Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

اِفسين 2 - Sindhi Bible

1 ۽ جڏهن اوهين پنهنجين خطائن ۽ گناهن جي ڪري مُئل هئا، تڏهن هن اوهان کي جياريو،

2 جن گناهن ۾ اوهين اڳي هن دنيا جي دستور موجب هلندا هئا، ۽ فضا ۾ اختيار هلائڻ واري حاڪم جي، يعني انهي روح جي پيروي ڪندا هئا، جو هاڻي نافرمانيءَ جي فرزندن ۾ اثر پيدا ٿو ڪري؛

3 انهن سان گڏ اسين سڀيئي بہ پنهنجي جسم جي خواهشن ۾ هلندا هئاسين، ۽ جسم ۽ دل جي سَڌين پورين ڪرڻ ۾ مشغول هئاسين، ۽ طبيعت جي ڪري ٻين وانگر غضب جا فرزند هئاسين:

4 پر خدا، جو رحم سان ڀرپور آهي، تنهن پنهنجيءَ وڏيءَ محبت سببان، جا هن اسان سان ڪئي،

5 اسان کي مسيح سان جيئرو ڪيو، جڏهن اسين اڃا پنهنجين خطائن جي ڪري مُئل هئاسين، (فضل جي ڪري ئي اوهان کي نجات ملي آهي)،

6 ۽ انهي سان گڏ اسان کي اُٿاري مسيح يسوع ۾ آسماني جاين ۾ ساڻس گڏ ويهاريائين:

7 انهي لاءِ تہ پنهنجي انهيءَ مهربانيءَ جي وسيلي جا مسيح يسوع ۾ اسان تي آهي، ايندڙ زمانن ۾ پنهنجي فضل جي بي انداز دولت ظاهر ڪري:

8 ڇالاءِ جو فضل جي ڪري ئي، ايمان جي وسيلي اوهان کي نجات ملي آهي؛ ۽ اُها اوهان جي ڪري نہ، پر خدا جي بخشش آهي –

9 نہ عملن جي ڪري، متان ڪوبہ فخر ڪري.

10 ڇالاءِ جو اسين سندس ڪاريگري آهيون، ۽ مسيح يسوع ۾ انهن چڱن ڪمن لاءِ خلقيا ويا آهيون، جي خدا اڳيئي اسان جي ڪرڻ ۽ انهن تي هلڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا هئا.

11 سو ياد رکو تہ اوهين، جي اڳي جسم جي ڪري غير قوم هئا، ۽ جن کي اهي نامختون ٿا سڏين، جي پاڻ جسماني ختني جي ڪري، جو هٿن سان ڪيل آهي، مختون ٿا سڏجن،

12 ۽ انهي وقت اوهين مسيح کان ڌار ۽ اسرائيلي جماعت کان خارج هئا، ۽ واعدي جي عهدن کان غير واقف هئا، ۽ دنيا ۾ نااُميد ۽ خدا کان جدا هئا،

13 پر هاڻي مسيح يسوع ۾ اوهين جي اڳي پري هئا، سي مسيح جي رت ڪري ويجهو ٿي پيا آهيو.

14 ڇالاءِ جو هو ئي اسان جو صلح آهي، جنهن ٻنهي کي هڪ ڪري ڇڏيو، ۽ جيڪا جدائيءَ جي ڀت وچ ۾ هئي سا ڊاهي ڇڏيائين.

15 يعني اُها دشمني جا حڪمن جي شريعت جي قانونن ۾ هئي، سا پنهنجي جسم جي وسيلي ڪڍي ڇڏيائين، انهي لاءِ تہ ٻنهي مان هڪڙو نئون انسان پيدا ڪري صلح ڪرائي؛

16 ۽ صليب جي وسيلي دشمني دفع ڪري انهن ٻنهي کي هڪڙو جسم ڪري خدا سان ملائي:

17 ۽ اوهين جي پري هئا، ۽ اهي جي ويجها هئا، تن ٻنهي کي صلح جي خوشخبري اچي ڏنائين:

18 ڇالاءِ جو انهي جي وسيلي اسين ٻئي هڪڙي ئي روح ۾ پيءُ تائين پهچي ٿا سگهون.

19 تنهنڪري اوهين ڌاريا ۽ پرديسي نہ رهيا پر پاڪ ٿيلن جا هم وطن ۽ خدا جي گهر جا ڀاتي آهيو،

20 ۽ رسولن ۽ نبين جي بنياد تي اڏيل آهيو، جنهن جي ڪنڊ جو خاص پٿر خود مسيح يسوع آهي؛

21 انهي ۾ هرڪا اڏاوت گڏجي وڌندي خداوند جي هڪڙي پاڪ هيڪل ٿيندي ٿي وڃي؛

22 ۽ اوهين بہ انهيءَ ۾ گڏ جڙندا اڏبا ٿا وڃو، تہ روح جي وسيلي خدا جو گهر ٿيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ