Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

ڪلسين 1 - Sindhi Bible

1 پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب مسيح يسوع جو رسول آهي ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان،

2 انهن پاڪ ٿيلن ۽ مسيح ۾ ايماندار ڀائرن ڏانهن، جي ڪلسيءَ ۾ آهن، اسان جي پيءُ خدا جو فضل ۽ اطمينان شل اوهان تي هجي.

3 اسين هميشہ اوهان جي لاءِ دعا گهُري پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي خدا جا شڪرانا بجا ٿا آڻيون،

4 جو اسان ٻُڌو آهي تہ اوهان بہ مسيح يسوع تي ايمان آندو آهي، ۽ سڀني پاڪ ٿيلن سان اوهين محبت ٿا رکو،

5 انهيءَ اُميد جي ڪري جا اوهان جي لاءِ آسمان ۾ رکيل آهي. ۽ جنهن جو ذڪر اوهان اڳيئي انهيءَ خوشخبريءَ جي سچي ڪلام ۾ ٻُڌو آهي،

6 جو اوهان وٽ آيو آهي؛ جيئن ڪ ساري جهان ۾ ڦل ڏيندو ۽ وڌندو ٿو وڃي. جنهن ڏينهن کان اوهان اُهو ٻُڌو ۽ خدا جي فضل کي سچيءَ طرح معلوم ڪيو، تنهن ڏينهن کان اوهان منجهہ بہ ڦل ڏيندو ۽ وڌندو وڃي ٿو؛

7 جهڙيءَ طرح ڪ اوهان کي اسان جي پياري هم خدمت اپفراس کان تعليم ملي. هو اسان جي پاران مسيح جو ايماندار خادم آهي،

8 جنهن اوهان جي محبت، جا روح ۾ آهي، سا اسان تي ظاهر ڪئي.

9 انهي ڪري جنهن ڏينهن اسان اهو ٻُڌو، تنهن ڏينهن کان وٺي اسين بہ اوهان جي لاءِ هيءَ دعا گهُرڻ ۽ عرض ڪرڻ کان بس نٿا ڪريون، تہ شل اوهين انهي جي مرضيءَ جي علم ڪري، ڪمال روحاني سياڻپ ۽ سمجهہ سان ڀرجي وڃو،

10 انهي لاءِ تہ اوهان جي هلت چلت هر طرح وڻندڙ ۽ خداوند جي لائق ٿئي، ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ ڦلدار ٿئي، ۽ اوهين خدا جي سڃاڻپ ۾ وڌندا وڃو.

11 ۽ سندس جلال جي قدرت موجب، هر طرح جي طاقت سان مضبوط ٿيندا وڃو، تہ خوشيءَ سان صبر ۽ تحمل ڪري سگهو؛

12 ۽ پيءُ جا شڪرانا ڪندا رهو، جنهن اسان کي انهي لائق ڪيو تہ روشنيءَ ۾ پاڪ ٿيلن سان گڏ ورثي جا حصيدار ٿيون.

13 ۽ هن اسان کي اونداهيءَ جي چنبي مان ڇڏائي پنهنجي پياري فرزند جي بادشاهت ۾ آندو؛

14 جنهن ۾ اسان کي نجات، يعني پنهنجي گناهن کان معافي مليل آهي.

15 هو ناديدہ خدا جي صورت ۽ ساري مخلوقات کان اڳي مولود آهي؛

16 ڇالاءِ جو انهي ۾ سڀ ڪجهہ پيدا ڪيو ويو، جهڙو آسمان ۾ تهڙو زمين تي، جيڪي ڏسجي ٿو ۽ جيڪي نٿو ڏسجي، تخت توڙي حڪومتون، رياستون، توڙي طاقتون؛ سڀ ڪجهہ انهي جي وسيلي ۽ انهي جي لاءِ پيدا ٿيو آهي.

17 ۽ اِهوئي سڀني شين کان اڳي آهي، ۽ انهي ۾ سڀ شيون قائم آهن.

18 ۽ اهوئي بدن جو، يعني ڪليسيا جو سر آهي: اهو ئي منڍ آهي، ۽ اهو ئي پهريون شخص آهي جو مُئلن منجهان جي اُٿيو؛ انهي لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ هن کي اول درجو هجي.

19 ڇالاءِ جو پيءُ جي اها مرضي هئي تہ ساري ڀرپوري منجهس رهي؛

20 ۽ سندس رت جو صليب تي وهايو ويو، تنهن جي وسيلي صلح ڪري سندس معرفت سڀني شين جو پاڻ سان ميل ميلاپ ڪري، پوءِ اُهي شيون زمين تي هجن خواهہ آسمان ۾.

21 ۽ انهيءَ ۾ هن سندس جسماني بدن ۾ موت جي وسيلي اوهان سان ميل ميلاپ ڪيو آهي،

22 جي اڳي کانئس ڇڄي ڌار ٿي پيا هئا، ۽ پنهنجن بڇڙن ڪمن جي ڪري پنهنجيءَ دل ۾ دشمن ٿي پيا هئا، تن کي بہ هاڻي پنهنجي جسماني بدن ۾، موت جي وسيلي آڻي ملايو اٿس، انهي لاءِ تہ هو اوهان کي پاڪ، ۽ بي عيب، ۽ بي ڏوهہ بنائي، پنهنجي حضور ۾ حاضر ڪري؛

23 بشرطيڪ اوهين ايمان ۾ مضبوط ۽ قائم رهو، ۽ جيڪا خوشخبري اوهان ٻُڌي آهي، تنهن جي اُميد ڇڏي نہ ڏيو، جنهن جي منادي آسمان جي هيٺان ساري زمين تي ڪل مخلوقات ۾ ڪئي ويئي آهي، ۽ آئون پولس انهي جو خادم آهيان.

24 هاڻي آئون اوهان جي خاطر پنهنجن ڏکن ۾ خوش ٿو رهان، ۽ مسيح جي مصيبتن جي ڪمي سندس بدن، يعني ڪليسيا جي لاءِ پنهنجي بدن ۾ پوري ٿو ڪريان.

25 جنهن جو آئون خادم مقرر ٿيس، خدا جي انهي انتظام موجب، جو اوهان جي واسطي مون کي ڏنو ويو؛ انهي لاءِ تہ آئون خدا جي ڪلام جي منادي پوري طرح ڪريان،

26 يعني اُهو ڳُجهو راز جو سڀني زمانن ۽ پيڙهين کان پوشيدہ رهيو؛ پر هاڻي سندس پاڪ ٿيلن تي ظاهر ڪيو ويو آهي.

27 جن تي خدا اهو ظاهر ڪرڻ گهُريو تہ غير قومن ۾ انهي راز جي جلال جي دولت ڪهڙي آهي، تہ مسيح جو جلال جي اُميد آهي سو اوهان ۾ رهي ٿو.

28 جنهن جي منادي ڪري اسين سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي نصيحت ٿا ڪريون، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پوري دانائيءَ سان تعليم ٿا ڏيون، انهي لاءِ تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي اسين مسيح ۾ ڪامل ڪري پيش ڪريون.

29 انهي لاءِ آئون بہ سندس انهيءَ قدرت موافق سرگرميءَ سان محنت پيو ڪريان، جا مون ۾ تمام گهڻو اثر ٿي ڪري.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ