شريعت جو دور 15 - Sindhi Bible1 ستن ستن ورهين کان پوءِ تون ڇوٽڪارو ڏج. 2 انهي ڇوٽڪاري ڏيڻ جو نمونو هي آهي: تہ جنهن جنهن قرض خواہ پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪجهہ اُڌارو ڏنو هجي؛ سو انهي کي ڇڏي ڏي؛ هو انهي جي لاءِ پنهنجي پاڙيسريءَ کان، يا پنهنجي ڀاءُ کان ڪابہ تنگ طلبي نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو خداوند جي نالي انهي ڇوٽڪاري جو اعلان ٿيل آهي. 3 ڌارئي ماڻهوءَ کان تون انهي جي طلب ڪري ٿو سگهين: پر تنهنجي ڀاءُ وٽ جيڪي تنهنجو رهيل هجي انهي تان تون هٿ کڻي ڇڏج. 4 اوهان منجهہ ڪوبہ ڪنگال نہ رهندو؛ (ڇالاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور قبضي ۾ ٿو ڏئي، تنهن ۾ هو ضرور برڪت وجهندو؛) 5 بشرطيڪ تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز ڌيان ڏيئي ٻڌين، ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن سڀني تي خبرداريءَ سان عمل ڪرين. 6 ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا توکي برڪت ڏيندو، جيئن ڪ هن توسان واعدو ڪيو آهي: تون گهڻين قومن کي قرض ڏيندين، پر تون قرض ڪونہ کڻندين؛ تون گهڻين قومن تي حڪومت هلائيندين، پر اهي توتي حڪومت نہ هلائينديون. 7 جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجن ڀائرن منجهان جيڪڏهن ڪو غريب تنهنجي ڳوٺ ۾ تو وٽ رهندو هجي، تہ تون پنهنجي غريب ڀاءُ جي لاءِ پنهنجي دل سخت نہ ڪج، نڪي پنهنجي مٺ بند ڪج؛ 8 پر تون انهي جي لاءِ ضرور پنهنجي مٺ کولج، ۽ جنهن ڪم ۾ جيتري هن کي گهرج هجي، اوترو کيس اُڌارو ڏج. 9 خبردار رهج، متان تنهنجيءَ دل ۾ اهڙو هلڪو خيال اچي تہ ستون سال، يعني ڇوٽڪاري وارو سال ويجهو آهي؛ ۽ تنهنجي نيت تنهنجي انهي غريب ڀاءُ ڏانهن خراب ٿئي، ۽ تون هن کي ڪجهہ بہ نہ ڏين؛ ۽ هو تنهنجي برخلاف خداوند جي حضور ۾ پڪاري، ۽ اهو تنهنجي لاءِ گناهہ ٿئي. 10 تون ضرور هن کي ڏج، ۽ هن کي ڏيڻ وقت دل ۾ ڏک نہ ڪج: ڇالاءِ جو ائين ڏيڻ ڪري، خداوند تنهنجو خدا تنهنجن سڀني ڪمن ۾، جن ۾ تون هٿ وجهندين، تن ۾ توکي برڪت ڏيندو. 11 ڇو جو غريب تہ سدائين ملڪ ۾ هوندا: تنهنڪري آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان تہ تون پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ، ۽ پنهنجي محتاج جي لاءِ، ۽ پنهنجي غريب جي لاءِ، پنهنجي مٺ کليل رکج. 12 جيڪڏهن تنهنجن ڀائرن مان ڪو عبراني مرد يا عبراني زال تو وٽ وڪامي، ۽ اها ڇهہ ورهيہ تنهنجي خدمت ڪري؛ تہ پوءِ ستين ورهيہ تون انهيءَ کي آزاد ڪري ڇڏج. 13 ۽ جڏهن تون انهي کي آزاد ڪري پاڻ وٽان وڃڻ ڏين، تڏهن کيس خالي هٿين وڃڻ نہ ڏج: 14 تون انهي کي پنهنجي ڌڻ مان، ۽ پنهنجي اَن جي کري مان، ۽ پنهنجي شراب جي چيچڙي مان، کليءَ دل سان ڏج: خداوند تنهنجي خدا توکي جيتري برڪت ڏني هجي، تنهن موجب تون بہ هن کي ڏج، 15 ۽ تون ياد رکج تہ تون پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئين، ۽ خداوند تنهنجي خدا توکي ڇڏايو: تنهنڪري آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي هي حڪم ٿو ڏيان. 16 ۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن هو توکي چوي، تہ آءٌ تو وٽان وڃڻ نٿو گهران؛ ۽ هن کي توسان ۽ تنهنجي گهر سان ايترو پيار هجي، جو هو تو وٽ رهڻ ۾ خوش هجي؛ 17 تہ پوءِ تون هڪڙي آر کڻي، انهي جي ڪن مان لنگهائي در ۾ ٽنبج، پوءِ هو هميشہ جي لاءِ تنهنجو غلام ٿيندو، ۽ تون پنهنجي ٻانهيءَ جي لاءِ بہ ساڳيءَ طرح ڪج. 18 جڏهن تون انهي کي آزاد ڪري پاڻ وٽان وڃڻ ڏين، تڏهن ائين ڪرڻ ڏکيو متان سمجهين؛ ڇالاءِ جو هن ڇهن ورهين تائين ٻن مزورن جيتري تنهنجي خدمت ڪئي آهي: ۽ خداوند تنهنجو خدا تنهنجن سڀني ڪمن ۾ برڪت وجهندو. 19 تنهنجن ڍورن ۽ تنهنجن ڌڻن ۾ جيڪي پهريان نر ٻچا هجن، سي تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ ڪري ڇڏج: تون پنهنجي پهرئين ڄاول وهڙي کان ڪو ڪم نہ وٺج، نڪي پنهنجي ڌڻ ۾ پهرئين ڄاول ٻچي جي اُن ڪترج. 20 اهو تون پنهنجي گهراڻي سميت انهيءَ جاءِ تي، جا خداوند تنهنجو خدا چونڊيندو، سال بسال کائيندو رهج. 21 ۽ جيڪڏهن انهي ۾ ڪو عيب هجي، جيئن تہ هو منڊو يا انڌو هجي، يا ٻيو ڪو عيب هجيس، تہ اهو تون خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان قربانيءَ طور پيش نہ ڪج. 22 اهو تون پنهنجن دروازن جي اندر کائج: پاڪ ۽ ناپاڪ ماڻهو، جيئن هرڻ يا هرڻيءَ جو گوشت کائيندا آهن، تيئن هي بہ کائي ٿا سگهن. 23 رڳو انهي جو رت نہ کائج، اهو تون زمين تي پاڻي وانگر هاري ڇڏج. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society