اِفسين 1 - Sindhi Bible1 پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب مسيح يسوع جو رسول آهي، تنهن جي طرفان انهن پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي افسس ۾ آهن ۽ مسيح يسوع ۾ ايماندار آهن؛ 2 اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان شل اوهان تي فضل ۽ اطمينان هجي. 3 اسان جي خداوند يسوع مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي تعريف ٿئي، جنهن اسان کي مسيح ۾ آسماني جاين تي هر طرح جي روحاني برڪت بخشي. 4 جيئن تہ هن اسان کي جهان جي شروعات کان اڳ ۾ هن ۾ چونڊي ڪڍيو تہ اسين سندس اڳيان محبت ۾ پاڪ ۽ بي عيب ٿيون: 5 ۽ هن پنهنجي مرضيءَ جي نيڪ ارادي موجب اسان کي پنهنجي لاءِ اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو، تہ يسوع مسيح جي وسيلي سندس گود جا ٻار ٿيون، 6 تان تہ سندس انهي فضل جي جلال جي تعريف ٿئي، جو هن پنهنجي پياري ۾ اسان کي بخشيو: 7 ۽ انهي ۾ اسان کي سندس رت جي وسيلي ڇوٽڪارو مليو آهي؛ يعني سندس فضل جي دولت موافق اسانجن گناهن جي معافي ملي آهي. 8 هن هر طرح جي حڪمت ۽ دانائيءَ سان اسان تي بيحد فضل نازل ڪيو، 9 جيئن تہ هن پنهنجي مرضيءَ جو راز انهي پنهنجي چڱي ارادي موجب اسان تي ظاهر ڪيو، جو هن پاڻ ۾ ٺهرائي ڇڏيو هو، 10 انهي لاءِ تہ زمانن جي پوري ٿيڻ تي اهڙو بندوبست ٿئي، جو سڀ شيون جي آسمان توڙي زمين تي آهن، سي مسيح ۾ گڏجي وڃن. 11 انهي ۾، جيڪو پنهنجيءَ مرضيءَ جي مصلحت موجب سڀ ڪجهہ ٿو ڪري، اسين بہ سندس ارادي موافق اڳيئي مقرر ٿي ميراث ٿياسين؛ 12 انهي لاءِ تہ اسين، جن اڳيئي مسيح ۾ اُميد رکي هئي، سي انهي جي جلال جي تعريف جو سبب ٿيون. 13 جنهن ۾ اوهان بہ سچائيءَ جو ڪلام، يعني پنهنجيءَ نجات جي خوشخبري ٻُڌي؛ ۽ جنهن تي اوهان ايمان بہ آندو، ۽ واعدي ڪيل پاڪ روح جي اوهان تي مهر لڳي، 14 جو اسان جي خاص ميراث جي سوٿي آهي، جيستائين ڪ اسين اُها هٿ ڪريون، انهي لاءِ تہ سندس جلال جي تعريف ٿئي. 15 انهي لاءِ جيڪو اوهان جو ايمان يسوع مسيح تي آهي، ۽ جيڪا محبت اوهين سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن ظاهر ڪريو ٿا، تنهن بابت ٻُڌي، 16 آئون بہ اوهان جي لاءِ شڪر ڪرڻ کان باز نٿو اچان، ۽ پنهنجين دعائن ۾ اوهان کي ياد پيو ڪريان؛ 17 تہ اسان جي خداوند يسوع مسيح جو خدا، جو جلال وارو پيءُ آهي، سو اوهان کي دانائي ۽ مڪاشفي جو روح بخشي؛ (تہ اوهين سندس معرفت حاصل ڪريو). 18 ۽ اوهان جون روحاني اکيون روشن ٿين، تہ اوهان کي خبر پوي تہ هن جو اوهان کي ڪوٺيو آهي، تنهن جي ڪهڙي اُميد آهي، ۽ هن جي ميراث جي جلال جي دولت پاڪ ٿيلن ۾ ڪهڙي آهي؛ 19 ۽ اسان ايمان وارن جي لاءِ هن جي قدرت جي وڏائي، سندس انهيءَ وڏيءَ طاقت جي اثر موجب ڪهڙي نہ بي انداز آهي، 20 جا هن مسيح ۾ ظاهر ڪئي، جڏهن هن کي مُئلن مان جياري، آسماني جاين ۾ پنهنجي ساڄي پاسي ويهاريائين، 21 ۽ هر طرح جي حڪومت، ۽ اختياريءَ، ۽ طاقت، ۽ بادشاهت کان، ۽ سڀ ڪنهن نالي کان مٿي ڪيائين، جو نالو نہ رڳو هن جهان ۾ وٺجي ٿو، پر ايندڙ جهان ۾ بہ ورتو ويندو. 22 ۽ سڀ ڪجهہ هن جي پيرن هيٺ ڪري ڇڏيائين، ۽ کيس ڪل ڪليسيا جو سردار مقرر ڪيائين، 23 جا سندس بدن آهي، ۽ سندس معموري جو هر ڪنهن کي هر طرح سان معمور ٿو ڪري. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society