Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

سنتن جا ڪم 28 - Sindhi Bible

1 ۽ جڏهن اسين بچي نڪتاسين، تڏهن معلوم ٿيو تہ انهي ٻيٽ جو نالو مليطي آهي.

2 ۽ اُتي جي جهنگلي ماڻهن اسان تي ڏاڍي مهرباني ڪئي، جو مينهن ۽ سيءَ جي ڪري باهہ ٻاري اسان جي خاطرداري ڪيائون.

3 پر جڏهن پولس ڪاٺين جي ڀري گڏ ڪري باهہ ۾ ٿي وڌي، تڏهن هڪڙو نانگ گرمائش جي ڪري نڪري آيو ۽ هن جي هٿ کي چنبڙي پيو.

4 جڏهن جهنگلين اها بلا هن جي هٿ مان لڙڪندي ڏٺي، تڏهن هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ بيشڪ هيءُ ماڻهو خوني آهي، ۽ جيتوڻيڪ سمنڊ کان بچي نڪتو آهي، تہ بہ انصاف هن کي جيئرو رهڻ نٿو ڏئي.

5 پر هن اها بلا اُڇلائي باهہ ۾ ڇنڊي ڇڏي، ۽ کيس ڪوبہ ايذاءُ ڪونہ پهتو.

6 پر هنن ڀانئيو تہ هيءُ سُڄي پوندو، يا اوچتو ڪِري مري ويندو، پر گهڻي وقت تائين اهو انتظار ڪڍيائون ۽ ڏٺائون تہ هن کي ڪي بہ ڪين ٿيو، تڏهن ٻيو خيال ڪيائون، ۽ چوڻ لڳا تہ هي ڪو ديوتا آهي.

7 هاڻي انهي هنڌ جي ويجهو پبلوس جي زمين هئي، جو اُنهي ٻيٽ جو سردار هو؛ سو اسان کي پنهنجي گهر وٺي ويو ۽ ڏاڍي مهرباني ڪري ٽي ڏينهن اسان جي مهماني ڪيائين.

8 ۽ هيئن ٿيو جو پبلوس جو پيءُ تپ ۽ پيچش جي ڪري بيمار پيو هو: تنهن وٽ پولس لنگهي ويو، ۽ دعا گهُري مٿس هٿ رکي کيس ڇُٽايائين.

9 جڏهن ائين ٿيو، تڏهن انهي ٻيٽ ۾ باقي ٻيا جيڪي بيمار هئا، سي بہ آيا ۽ هو بہ چڱا ڀلا ڪيا ويا.

10 اُنهن بہ اسان کي گهڻو مانُ ڏنو؛ ۽ جڏهن روانا ٿي ٿياسين، تڏهن جيڪي گهُربو هيوسين، سو جهاز تي آڻي رکيائون.

11 ۽ ٽن مهينن کانپوءِ سڪندريہ جي هڪڙي جهاز تي چڙهي اسين روانا ٿياسين. انهيءَ جهاز سڄو سيارو انهي ٻيٽ ۾ گذاريو هو، ۽ اُن جو نشان ”ڊئيسڪوري“ يعني جاڙا ديوتا هو.

12 جڏهن سوراڪوسا ۾ اچي پهتاسين، تڏهن ٽي ڏينهن اُتي رهي پياسين.

13 ۽ اُتان ڦيرو ڏيئي ريگيوم ۾ آياسين: ۽ هڪڙي ڏينهن کانپوءِ ڏکڻ لڳو، ۽ ٻئي ڏينهن اسين پتيوليءَ ۾ آياسين.

14 جتي ڪن ڀائرن کي گڏياسين، جن اسان کي زور ڪري هفتو کن پاڻ وٽ ٽڪائي ڇڏيو، سو نيٺ روما ۾ پهتاسين.

15 اتي ڀائرن اسان جي اچڻ جو ٻُڌو؛ ۽ اسان کي گڏجڻ لاءِ اپيوس جي چونڪ ۾ ٽن سراين تائين آيا؛ جن کي ڏسي پولس خدا جو شڪر ڪيو، ۽ خاطر جمع ٿيس.

16 ۽ جڏهن روم ۾ پهتاسين، تڏهن پولس کي خلاصو رهڻ جي موڪل ملي، پر هڪڙو سپاهي مٿس پهرو ڏيندو هو.

17 ۽ هيئن ٿيو جو ٽن ڏينهن کانپوءِ هن يهودين جي مکيہ ماڻهن کي پاڻ وٽ گهُرايو: ۽ جڏهن اهي اچي گڏ ٿيا، تڏهن انهن کي چيائين تہ اي ڀائرو، جيتوڻيڪ مون اُمت يا اباڻين رسمن جي برخلاف ڪجهہ نہ ڪيو هو، تہ بہ يروشلم مان قيد ڪرائي مون کي رومين جي حوالي ڪيو اٿن.

18 جڏهن انهن منهنجي دريافت ڪئي، تڏهن مرضي هُين تہ ڇڏي ڏيونس، جو موت جي سزا جو قصور مون ۾ ڪونہ هو.

19 پر جڏهن يهودي انهي جي برخلاف ڳالهائڻ لڳا، تڏهن لاچار ٿي مون قيصر وٽ اپيل ڪئي؛ نہ اِنهي لاءِ تہ مون کي پنهنجي قوم تي ڪو الزام هڻڻو هو.

20 هاڻي انهي مطلب لاءِ مون اوهان کي گهُرايو آهي تہ آئون اوهان سان گڏجان، ۽ اوهان سان ڳالهہ ٻولهہ ڪريان: ڇالاءِ تہ جيڪا اسرائيل جي اُميد آهي، تنهن جي ڪري ئي مون کي هن زنجير ۾ ٻَڌو اٿن.

21 تڏهن هنن چيس تہ نڪي اسان کي يهوديہ مان تنهنجي بابت خط پٽ آيو آهي، نڪي ڀائرن مان ڪنهن هتي اچي خبر ڏني آهي، يا ڪا بري ڳالهہ ڪئي آهي.

22 پر چڱو ٿيندو تہ جيڪي تنهنجا خيال آهن، سي اسان کي ٻُڌاءِ: باقي هن فرقي جي بابت اسان کي خبر آهي تہ جتي ڪٿي انهي جي گلا آهي.

23 ۽ جڏهن انهن ساڻس هڪڙو ڏينهن ٺهرايو، تڏهن گهڻائي گڏ ٿي سندس رهڻ واري هنڌ آيا، پوءِ هو خدا جي بادشاهت بابت شاهدي ڏيئي، ۽ يسوع جي بابت موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي ڪتابن مان دليل ڏيئي، صبح کان وٺي شام تائين کين سمجهائيندو رهيو.

24 ۽ ڪن اهي ڳالهيون مڃيون ۽ ڪن ڪين مڃيون.

25 ۽ هو پاڻ ۾ هڪ راءِ نہ ٿيا ۽ وڃڻ تي هئا، پر تنهن کان اڳي پولس هيءَ هڪڙي ڳالهہ چين، تہ پاڪ روح يسعياہ نبيءَ جي معرفت اوهان جي ابن ڏاڏن کي چڱو چيو،

26 تہ ”تون اُنهيءَ اُمت وٽ وڃ ۽ چئين تہ اوهين ڪنن سان ٻُڌندا، ۽ ڪنهن بہ طرح سمجهندا ئي ڪين؛ ۽ اکين سان ڏسندا پر پروڙيندا ئي ڪين.

27 ڇالاءِ جو هن اُمت جي دل ڪُند ٿي پيئي آهي، ۽ سندن ڪَن گهٻرا ٿي پيا آهن، ۽ پنهنجيون اکيون پوري ڇڏيون اٿن، انهي لاءِ تہ متان پنهنجين اکين سان پروڙي وٺن، ۽ پنهنجن ڪنن سان ٻُڌي وٺن، ۽ ڦري اچن، تہ آئون کين شفا ڏيان.“

28 سو اوهان کي معلوم هجي، تہ هي خدا جو ڇوٽڪارو غير قومن وٽ موڪليو ٿو وڃي؛ ۽ اُهي ٻُڌندا.

29 (۽ جڏهن هو اهي ڳالهيون ڪري چڪو، تڏهن يهودي هڪ ٻئي سان گهڻو بحث ڪندا هليا ويا.)

30 ۽ هو پورا ٻہ ورهيہ پنهنجي مسواڙ واري گهر ۾ رهندو آيو، ۽ جيڪي وٽس ايندا هئا، تن سان گڏبو هو.

31 ۽ ڪنهن بہ رنڊڪ کانسواءِ ڏاڍيءَ همت سان هو خدا جي بادشاهت جي منادي ڪندو ۽ خداوند يسوع مسيح بابت تعليم ڏيندو رهيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ