اِفسين 4 - Sindhi Bible1 تنهنڪري آئون، جو خداوند ۾ قيدي آهيان، سو اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ جنهن ڪوٺ سان اوهين ڪوٺيا ويا آهيو، انهي جي لائق هلو، 2 يعني ڏاڍيءَ نماڻائيءَ ۽ نِوڙت سان تحمل ڪري، محبت ۾ هڪٻئي جي برداشت ڪريو؛ 3 ۽ ڪوشش ڪريو تہ روح جي يگانگي ميل ميلاپ جي ٻنڌڻ ۾ ٻَڌل رهي. 4 هڪڙو ئي بدن آهي ۽ هڪڙو ئي روح، جيئن ڪ اوهين بہ پنهنجي ڪوٺ وقت هڪڙي ئي اُميد ۾ ڪوٺيا ويا هئا؛ 5 هڪڙو ئي خداوند، هڪڙو ئي ايمان ۽ هڪڙي ئي بپتسما آهي، 6 سڀني جو خدا ۽ پيءُ هڪڙو ئي آهي، جو سڀني جي مٿان، ۽ سڀني جي اندر ۽ سڀ منجهہ آهي. 7 ۽ اسان مان هرهڪ تي مسيح جي بخشش جي انداز موافق فضل ٿيو آهي. 8 جنهنڪري هو چوي ٿو تہ، ”جڏهن هو مٿي چڙهي ويو، تڏهن قيد ڪرڻ وارن کي قيد ڪيائين ۽ ماڻهن کي انعام ڏنائين.“ 9 (هاڻي اهو جو چيل آهي تہ هو مٿي چڙهي ويو، تنهن جو مطلب هن کانسواءِ ٻيو ڇا آهي تہ هو پاتال ۾ بہ لهي ويو؟ 10 جيڪو هيٺ لٿو، سو اُهو ساڳيو ئي آهي، جو تمام مٿي آسمان جي بہ مٿان چڙهي ويو، انهي لاءِ تہ هو سڀني شين کي ڀرپور ڪري.) 11 ۽ هن ڪن کي رسول، ۽ ڪن کي نبي، ۽ ڪن کي مبشر، ۽ ڪن کي پاسبان، ۽ ڪن کي اُستاد مقرر ڪري ڏنو؛ 12 انهي لاءِ تہ پاڪ ٿيل ڪامل ٿي، خدمتگاريءَ جو ڪم ڪندا رهن، تہ مسيح جو بدن ترقي ڪري: 13 جيسين ڪ اسين سڀ خدا جي فرزند جي ايمان ۽ علم ۾ يگانگي حاصل ڪري، ڪامل انسان بنجون، ۽ مسيح جي پوري قد تائين پهچون: 14 تہ اڳتي اسين ٻار نہ رهون، ۽ ماڻهن جي ٺڳيءَ ۽ مڪاريءَ جي ڪري سندن گمراهہ ڪندڙ منصوبن ۾ ڦاسي، هر ڪنهن قسم جي تعليم جي جهُوٽن ۾ هيڏانهن هوڏانهن نہ اُڇلجون، ۽ گهلجي نہ وڃون؛ 15 پر محبت سان سچ ڳالهائي سڀني ڳالهين ۾ انهي سان گڏجي وڌندا وڃون؛ جو سڀني جو سر آهي، يعني مسيح؛ 16 جنهن کان سارو بدن، هرهڪ سَنڌ جي مدد سان ڦهڪي ڳنڍجي، سڀ ڪنهن ڀاڱي جي انداز جي اثر موافق پاڻ کي وڌائي وڏو ٿو ڪري، تان جو اُهو، محبت ۾ ترقي ڪندو وڃي. 17 تنهنڪري آئون خداوند جي اڳيان شاهدي ڏيندي هيئن ٿو چوان، تہ جهڙيءَ طرح غير قومون پنهنجي اجاين خيالن موافق هلن ٿيون، تهڙيءَ طرح اوهين اڳتي نہ هلو؛ 18 ڇالاءِ جو انهن جي سمجهہ انڌي ٿي پيئي آهي، ۽ جيڪا جاهليت منجهن آهي تنهن جي سبب، ۽ سندن دلين جي سختيءَ جي ڪري، خدا جي زندگيءَ کان خارج آهن؛ 19 اُهي بي شرم ٿي شهوت پرستيءَ کي لڳي ويا، انهي لاءِ تہ ڏاڍي شوق سان هر طرح جا گندا ڪم ڪن. 20 پر اوهان کي مسيح جي اهڙي تعليم ڪانہ ملي؛ 21 بشرطيڪ جيڪا سچائي مسيح ۾ آهي، سا اوهان ٻُڌي آهي ۽ منجهس اها تعليم حاصل ڪئي آهي. 22 اوهين پنهنجي اڳوڻي هلت چلت ۽ پراڻي انسانيت، جا فريب جي شهوتن ڪري خراب ٿيندي ٿي وڃي، تنهن کي لاهي ڇڏيو؛ 23 ۽ پنهنجيءَ دل جي روحاني حالت ۾ نوان ٿيندا وڃو، 24 ۽ نئين انسانيت ڍڪيو، جا خدا جي مرضيءَ موجب حقيقي راستبازيءَ ۽ پاڪيزگيءَ ۾ پيدا ٿي آهي. 25 تنهنڪري ڪوڙ کي ڇڏي اوهان مان سڀڪو پنهنجي پاڙيسريءَ سان سچ ڳالهائي: ڇالاءِ جو اسين پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا عضوا آهيون. 26 ڪاوڙ تہ ڪريو، پر گناهہ نہ ڪريو: ائين نہ ٿئي جو سج لهڻ تائين بہ ڪاوڙيل هجو: 27 نڪي شيطان کي موقعو ڏيو. 28 جنهن هيستائين چوري ٿي ڪئي، سو اڳتي چوري نہ ڪري؛ بلڪ گهُرجيس تہ پورهيو ڪري پنهنجن هٿن سان چڱا ڪم ڪري، تہ وٽس ايترو موجود ٿئي، جنهن مان گهُرج واري کي ڪجهہ ڏيئي سگهي. 29 اوهان جي وات مان ڪابہ گندي ڳالهہ نہ نڪري، پر اهڙي جا ضرورت موافق سڌاري جي لاءِ چڱي هجي، تہ ٻُڌڻ واري کي انهيءَ مان فضل حاصل ٿئي. 30 ۽ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو، جنهن جي ڪري اوهان تي ڇوٽڪاري جي ڏينهن تائين مهر لڳي. 31 هر طرح جو ڪوڙ، ۽ ڪاوڙ، ۽ غصو، ۽ گوڙ، ۽ گلا، هر قسم جي بدخواهيءَ سميت، اوهان کان پري ٿئي: 32 ۽ اوهين هڪ ٻئي تي مهربان ۽ نرم دل ٿيو، ۽ جهڙيءَ طرح خدا مسيح ۾ اوهان کي معاف ڪيو آهي، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪ ٻئي کي معاف ڪندا رهو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society