واعظ 11 - Sindhi Bible1 پنهنجي ماني پاڻيءَ تي اُڇلائي وجهہ: ڇالاءِ جو گهڻن ڏينهن کان پوءِ اُها تون لهندين. 2 حصو ستن کي بلڪ اٺن کي ڏي؛ ڇالاءِ جو توکي خبر ڪانهي تہ زمين تي ڪهڙي خرابي ٿيندي. 3 جيڪڏهن ڪڪر مينهن سان ڀريل هوندا، تہ اهي پاڻ کي زمين تي خالي ڪندا: ۽ جيڪڏهن ڪو وڻ ڏکڻ ڏانهن يا اُتر ڏانهن ڪري ٿو پوي، تہ جنهن هنڌ اُهو وڻ ڪري ٿو انهي هنڌ اُهو پيو هوندو. 4 جيڪو واءُ لاءِ ويٺو نهاريندو اُهو ٻج نہ پوکيندو؛ ۽ جيڪو ڪڪرن ڏانهن ڌيان ڏيندو سو لڻندو ڪين. 5 جيئن توکي اها خبر ڪانهي تہ واءُ جو رخ ڪهڙو آهي، ۽ نہ اها تہ پيٽ واري زال جي پيٽ ۾ هڏا ڪيئن ٿا وڌن: تيئن توکي خدا جي ڪم جي بہ خبر ڪانهي، جو سڀ ڪجهہ ٿو ڪري. 6 صبح جو پنهنجو ٻج پوک ۽ شام جو پنهنجو هٿ نہ جهل: ڇالاءِ جو توکي خبر ڪانهي تہ ڪهڙو ڪمائتو ٿيندو، هي يا هو، يا اُهي ٻئي هڪ جهڙا چڱا ٿيندا. 7 سچ آهي تہ روشنائي مٺي آهي، ۽ سج کي ڏسڻ اکين جي لاءِ وڻندڙ ڳالهہ آهي. 8 هائو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو گهڻا سال جيئرو رهي تہ ڀلي هو انهن سڀني ۾ خوشي ڪري، پر هن کي اونداهيءَ جا ڏينهن ياد رکڻ کپن، ڇالاءِ جو اُهي گهڻا ٿيندا، جيڪي اچي ٿو سو سڀ بيهودگي آهي. 9 اي جوان، پنهنجي جوانيءَ ۾ خوش رهہ؛ ۽ ڀلي تہ جوانيءَ جي ڏينهن ۾ تنهنجي دل توکي خوش رکي، ۽ تون پنهنجي دل جي مرضيءَ تي هل، ۽ پنهنجي اکين جي نظر تي هل: پر تون ڄاڻ تہ انهن سڀني ڳالهين لاءِ خدا توکي عدالت ۾ آڻيندو. 10 تنهن ڪري پنهنجي دل مان ڏک ڪڍي ڇڏ، ۽ پنهنجي جسم مان بڇڙائي ڪڍي ڦٽي ڪر: ڇالاءِ جو جوانيءَ ۽ حياتيءَ جو ڦوهہ بيهودگي آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society