Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

واعظ 2 - Sindhi Bible

1 مون پنهنجي دل ۾ چيو تہ هاڻي اچ، آءٌ خوشيءَ سان توکي آزمائيندس؛ تنهن ڪري مزا ماڻ: ۽ ڏس اها بہ بيهودگي آهي.

2 کلڻ بابت مون چيو تہ اها چريائي آهي: ۽ خوشيءَ بابت چيم تہ اها ڇا ڪندي؟

3 مون پنهنجي دل ۾ ويچار ڪيو تہ ڪهڙيءَ طرح پنهنجي جسم کي شراب سان خوش رکان، ۽ ساڳئي وقت منهنجي دل ڏاهپ سان منهنجي هدايت ڪري؛ ۽ ڪهڙيءَ طرح آءٌ بي عقليءَ کي قابو ڪريان، جيستائين ڪ ڏسان تہ بني آدم لاءِ ڪهڙو ڪم چڱو آهي، جو هو پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ آسمان جي هيٺان ڪندا رهن.

4 مون پنهنجي لاءِ وڏا وڏا ڪم ڪيا؛ مون پنهنجي لاءِ گهر جوڙيا: مون پنهنجي لاءِ ڊاک جا منهہ لڳايا؛

5 مون پنهنجي لاءِ باغ ۽ بستان بنايا، ۽ انهن ۾ هر قسم جي ميون جا وڻ ويهاريم:

6 مون پنهنجي لاءِ پاڻيءَ جون ڍنڍون جوڙيون، انهي لاءِ تہ انهن مان ٻيلي کي پاڻي اچي، جنهن ۾ وڻ پوکيم:

7 مون ٻانها ۽ ٻانهيون خريد ڪيون، ۽ گهر ڄاول ٻانها بہ هئم؛ چوپائي مال جا گهڻا گلا ۽ ڌڻ بہ منهنجي ملڪيت ۾ هئا، جي يروشلم ۾ مون کان اڳي جيڪي ماڻهو ٿي گذريا هئا تن کان وڌيڪ هئا؛

8 مون پنهنجي لاءِ چاندي ۽ سون، ۽ بادشاهن جو، ۽ پرڳڻن جو خاص خزانو بہ گڏ ڪيو: مون پنهنجي لاءِ ڳائڻ وارا مرد ۽ زالون، ۽ انسان جي عيش عشرت جون شيون، ۽ تمام گهڻيون سريتون بہ گڏ ڪيون.

9 انهي طرح آءٌ وڏو هوس، ۽ يروشلم ۾ مون کان اڳي جيڪي ٿي گذريا هئا تن سڀني کان آءٌ وڌي ويس: ۽ منهنجي ڏاهپ بہ مون ۾ قائم رهندي آئي.

10 ۽ جيڪي منهنجين اکين خواهش ٿي ڪئي سا هنن کان روڪي نٿي رکيم: ۽ نہ پنهنجي دل کان ڪا خوشي روڪي ڇڏيم، ڇالاءِ جو منهنجي دل منهنجي سڄي محنت ڪري ڏاڍي خوش هئي؛ ۽ منهنجي سڄي محنت مان منهنجو حصو اهو هو:

11 تنهن کان پوءِ جيڪي ڪم منهنجي هٿن ڪيا، ۽ جيڪو پورهيو مون محنت ڪري ڪيو هو، تنهن تي مون نظر ڪئي: ۽ ڏسو سڀ بيهودگي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ هو، ۽ سج جي هيٺان ڪوبہ فائدو ڪونہ هو.

12 ۽ آءٌ ڦري ڏاهپ ۽ چريائيءَ ۽ بي عقليءَ کي ڏسڻ لڳس: ڇالاءِ جو جيڪو ماڻهو بادشاهہ کان پوءِ ٿو اچي سو ڇا ڪري سگهندو؟ اهو ئي جيڪي اڳي ڪيو ويو آهي.

13 تنهن کان پوءِ مون ڏٺو تہ ڏاهپ بي عقليءَ کان ايتري قدر بهتر آهي، جيتري قدر روشنائي اونداهيءَ کان بهتر آهي.

14 ڏاهي ماڻهوءَ جون اکيون سندس مٿي ۾ آهن، ۽ بي عقل اونداهيءَ ۾ هلي ٿو: انهي هوندي بہ مون معلوم ڪيو تہ هڪڙي ئي ڳالهہ سڀني سان ٿي ٿئي.

15 تڏهن مون پنهنجي دل ۾ چيو تہ جيئن بي عقل سان ٿو ٿئي تيئن مون سان بہ ٿيندو؛ پوءِ ڇو آءٌ وڌيڪ ڏاهو ٿيس؟ تڏهن مون پنهنجي دل ۾ چيو تہ اها بہ بيهودگي آهي.

16 ڇالاءِ جو جهڙي بي عقل جي تهڙي ڏاهي جي، ڪابہ يادگيري هميشہ لاءِ نہ ٿي رهي؛ جو ڏسجي پيو تہ ايندڙ ڏينهن ۾ سڀيئي وسري ويندا. ڏاهو ماڻهو ڪيئن نہ بي عقل وانگر ٿو مري!

17 تنهن ڪري آءٌ حياتيءَ کي ڌڪارڻ لڳس: ڇالاءِ جو جيڪو ڪم سج جي هيٺان ڪرڻ ۾ ٿو اچي سو مون کي خراب معلوم ٿيو: ڇالاءِ جو سڀ ڪجهہ بيهودگي ۽ واءُ پٺيان ڊوڙڻ آهي.

18 ۽ جيڪو پورهيو مون محنت سان سج هيٺان ٿي ڪيو تنهن سڀ کي آءٌ ڌڪارڻ لڳس: جو ڏٺم تہ اُهو سڀ آءٌ انهي ماڻهوءَ لاءِ ڇڏي ويندس جو مون کان پوءِ ايندو.

19 ۽ ڪنهن کي خبر تہ اهو ڏاهو هوندو يا بي عقل؟ انهي هوندي بہ منهنجو سڄو پورهيو جو محنت سان ڪيو اٿم، ۽ جنهن ۾ مون سج هيٺان ڏاهپ ڏيکاري آهي، سو انهيءَ جي اختيار ۾ رهندو. اها بہ بيهودگي آهي.

20 تنهن ڪري جيڪو پورهيو مون محنت ڪري سج هيٺان ڪيو هو تنهنجي نسبت ۾ آءٌ ڦري پنهنجي دل کي نااُميد ڪرڻ لڳس.

21 ڇالاءِ جو ڪو ماڻهو اهڙو آهي جنهن جو پورهيو ڏاهپ، ۽ علم، ۽ هنر منديءَ سان آهي: انهي هوندي بہ اهو انهي جي حصي جي لاءِ ڇڏيندو جنهن انهي جي ڪرڻ ۾ ڪا بہ محنت نہ ڪئي آهي. اها بہ بيهودگي ۽ هڪڙي وڏي خرابي آهي.

22 ڇالاءِ جو ماڻهوءَ کي سج هيٺان تمام گهڻي محنت ڪري، ۽ پنهنجي دل جي ڪوشش سان ڇا حاصل ٿيو آهي؟

23 ڇالاءِ جو اُن جا سڀ ڏينهن نسورو ڏک آهن، ۽ سندس محنت زحمت آهي: هائو، رات جو بہ ان جي دل کي ڪو آرام نٿو اچي. اها بہ بيهودگي آهي.

24 ماڻهوءَ جي لاءِ انهي کان بهتر ٻي شيءِ ڪانهي تہ هو کائي ۽ پيئي ۽ پنهنجي محنت ۾ پنهنجي روح کي چڱي راحت رسائي. اهو بہ مون ڏٺو تہ سڀ خدا جي طرفان آهي.

25 ڇالاءِ جو ڪير مون کان وڌيڪ کائيندو يا مزا ماڻيندو؟

26 ڇالاءِ جو جنهن ماڻهوءَ مان خدا راضي آهي، تنهن کي هو ڏاهپ، ۽ علم، ۽ خوشي ٿو ڏئي: پر گنهگار کي هو تڪليف ٿو ڏئي تہ هو ميڙي ۽ گڏ ڪري، انهي لاءِ تہ جنهن مان خدا راضي هجي تنهن کي ڏياري. اها بہ بيهودگي آهي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ