Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

شريعت جو دور 19 - Sindhi Bible

1 جن قومن جو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تن کي جڏهن خداوند تنهنجو خدا تباهہ ڪري ڇڏيندو، ۽ تون انهن جو وارث ٿيندين، ۽ انهن جي شهر ۽ انهن جي گهرن ۾ رهندين،

2 تڏهن جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا تنهنجي قبضي ۾ ڏئي ٿو، تنهن ۾ ٽي شهر تون پنهنجي لاءِ ڌار ڪج.

3 ۽ تون پنهنجي لاءِ هڪڙو رستو بہ تيار ڪج، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن کي ٽن حصن ۾ ورهائي حدون ٻڌج، تہ هرڪو خوني ڀڄي اتي وڃي.

4 ۽ جيڪو خوني ڀڄي وڃي اتي رهندو، تنهن جي بابت هي حڪم آهي: جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڀل مان ماري وجهي، ۽ اڳي انهي سان ڪابہ دشمني نہ هجيس؛

5 جهڙيءَ طرح ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ سان گڏجي ڪاٺين وڍڻ لاءِ ٻيلي ۾ وڃي، ۽ وڻ وڍڻ لاءِ ڪهاڙو کڻي ڌڪ هڻي، ۽ ڦر ڳن مان نڪري وڃي سندس پاڙيسريءَ کي لڳي، ۽ اهو مري پوي: تہ هو انهن شهرن مان ڪنهن هڪڙي ۾ ڀڄي وڃي تہ جيئرو رهي:

6 انهي لاءِ تہ متان انهي خون جي وير وٺڻ وارو دل جي جوش کان انهي خونيءَ جي پٺيان پوي، ۽ پنڌ پري هئڻ جي ڪري رستي ۾ جهليس، ۽ ڌڪ هڻي ماري وجهيس؛ جيتوڻيڪ اهو شخص موت جي لائق نہ آهي، ڇو جو اڳي انهي سان ڪابہ دشمني ڪانہ هيس.

7 تنهنڪري آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان، تہ تون پنهنجي لاءِ ٽي شهر ڌار ڪري ڇڏج.

8 جيڪڏهن خداوند تنهنجو خدا تنهنجي سرحد وڌائي، جيئن ڪ هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، ۽ اهو سڄو ملڪ توکي ڏئي، جنهن جي ڏيڻ جو هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان واعدو ڪيو هو؛

9 ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن تي جيڪڏهن تون خبرداريءَ سان عمل ڪندين، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪندين، ۽ هميشہ سندس واٽن تي هلندين؛ تہ انهن ٽن شهرن کان سواءِ ٻيا بہ ٽي وڌيڪ شهر مقرر ڪج:

10 انهي لاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن ۾ بيگناهہ جو رت نہ وهايو وڃي، ۽ اهو خون تنهنجي سر تي نہ پوي.

11 پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي سندس پاڙيسريءَ سان دشمني هجي، ۽ هو انهي جي لاءِ وجهہ وٺي ويٺو هجي، ۽ اوچتو اُٿي مٿس حملو ڪري، ۽ ڌڪ هڻي ماري وجهيس؛ ۽ انهن شهرن مان هڪڙي ڏانهن ڀڄي وڃي،

12 تہ پوءِ شهر جا بزرگ انهي کي اُتان گهرائي وٺن، ۽ وير وٺڻ واري جي حوالي ڪن، تہ ڀلي هو ماريو وڃي.

13 تون انهي تي قياس نہ ڪج، پوءِ تون انهيءَ طرح بيگناهہ خون اسرائيل تان ٽاري ڇڏج، تہ تنهنجو ڀلو ٿئي.

14 جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن ۾ پنهنجي پاڙيسريءَ جي حد جا نشان، جيڪي پراڻي وقت کان تنهنجي ورثي جي حصي لاءِ لڳايل آهن، تن کي نہ هٽائج.

15 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪا بڇڙائي ڪري يا ڪو گناهہ ڪري گنهگار ٿئي، تہ انهي جي برخلاف هڪڙي ماڻهوءَ جي شاهدي بس نہ آهي: ٻن يا ٽن شاهدن جي زبانيءَ تي ڳالهہ جو فيصلو ٿيڻ گهرجي.

16 جيڪڏهن ڪو ڪوڙو شاهد ڪنهن ماڻهوءَ جي برخلاف اُٿي چوي، تہ هن ڪو کوٽو ڪم ڪيو آهي،

17 تہ جن ٻن ماڻهن جي وچ ۾ تڪرار هجي، سي انهن ڏينهن ۾ جيڪي ڪاهن ۽ قاضي هجن، تن جي اڳيان خداوند جي حضور ۾ اچي حاضر ٿين؛

18 ۽ اهي قاضي چڱيءَ طرح تحقيقات ڪن: ۽ ڏسو، جي اهو شاهد ڪوڙو هجي، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ جي برخلاف ڪوڙي شاهدي ڀري هجيس؛

19 جيئن هن پنهنجي ڀاءُ سان ڪرڻ گهريو ٿي، تيئن اوهين بہ ساڻس ڪجو: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.

20 ۽ ٻيا ماڻهو اهو ٻڌي ڊڄندا، ۽ تنهنجي وچ ۾ وري اهڙي خرابي نہ ڪندا.

21 ۽ تون انهيءَ تي رحم نہ ڪج؛ جان جي لاءِ جان، اک جي لاءِ اک، ڏند جي لاءِ ڏند، هٿ جي لاءِ هٿ، ۽ پير جي لاءِ پير وٺج.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ