي کڻن. 36 يا جي اها خبر هجي تہ انهي ڏاند کي اڳي بہ سڱن هڻڻ جي عادت هئي، ۽ انهي جي مالڪ کيس ٻڌي نہ ڇڏيو هجي، تہ پوءِ ضرور هو ڏاند جو ڏاند ڀري ڏئي، ۽ مئل ڏاند سندس ٿيندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society