Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -

3.يوحنا 1 - Sindhi Bible

1 هن بزرگ جي طرفان پياري گايس ڏانهن، جنهن کي آئون دل و جان سان پيار ٿو ڪريان.

2 اي پيارا، آئون دعا ٿو گهُران تہ تو سان هميشہ خير هجي ۽ تون تندرست رهين: آئون ڄاڻان ٿو تہ روح ۾ تون خوش آهين.

3 ڇالاءِ تہ جنهن سچائيءَ جي تون پيروي پيو ڪرين، تنهن جي شاهدي، جڏهن ڀائرن اچي ڏني، تڏهن مون کي ڏاڍي خوشي ٿي.

4 منهنجي لاءِ انهي کان وڌيڪ ٻي خوشي ڪانهي تہ آئون پنهنجن ٻارن بابت ٻُڌان تہ اهي سچ جي پيروي پيا ڪن.

5 اي پيارا، جيڪي ڀائر تو وٽ مسافر طور ٿا اچن، تن کي جيتوڻيڪ تون سڃاڻين ڪونہ، تہ بہ جيڪي تون ڪرين ٿو سو ايمان جو ڪم آهي.

6 انهن ڪليسيا جي اڳيان تنهنجي پيار جي شاهدي ڏني آهي. تون اُنهن کي اهڙيءَ طرح سفر تي روانو ڪر، جهڙيءَ طرح خدا جي خدمت جي لائق آهي.

7 ڇالاءِ جو هو انهي جي نالي جي واسطي نڪري پيا ۽ غير قومن کان ڪي بہ ڪين ورتائون.

8 تنهنڪري اسان کي گهرجي تہ اهڙن جون گهُرجون پوريون ڪريون، تہ سچائيءَ ۾ سندن هم خدمت ٿيون.

9 مون ڪليسيا ڏانهن ڪي ڪجهہ لکيو هو؛ پر دياترفيس، جو هنن ۾ وڏو ٿيڻ ٿو گهُري، سو اسان کي قبول نٿو ڪري.

10 تنهنڪري جي آئون آيس تہ جيڪي ڪم هو ڪري ٿو، سي اچي ظاهر ڪندس، تہ ڪيئن هو اسان جي برخلاف خراب ڳالهيون ٿو بڪي. ۽ ايتري تي بہ راضي نہ آهي پر پاڻ ڀائرن کي قبول نٿو ڪري، ۽ جيڪي قبول ڪرڻ گهُرن ٿا تن کي بہ منع ٿو ڪري، ۽ ڪليسيا مان ڪڍيو ڇڏي.

11 اي پيارا، برائيءَ جي پيروي نہ ڪر، پر چڱائي ڪر. جيڪو نيڪي ٿو ڪري، سو خدا مان آهي؛ جيڪو بدي ٿو ڪري، تنهن خدا کي ڏٺو ئي ڪينهي.

12 دميتريس بابت سڀيئي ماڻهو ۽ خود حق بہ شاهدي ٿو ڏئي، بلڪ آئون بہ شاهدي ٿو ڏيان، ۽ تون ڄاڻين ٿو تہ منهنجي شاهدي سچي آهي.

13 مون کي گهڻيون ئي ڳالهيون تو ڏانهن لکڻيون هيون، پر مَس ۽ قلم سان اهي لکڻ نٿو گهُران:

14 پر اُميد اٿم تہ سگهو ئي اچي توکي گڏبس ۽ پاڻ ۾ روبرو ڳالهيون ڪنداسين.

15 شل توکي اطمينان حاصل ٿيندو رهي. دوست توکي سلام ٿا ڏين. دوستن کي نالي وار سلام ڏج.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:



ကြော်ငြာတွေ